انٽرنيٽ بند ٿيڻ سبب ڌانڌلي جو خدشو آهي، جماعت اسلامي جو اي سي پي کي خط

ڪراچي (م ڊ) جماعت اسلامي جي ڪراچي اليڪشن سيل انچارج طرفان اليڪشن ڪمشنر سنڌ کي خط لکيو ويو آهي. جماعت اسلامي خط  ۾ چيو آهي ته انٽرنيٽ ۽ موبائل سروس بند ڪرڻ سان ڌانڌلي جو خدشو وڌي ويو آهي.  خط ۾ جماعت اسلامي خدشو ظاهر ڪيو آهي ته موبائيل فون سروس بند ڪرڻ هڪ وڏي سازش جي نشاندهي آهي. خط ۾ چيو ويو ته پولنگ اسٽيشنن جو وڏو انگ آهي جتي پولنگ شروع ناهي ٿي سگهي. جماعت اسلامي جي خط موجب ووٽر قطارن ۾ بيٺل رهيا ۽ پولنگ اسٽيشنن تي عملو نه هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.