ايمنسٽي انٽرنيشنل پاران چونڊن کان اڳ ملڪ ۾ پرتشدد واقعن ۽ سياسي پابندين تي ڳڻتي ظاهر

اسلام آباد (م ڊ) ايمنسٽي انٽرنيشنل بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ چونڊ اميدوارن ۽ سياسي پارٽين جي آفيسن، رهائشگاهن ۽ چونڊ قافلن تي حملن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. ايمنسٽي انٽرنيشنل ايڪس (اڳوڻي ٽوئيٽر) تي پنهنجي اڪائونٽ تي لکيو ته چونڊن کان اڳ پر تشدد واقعن، مظاهرن ۽ گڏجاڻين تي پابندي تي ڳڻتي آهي. ايمنسٽي انٽرنيشنل موجب پارٽي ڪارڪنن ۽ اميدوارن کي هراسان ۽ گرفتار ڪيو پيو وڃي، ميڊيا ۽ انٽرنيٽ تي پابندي لڳائي وئي آهي ۽ مخالفن خلاف بنا ڪنهن قانوني ڪارروائي جي ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن. ايمنسٽي انٽرنيشنل نگران حڪومت تي زور ڀريو ته هو چونڊن دوران ۽ بعد ۾ انساني حقن جي ذميوارين جي تعميل کي يقيني بڻائي. تنظيم طرفان مطالبو ڪيو ويو آهي ته انٽرنيٽ تائين بنا ڪنهن وقفي جي پهچ کي يقيني بڻايو وڃي، ميڊيا تي پابندين کي هٽايو وڃي ۽ عوامي گڏجاڻين ۽ احتجاجن تي لڳل پابنديون ختم ڪيون وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.