حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ ٽن قومي ۽ 6 صوبائي اسيمبلي جي تڪن تي ٿيل چونڊن ۾ غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب پاڪستان پيپلزپارٽي کي هڪ قومي ۽ ٻن صوبائي اسيمبلي جي سيٽن تي سرسي حاصل هئي، قومي اسيمبلي جي سيٽ تي طارق شاھه ڄاموٽ ۽ ٻن صوبائي اسيمبلي جي سيٽن تي شرجيل انعام ميمڻ ۽ ڄام خان شورو کي سرسي حاصل هئي، هڪ صوبائي اسيمبلي جي تڪ پي ايس 62 تي پيپلزپارٽي، ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آئي جي حمايت يافته آزاد اميدوار ۾ ڪانٽي جو مقابلو هو. اهڙي طرح رات دير تائين ملندڙ پولنگ اسٽيشنن جي نتيجن موجب شهري علائقن تي مشتمل ٻن قومي تڪن اين اي 219 ۽ 220 ۽ 3 صوبائي پي ايس 64،65 ۽ 63 اسيمبلي جي سيٽن تي پي ٽي آءِ جي حمايت يافته آزاد اميدوارن کي سرسي حاصل هئي، ٻئي نمبر تي ايم ڪيو ايم پاڪستان جا اميدوار هئا. هي خبر رپورٽ ڪرڻ تائين اين اي 218 قاسم آباد ۽ ٻھراڙي حيدرآباد تي اصل مقابلو پ پ اميدوار طارق شاھه ڄاموٽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ آهي، اين 219 تي پي ٽي آءِ جي حمايت يافته آزاد اميدوار مستنصر بلا کي سرسي حاصل هئي، هن تڪ تي پ پ اميدوار علي محمد سھتو ۽ ايم ڪيو ايم جي عبدالعليم خانزادو، جماعت اسلامي جي اميدوار معراج الھديٰ صديقي سميت ٻيا اميدوار ميدان تي لٿل هئا، اين اي 220 سٽي تي پڻ پي ٽي آئي جي حمايت يافته آزاد اميدوار فيصل مغل کي سرسي حاصل هئي، هن تڪ تي پ پ وسيم راجپوت ۽ ايم ڪيو ايم جي سيد وسيم حسين، جماعت اسلامي جو ظاهر مجيد ۽ ٻيا اميدوار چونڊن جي ميدان تي آهن، قاسم آباد جي صوبائي تڪ پي ايس 60 تي پ پ جي ڄام خان شورو ۽ جي ڊي اي جي اياز لطيف پليجو وچ ۾ مقابلو هو، جتي پ پ اميدوار ڄام خان شورو کي سرسي حاصل هئي، پي ايس 61 ٻھراڙي تي شرجيل ميمڻ وڏي ليڊ سان اڳتي هو، پي ايس 62 لطيف آباد تي پ پ اميدوار جبار خان ۽ ايم ڪيو ايم اميدوار صابر قائمخاني سميت ٻين اميدوارن ۾ ڪانٽي جو مقابلو ٿيو، ٻهراڙي وارين پولنگ اسٽيشنن تي پ پ اميدوار کي سرسي حاصل هئي، جڏهن ته شهري علائقن وارن تڪن تي ايم ڪيو ايم ۽ آزاد اميدوار کي سرسي حاصل هئي. پي ايس 63 لطيف آباد تي پڻ ايم ڪيو ايم ڪامران شفيق، پيپلزپارٽي صنم ٽالپر، آزاد اميدوار ۽ مذهبي جماعتن جي اميدوارن وچ ۾ مقابلو هو، پي ايس 64 سٽي تي پ پ جو عاجز ڌامراهه، ايم ڪيو ايم راشد خان، آزاد ۽ مذهبي جماعتن جي اميدوارن وچ ۾ مقابلو هو، پي ايس 65 سٽي تي پڻ آزاد، ايم ڪيو ايم جو ناصر قريشي، پيپلزپارٽي جو فريد قريشي ۽ مذهبي جماعتن جي اميدوارن ۾ وڏو دنگل هو. مجموعي طور تي شهري علائقن تي مشتمل ٻن قومي ۽ 3 صوبائي اسيمبلي جي سيٽن تي صورتحال واضح نه ٿي سگهي هئي، هنن تڪن تي پي ٽي آئي جي حمايت يافته آزاد اميدوار، ايم ڪيو ايم، پيپلزپارٽي ۽ مذهبي جماعتن جي اميدوارن ۾ وڏو دنگل نظر اچي رهيو هو، انهن تڪن تي وڏي اپ سيٽ ٿيڻ جا پڻ امڪان هئا.