چونڊن بعد ڌرڻو يا پارليامينٽ مان استعيفيٰ جو فيصلو ناهي ٿيو: بئريسٽر گوهر

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي اهم اڳواڻ بئريسٽر گوهر خان چيو آهي ته چونڊن کانپوءِ ڌرڻو يا پارليامينٽ مان  استعيفيٰ ڏيڻ جو ڪو به فيصلو ناهي ٿيو. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ اڳواڻ بئريسٽر گوهر خان چيو ته اميد آهي ته اسان جا آزاد ميمبر ڪاميابي کانپوءِ اسان سان گڏ هوندا. بئريسٽر گوهر چيو ته چونڊن کانپوءِ ڌرڻو يا پارليامينٽ مان استعيفيٰ ڏيڻ جو ڪو به فيصلو ناهي ٿيو، پارليامينٽ ۾ ويهنداسين، اسان جا اميدوار اسان سان گڏ هوندا. ان کان علاوه هن پنهنجي مخالفن کي به کليل آٿت ڏيندي چيو ته هي ماڻهو اسان کان اين آر او گهري رهيا هئا، هنن حڪومت سنڀاليندي ئي پنهنجا ڪيس بند ڪري ڇڏيا. واضح رهي ته ملڪ ۾ عام چونڊن لاءِ پولنگ اڄ خميس ڏينهن صبح 8 وڳي شروع ٿيندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.