اسلام آباد (م ڊ) نگران اطلاعات واري وزير مرتضيٰ سولنگي ميڊيا ڪوآرڊينيشن اينڊ فيسليٽيشن سينٽر جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي. پرنسپل انفارميشن آفيسر ( اي آءِ او) ڊاڪٽر طارق محمود خان اسلام آباد ۾ ميڊيا ڪوآرڊيشن اينڊ فيسليٽيشن سينٽر جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪيو، هن چيو ته پي آءِ ڊي آفيس ۾ اليڪشن ڪوريج ڪندڙ مقامي ۽ بين الاقوامي صحافين جي سهولت لاءِ ميڊيا ڪوآرڊيشن اينڊ فيسليٽيشن سينٽر قائم ڪيا ويا آهن هن چيو ته صحافين کي 4 هزار 763 ايڪريڊيڊيشن ڪارڊ جاري ٿي چڪا آهن، ان ۾ 1219 اسلام آباد، 776 لاهور، 878 ڪراچي، 363 پشاور ۽ 167 ڪوئيٽا ۾ ڪارڊ جاري ڪيا ويا آهن، هن چيو ته حيدر آباد ۾ 132، فيصل آباد ۾ 482، ملتان ۾ 746 ڪارڊ جاري ڪيا ويا آهن، ميڊيا ڪوآرڊيشن اينڊ فيسليٽيشن ۾صحافين کي ٽرانسپورٽ سهولت مهيا ڪئي ويندي، جڏهن ته سينٽرز 24 ڪلاڪ عملو پنهنجون خدمتون نڀائيندو، واضح رهي ته هن تقريب ۾ پي آءِ او ڊاڪٽر طارق محمود خان، وزارت اطلاعات جا ٻيا آفيسر به موجود هئا.