لاڙڪاڻو (س ر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اليڪشن 2024 کان هڪ ڏينهن اڳ ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري.بلاول ڀٽو زرداري شهيد محترمه بينظير ڀٽو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد مير شاهنواز ڀٽو ۽ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي قبرن تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي. بلاول ڀٽو زرداري شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي گهرواري محترمه امير شيرين بيگم جي مزار تي حاضري ڀري فاتحه خواني ڪئي. بلاول ڀٽو زرداري 18 آڪٽوبر 2007 جي گمنام شهيدن جي قبرن تي حاضري ڀري فاتحه خواني پڻ ڪئي.
-
ڪراچي ۾ برسات جماعت اسلامي جي مقبوليت وڌائي ڇڏي: تجزئي نگار
ڪراچي(م ڊ) تجزيه نگارن بلدياتي چونڊن وانگر 8 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ به جماعت اسلامي کي ڪراچي جي مقبول ترين جماعت قرار ڏنو آهي. حامد مير چيو ته جماعت اسلامي جي دعويٰ آهي ته پلس ڪنسلٽنٽ جي تازي سروي ۾ جماعت اسلامي ڪيترن ئي حلقن ۾ مٿي وڃي رهي آهي، جنهن جو هڪ سبب تازو برساتون ۽ سوشل ميڊيا تي سندن حق ۾ مهم به آهي. شاهزيب خانزادا چيو ته شهرين جي اوليت جماعت اسلامي آهي، پي ٽي آءِ يا ٻي پارٽي نه آهي. مظهر عباس چيو ته ڪراچي ۾ تازين برساتن جو فائدو جماعت اسلامي کي ٿيندو، جماعت اسلامي ٻه ٽي سال اڳ پنهنجي حڪمت عملي تبديل ڪري ڪراچي تي ڌيان ڏنو. جماعت جي سموري سياست هن وقت حافظ نعيم جي چوڌاري گهمي ٿي. سهيل وڙائچ چيو ته جماعت هن ڀيري مقامي قيادت کي اجاگر ڪري رهي آهي . پهريون ڀيرو پنهنجي چونڊ مهم ۾ مرڪزي قيادت بدران مقامي اڳواڻن ۽ اميدوارن کي اجاگر ڪيو آهي. ان ڪري توهان کي گوادر ۾ هدايت الرحمان يا ڪراچي ۾ حافظ نعيم الرحمان جا نالا ۽ تصويرون نظر اينديون .
-
پولنگ اندر پوليس، رينجرز ۽ فوج جا اهلڪار مقرر نه ٿيندا : حارث نواز
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي نگران گهرو وزير برگيڊيئر (ر) حارث نواز شهر جي مختلف انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنن جو دورو ڪيو ۽ سيڪيورٽي انتظامن جو جائزو ورتو، هن ڊي جي سائنس ڪاليج (برنس روڊ) ۽ غلامان عباس اسڪول (ماڙيپور روڊ) تي قائم ڪيل پولنگ اسٽيشنن جو دورو ڪيو. نگران گهرو وزير سي ايم ايس بوائز اسڪول نپئير روڊ تي چونڊ سامان پهچائڻ جي سلسلي ۾ قائم ڪيل سينٽر جو پڻ دورو ڪيو. هن چيو ته الڪيشن ڪميشن پاران جاري ڪيل ضابطه اخلاق ۽ ايس او پيز تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ ۽ پرامن چونڊون ڪرائڻ نگران حڪومت جي اولين ترجيح آهي، هن عوام کي اپيل ڪئي آهي ته هو پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان تعاون ڪن ۽ ڪنهن به شڪي سرگرمي جي معلومات فوري ڏين. هن وڌيڪ چيو ته هوائي فائرنگ ۽ هٿيارن جي نمائش کي برداشت نه ڪيو ويندو ۽ قانون هٿ ۾ کڻڻ وارن جي خلاف فوري طور تي ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي.
-
ڪراچي ۾ 3038 پولنگ اسٽيشنون انتهائي حساس قرار
ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ پولنگ اسٽيشنون قائم ڪرڻ لاءِ 2779 عمارتون حاصل ڪيون ويون آهن، انهن عمارتن ۾ مجموعي طور تي 5342 پولنگ اسٽيشنون ٺاهيون ويون آهن، 3038 پولنگ اسٽيشنون انتهائي حساس قرار ڏنيون ويون آهن، سڄي ڪراچي ۾ رڳو 128 پولنگ اسٽيشنون نارمل آهن، جيڪي اوڀر ضلعي ۾ آهي. ڪراچي جا ٻيا 6 ضلعا مڪمل طور حساس آهن، جن ۾ 3038 پولنگ اسٽيشنون انتهائي حساس آهن. ڪراچي جو انتهائي حساس ضلعو اولهه آهي، جتان جون سڀ 676 پولنگ اسٽيشنون انتهائي حساس قرار ڏنيون ويون آهن. ٻئي نمبر تي وچ ڪراچي جون 655 پولنگ اسٽيشنون حساس، جڏهن ته 600 انتهائي حساس قرار ڏنيون ويون آهن. ڪورنگي ضلعو به انتهائي حساس آهي، جتي 170 پولنگ اسٽيشنون حساس ۽ 582 انتهائي حساس آهن. ڪراچي اوڀر ۾ 471 پولنگ اسٽيشنون انتهائي حساس ۽ 311 حساس، جڏهن ته رڳو 128 نارمل آهن. ڪياماڙي ضلعي جون 345 پولنگ اسٽيشنون حساس ۽ 251 انتهائي حساس، ملير جون 383 حساس، 179 انتهائي حساس قرار ڏنيون ويون آهن. ڪراچي ڏکڻ جون 306 پولنگ اسٽيشون حساس ۽ 279 انتهائي حساس آهن.
