لاهور (م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته جيڪڏهن عام چونڊن ۾ سادي اڪثريت ملي ته نواز شريف وزيراعظم جو اميدوار هوندو. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف چيو ته پاڪستاني عوام جي قربانين سبب دهشتگردي جو تقريبن خاتمو ٿي چڪو آهي، پر 3 سال اڳ ڪي اهڙا فيصلا ڪيا ويا، جن دهشتگردن کي ٻيهر کر کڻڻ جو موقعو ڏنو. شهباز شريف چيو ته الله جي فضل سان اسان پاڪستان کي ڊفالٽ ٿيڻ کان بچايو آهي، اڄ عوام فيصلو ڪندو ته ملڪ ۾ ڪهڙي پارٽي حڪومت ٺاهيندي. هن چيو ته اسان کي ڪنهن ٻئي آءِ ايم ايف پروگرام ۾ وڃڻو آهي، اسان کي وڏا فيصلا ڪرڻا آهن. شهباز شريف کان سوال ڪيو ويو ته جيڪڏهن کيس سادي اڪثريت ملي ته نواز شريف، ٻي صورت ۾ توهان وزيراعظم هوندا؟ ان جو جواب ڏيندي شهباز شريف چيو ته جيڪڏهن چونڊن ۾ سادي اڪثريت حاصل ٿي ته نواز شريف ئي وزيراعظم جو اميدوار هوندو، پر جيڪڏهن سادي اڪثريت نه ملي ته پوءِ وزيراعظم جو فيصلو مشاورت سان ڪيو ويندو.