عمران سميت قيد سياسي اڳواڻن ووٽ ڪاسٽ ڪيو، بشريٰ نه ڪري سگهي

راولپنڊي (م ڊ) اڊيالا جيل ۾ قيد اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ ٻئي مشهور سياسي شخصيتن پوسٽل بيلٽ جي ذريعي ووٽ ڪاسٽ ڪري ڇڏيو. رپورٽ موجب اڳوڻي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي،  پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي، عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد ۽ اڳوڻي اطلاعات واري وفاقي وزير فواد چوڌري سميت ٻين سياسي شخصيتن جيل ۾ پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪيو. جڏهن ته عمران خان جي گهر واري بشريٰ بي بي ووٽنگ ۾ حصو نه وٺي سگهي ڇو ته  ان جي سزا ۽ گرفتاري پوسٽل ووٽنگ جو عمل مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ٿي هئي. گڏيل طور تي ڏٺو وڃي ته اڊيالا جيل ۾ 100 کان وڌيڪ ڪجهه قيدين ووٽ وڌو جڏهن ته جيل ۾ موجود 7 هزار قيدين جو صرف  هڪ سيڪڙو آهي. ذريعن موجب جيل انتظاميه صرف اهڙن قيدين کي ووٽ ڏيڻ جي اجازت ڏني جن جو سڃاڻپ ڪارڊ ڪمپيوٽرائيزڊ هو جڏهن ته گهٽ ٽرن آئوٽ جي ڪري قيدين جي وڏي انگ وٽ اصل سڃاڻپ ڪارڊ موجود نه هو. جيل جي سينئر اختيارين ٻڌايو ته جيل ۾ ڏوهاري، ڦورو، چور، خوفناڪ ڏوهن ۾ ملوث سزا ماڻيندڙ ڏوهاري ۽ اهي جوابدار قيد آهن جن جا ڪيس عدالت ۾ هلي رهيا آهن. هن چيو ته ڪيترن ئي ڏوهارين پنهنجي سڃاڻپ لڪائڻ جي لاءِ سڃاڻپ ڪارڊ پاڻ سان گڏ ناهي رکيو. جڏهن ته جن جوابدارن تي ڪيس هلي رهيا آهن انهن جا سڃاڻپ ڪارڊ ٿاڻن ۾ هوندا آهن. جيل ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته بشريٰ بي بي به پوسٽل بيلٽ ذريعي ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ چاهيو ٿي پر پوسٽل بيلٽ جو عمل مڪمل ٿيڻ جي ڪري ان جي درخواست تي عمل نه ٿي سگهيو. بشريٰ بي بي جي ترجمان مشعال يوسفزئي تصديق ڪئي ته اڳوڻي وزيراعظم جي گهر واري کي پوسٽل بيلٽ ذريعي ووٽ ڏيڻ جي سهوليت ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو آهي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.