-
حافظ نعيم الرحمان طرفان ڪيترائي بيلٽ باڪس گم ٿيڻ جي دعويٰ
ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي چونڊن کان اڳ ڌانڌلي ۽ بي ضابطگي جي حوالي سان صوبائي اليڪشن ڪميشن کي خط لکي ڇڏيو، جماعت اسلامي جي اليڪشن سيل انچارج راجا عارف سلطان چونڊن کان اڳ ڌانڌلي ۽ بي ضابطگي جي حوالي سان صوبائي اليڪشن ڪميشن سنڌ جي نالي خط جاري ڪيو، خط ۾ لکيو ويو آهي ته اين اي 238 ۽ پي ايس 102 جي پولنگ اسٽيشن ۾ سامان پهتو ته ان مان بيلٽ پيپرن جا 10 باڪس گم هئا، لسٽ موجب 30 باڪس لکيل هئا، جڏهن ته ٿيلهو ڦاٽل هو ۽ 20 باڪس موجود هئا.خط موجب اوڀر ضلعي ۾ اين اي 238 ۽ پي ايس 102 پولنگ اسٽيشن نمبر 269 غوثيه ڊسپينسري جي پريزائيڊنگ آفيسر محمد شڪور طرفان آر او کي لکت اطلاع ڪيو ويو آهي. جماعت اسلامي ترجمان چيو ته اليڪشن ڪميشن ڪارروائي ڪري، اهو عمل چونڊن جي شفافيت تي سوال اٿاري ٿو.
-
سوشل ميڊيا تي هلندڙ بيلٽ پيپر تي ٺپا هڻڻ واري وڊيو جعلي قرار
ڪراچي (رپورٽر)اليڪشن ڪميشن جي ترجمان ان ڳالهه جي سخت لفطن ۾ ترديد ڪئي آهي ته سوشل ميڊيا تي هلڻ واري ويڊيو جنهن ۾ بيلٽ پيپر تي ٽپا لڳايا پيا وڃن اها وڊيو جعلي آهي، اليڪشن ڪميشن جي ترجمان جو چوڻ آهي ته هي پراڻي وڊيو آهي، جنهن ۾ اوهان ڏسي سگهو ٿا ته بيٽ جي نشان تي ٺپا لڳي رهيا آهن، 2024ع جي اليڪشن ۾ بيٽ جو نشان ڪهڙي به سياسي پارٽي کي الاٽ نه ڪيو ويو آهي، اسان جي ميڊيا جي ادارن کان درخواست آهي ته هو عوام کي حقيتن تي ٻڌل خبرون ڏين.
-
ڪميونٽي سينٽر جي پلاٽ کي ٻين مقصدن لاءِ استعمال نه ڪيو وڃي: عدالت
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ گلشن اقبال ۾ ڪميونٽي سينٽر جي زمين تي اسڪول جي اڏاوت جي خلاف درخواست تي ڪميونٽي سينٽر لاءِ مخصوص رفاعي پلاٽ ۽ ٻين مقصدن لاءِ استعمال نه ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته ڪميونٽي سينٽر لاءِ رکيل رفاعي پلاٽ ڪنهن ٻئي مقصد لاءِ استعمال نٿو ڪري سگهجي، سپريم ڪورٽ جو واضح آهي ته رکيل پلاٽ ڪنهن ٻئي مقصد لاءِ استعمال نٿو ڪري سگهجي. ڪميونٽي سينٽر لاءِ رکيل ايراضي تي اسڪول ٺاهڻ سٺو عمل ناهي، عثمان فاورق ايڊووڪيٽ موقف ڏيندي ٻڌايو ته گلشن اقبال ۾ نيشنل سيمينٽ امپلائيز ڪو آپريٽو هائوسنگ سوسائٽي ۾ پلاٽ ڪميونٽي سنيٽر لاءِ رکيل آهي. درخواست گذار جي وڪيل ٻڌايو ته 1280 تي ٻڌل ڪميونٽي سينٽ رجي پلاٽ نمبر پي بي 5 تي اسڪول تعمير ڪيو پيو وڃي، ڪميونٽي سينٽر لاءِ رکيل زمين تي اسڪول جي تعمير غير قانوني آهي، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي وڪيل غير قانوني اڏاوت جي تصديق ڪري ڇڏي، ايس بي سي اي جي وڪيل موقف ڏيندي ٻڌيو ته پلاٽ تي بيس مينٽ پلس ٽو اسٽوري اسٽرڪچر لاءِ ڪميونتي سينٽر جي تعمير جي اجازت ورتي وئي هئي. ايراضِ جا مقصد تبديل ڪري اسڪول جي تعمير غير قانوني آهي، عدالت جماعت اسلامي جي ڪائونسلر طلحه جدون، حامد محمود، سلمان ۽ ٻين جي درخواست منظور ڪندي درخواست اڪلائي ڇڏي.
-
عمران خان ۽ پرويز الاهي ووٽ ڪاسٽ ڪري ڇڏيو، شاهه محمود ۽ شيخ رشيد محروم
لاهور(م ڊ) سينٽرل جيل اڊيالا ۾ پوسٽل بيلٽ تي پولنگ مڪمل ٿي وئي آهي، پي ٽي آءِ جي باني عمران خان پوسٽل بيلٽ تي ووٽ ڪاسٽ ڪيو آهي.ذريعن موجب پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي به پوسٽل بيلٽ تي ووٽ ڪاسٽ ڪيو، جڏهن ته پوسٽل بيلٽ جي گهرج جي ڀيٽ ۾ رڳو 15 پوسٽل بيلٽ جيل انتظاميا کي موڪليا وياذريعن موجب اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد احمد ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جا پوسٽل بيلٽ فراهم نه ڪيا ويا .