اڊيالا جيل انتظاميا پاران عمران خان کي سزا طور صفائي جو ڪم ڏنو ويو

راولپنڊي (م ڊ) سائفر ڪيس، توشه خانه ريفرنس ۽ عدت دوران نکاح ڪيس ۾ سزا ٻڌايل  پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳوڻي چيئرمين /0عمران خان کي به اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جهڙي ئي سزا ٻڌائي وئي آهي، کيس سخت پورهئي طور پنهنجي بيرڪ جي صفائي ڪرڻي پوندي. خانگي ٽي وي موجب پي ٽي آءِ جي باني عمران خان کي سخت پورهئي جي سزا ٻڌائي وئي آهي، جيڪا سزا نواز شريف کي ملي هئي. ان سان گڏ اختيارين پاران عمران خان کي مرمت جو به چيو ويو آهي. جيل اختيارين جو چوڻ آهي ته عدالتي حڪم ملڻ بعد جيل سپرنٽينڊنٽ ان تي عمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، جيل جي آءِ جي جو چوڻ آهي ته سڪيورٽي سبب کي نظر ۾ رکندي ڪمرن جي رنگ روغن ۽ صفائي سٿرائي جي سزا ڏني وئي آهي، ٻي ڪنهن به سزا سان سيڪيورٽي مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.