ٿر جي ٻن قومي ۽ چئن صوبائي تڪن تي پ پ اميدوارن کي سرسي،جيالن جو جشن

مٺي(رپورٽ:غازي بجير)ٿر جي ٻن قومي ۽ چئن صوبائي تڪن تي پ پ اُميدوارن کي سرسي،جيالن جي ڪئمپن ۾ جشن،رهيل نتيجا رُڪجي ويا،ننگرپارڪر ۽ ڇاڇري جي ڳوٺن ۾ جهيڙن جا اطلاع،خبرموجب:ٿرپارڪر ضلعي  جي ٻن قومي اسيمبلي جي سيٽن ۽ چئن صوبائي سيٽن تي غيرحتمي ۽ غيرسرڪاري نتيجن مطابق پ پ اُميدوارن کي جي ڊي اي اُميدوارن تي سرسي حاصل آهي، اين اي 215 مٺي-اسلام ڪوٽ ۽ ڏيپلو جي ٽوٽل 401 پولنگ اسٽيشنن مان 195 پولنگ اسٽيشنن جي نتيجن موجب پ پ اُميدوار ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي 78821 ووٽ کڻي پهرين نمبر تي پهتل آهي ۽ جي ڊي اي جو اُميدوار ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم 56578 ووٽ کڻي ٻي نمبر تي هو،جڏهن ته پي ايس 54 اسلام ڪوٽ تي 194 پولنگ اسٽيشنن مان 41 پولنگ اسٽيشنن تان مليل غيرسرڪاري نتيجن موجب پ پ اُميدوار فقير شيرمحمد بلالاڻي 15146 ووٽ کڻي پهرين نمبر تي آهي ۽ جي ڊي اي اُميدوار ارباب توڳاچي فواد رزاق 9199 ووٽ کڻي ٻي نمبر تي هو،لجپت سوراڻي ٽيون نمبر تي هو،هوڏانهن اين اي 214 ڇاڇرو ۽ ننگرپارڪر جي 98 پولنگ اسٽيشن کان مليل نتيجن مطابق پ پ اُميدوار پير امير علي شاهه جيلاني 44228 کڻي پهرين نمبر تي آهي،مقابلي ۾ جي ڊي اي اميدوار عبدالرزاق راهمون 20975 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي ۽ پي ٽي آءِ جو آزاد اُميدوار زين قريشي 7703 ووٽ کڻي ٽين نمبر تي آهي،پي ايس 52 ڇاڇري67 پولينگ اسٽيشن جي غيرسرڪاري نتيجي موجب پ پ اميدوار دوست محمد راهمون 41389 ووٽ کڻي پهرين نمبر تي ۽ مقابلي ۾ جي ڊي اي اميدوار شيرخان سميجو 8072 ووٽ کڻي ٻي نمبر تي آهي،هوڏانهن پي ايس 53 ننگرپارڪر جي 52 پولنگ اسٽيشن تي  پ پ اميدوار قاسم سومرو 18433 ووٽ کڻي اڳتي آهي ۽ جي ڊي اي اميدوار ارباب انور 15791 ووٽ کڻي ٻي نمبر تي آهي،پ پ اميدوار قاسم سراج سومرو کي 2642 ووٽ جي سرسي آهي،هوڏانهن پي ايس 55 تي پ پ اُميدوار تقريبن پولنگ اسٽيشنن تان وڏي ليڊ کڻي پهرين نمبر تي ۽ مقابلي ۾ جي ڊي اي اُميدوار ارباب ذڪاءُ الله نمبر ۽ آزاد اُميدوار محمد خان لنڊ ٽين نمبر تي آهي،ٻي پاسي سمورن تڪن جي باقي رهيل پولنگ اسٽيشنن جا نتيجا رات دير بعد اچڻ بند ٿي ويا هئا،ننگرپارڪر جي مختلف پولنگن تي جهيڙن جا اطلاع ملي رهيا هئا، ،هوڏانهن هڪ پولنگ عملي تي ڪم ڪندڙ اُستاد ڀرت جئپال فيسب وال تي پوسٽ ڇڏيندي لکيو هو ته اسان کان پولنگ جو سامان ڦُرڻ لاءِ پويان هٿياربند لڳل آهن.مبارڪ رند وٽان اسان جو هٿياربند پيڇو ڪري رهيا آهن،مدد ڪئي وڃي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.