ڪراچي(م ڊ)ڪراچي جي 7 ضلعن ۾ پيپلزپارٽي، عوامي نيشنل پارٽي، ايم ڪيو ايم پاڪستان ۽ پاڪستان مسلم ليگ ن ۾ جهيڙي جو خدشو آهي، مواصلات واري وفاقي وزير جي صدارت هيٺ ٿيندڙن اجلاس ۾ منٽس مطابق ضلعي خيرپور ۽ سانگهڙ ۾ پيپلزپارٽي ۽گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس بينظير آباد ضلعي ۾ پيپلزپارٽي، جي ڊي اي ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان، ميرپور خاص ۾ پيپلزپارٽي، ايم ڪيو ايم پاڪستان ۽ جي ڊي اي وچ ۾ جهيڙو جو خدشو آهي، عمر ڪوٽ ضلعي ۾پيپلزپارٽي ۽ جي ڊي اي، ٽنڊو الهيار ۾ پيپلزپارٽي ۽ ڊي جي اي ۾ ويڙهه جي جهيڙي جو امڪان آهي، اجلاس ۾ بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته سڄي سنڌ ۾ 45 ڏينهن لاءِ هٿيار کڻي هلڻ تي پابندي آهي، انتهائي حساس 6 هزار 525 هنڌن تي ڪئميرائون به لڳي چڪيون آهن.