چونڊون ڀلي وڙهو پر ان کي جنگ جو ميدان نه بڻائجو

اڄ 8 فيبروري آهي، عام چونڊن جو ڏينهن آهي پر هاڻي به اعتبار نٿو اچي ته ڪو اڄ چونڊون ٿي رهيون آهن. ڇاڪاڻ ته جيڏي غير يقيني هيلوڪي چونڊن ۾ هئي اوڏي تاريخ ۾ ڪنهن به چونڊ متعلق نه هئي. هن چونڊ کي جيڪا اڄ ٿي رهي آهي سا آئيني طور تي ته گهڻو اڳ ٿيڻ گهرجي ها پر افسوس ته ان حوالي سان  واضح طور تي آئيني گهرجن جي سرعام لتاڙ ڪئي وئي. ان معاملي ۾ نه ملڪ جي صدر جي ٻڌي وئي ۽ نه ئي عدالتن جي. ان معاملي ۾ صرف ۽ صرف هڪ ”طاقت“ٻڌي وئي جڏهن ان طاقت جي من پسند چونڊ جو ماحول تيار ڪيو تڏهن اليڪشن ڪميشن کي چونڊن جي تاريخ ڏيڻ جو گرين سگنل مليو. نگران حڪومتون جن کي چونڊون ڪرائڻ جو ذمو ڏنو ويو تن جڏهن اهو راڳ الاپڻ شروع ڪيو ته چونڊن جي تاريخ ڏيئڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي، اسان جوڪم رڳو ان سان سهڪار ڪرڻ آهي ته ويتر شڪ شبها وڌي ويا هيا ته نگران حڪومتن جو ويجهڙ چونڊون ڪرائڻ جو شايد ارادو ناهي.

وچ ۾ معاشي مسئلو به آندو ويو ته جيستائين ملڪ اندر معاشي گهوٽالي جو انت نٿو اچي تيستائين چونڊون نه ڪرائڻ گهرجن. ان تجويز جي جڏهن مسلم ليگ (ن) ۽ پ پ به حمايت ڪئي ته پوءِ پڪ ٿي وئي ته چونڊون جلد نه ٿينديون ۽ شايد چونڊون بنا هڪ ٻن سالن لاءِ گڏيل حڪومت جوڙي وڃي تڏهن مسلم ليگ(ن) ۽ پ پ ان تجويز کي قبول ڪيو آهي. چونڊون دير سان ڪرائڻ جو پهريون سبب نئين آدمشماري تحت ووٽر لسٽن جي تياري کي بهانو بڻايو ويو ته آدمشماري ڪرائڻ تي ايڏو وڏو خرچ ڪرايو ويو آهي ته پوءِ ان حساب سان جيستائين نئين سري سان ووٽر لسٽون ٺهن تيستائين چونڊن کي اڳتي ڪيو وڃي، پوءِ ايئن ئي ٿيو. اڳتي هلي جڏهن  اليڪشن ڪميشن جنوري مهيني جي آخري هفتي يا فيبروري جي پهرين هفتي ۾ چونڊون ڪرائڻ جو ارادو ڏيکاريو ته وري مولانا فضل الرحمان ان جي مخالفت ڪئي ته انهن تاريخن ۾ مٿين علائقن ۾ شديد برف باري پوندي آهي سخت ٿڌ ٿيندي آهي تنهن ۾ ماڻهو ووٽ لاءِ پولنگ اسٽيشن تي نه اچي سگهندا سو چونڊن جي تاريخ اڳتي وڌائي وڃي. جيڪڏهن  جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي ان تجويز کي تسليم ڪيو وڃي ها ته پوءِ وري سينيٽ جون چونڊون وقت تي مارچ ۾ نه ٿي سگهن ها جنهن سان وري ٻيو آئيني بحران پيدا ٿئي ها.

وري اڳتي هلي سيڪيورٽي جو مسئلو اٿاريو ويو ته ملڪ اندر دهشتگردي  ۽ تخريب ڪاري وڌي وئي آهي، سو امن امان جي صورتحال بهتري ٿيڻ تائين چونڊون نه ڪرايون وڃن. ان وچ ۾ جڏهن ايران بلوچستان ۾ دهشتگردن کي مارڻ لاءِ ميزائل حملو ڪيو ۽ ٻئي ڏينهن پاڪستان جوابي ڪارروائي ته پوءِ پڪ ٿي وئي ته چونڊن جو هاڻي الله ئي حافظ آهي پر سٺو ٿيو پاڪستان ۽ ايران جا لاڳاپا ترت ئي بهتر ٿي ويا ۽ ايئن اهو خطرو به ٽري ويو پر غير يقيني واري صروتحال پوءِ به آخر تائين قائم رهي. ٽيون ڏينهن به سڌسماءُ جي وزير احمد شاهه انڪشاف ڪيو آهي ته چونڊن واري ڏينهن تخريب ڪاري جا امڪان آهن.

سو انهيءَ غير يقيني واري صورتحال ۾ ٿيندڙ اڄوڪي چونڊ کي ملڪ جي جمهوري طاقتن کي شڪر، اطمينان ۽ خوشي جو اظهار ڪرڻ گهرجي ۽ انهن چونڊن ۾ پنهنجو ذميواراڻو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته چونڊن جو سڀ کان گهڻو فائدو سياسي جماعتن کي ئي ٿيندو آهي تنهن ڪري سڀني سياسي جماعتن کي خير خيريت سان چونڊون ڪرائڻ ۾ حڪومت سان سهڪار ڪرڻ گهرجي ۽ اڄوڪي ڏينهن تي پرامن طريقي سان  چونڊون ڪرائڻ ۾ مدد ڪن، چونڊن کي زندگي ۽ موت جو مسئلو نه سمجهن نه ئي انکي جنگ جو ميدان بڻائين.  سياسي جماعتون هڪٻئي کي اهو حق ڏين ته اهي جائز طريقي سان پنهنجن ووٽرن کي پلنگ اسٽيشن تي آڻين، هڪٻئي سان نه فساد ڪن، نه ئي تشدد توڙي رتو ڇاڻ جو ماحول پيدا ڪن. سياسي جماعتن جي چونڊن وقت هڪٻئي سان وڙهڻ واري روايتي ماحول کي ڏسڻ کانپوءِ ماڻهن ووٽ ڏيڻ ئي تقريبن ڇڏي ڏنو آهي جنهن جو اندازو گذريل ڪجهه چونڊن جي ٽرن آئوٽ مان لڳائي سگهجي ٿو.

تنهن ڪري نگران حڪومت سان گڏوگڏ اها ذميواري سياسي جماعتن جي به آهي ته اهي چونڊن جي ماحول کي خراب ٿيڻ کان بچائين، هڪٻئي جي ووٽر کي آزادي سان پنهنجو ووٽ وارو حق ڏيڻ ۾ مدد ڪن ۽ اهو ثابت ڪن ته سياسي جماعتون ڪجهه وقت کان لاڳتيون چونڊون ٿيڻ ۽ انهن ۾ حصو وٺڻ ڪري ميچوئر ٿي ويون آهن پر افسوس ته اهڙو ماحول ٺهندي هاڻي به نظر نٿو اچي. جيڪا جماعت به هارائيندي سان چونڊ نتيجن کي قبول نه ڪندي، ڌانڌلي جو الزام لڳائيندي ۽ احتجاجن ڌرڻن جو رستو وٺندي جنهن جو اشارو پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ لاڙڪاڻي ۾ ڪيل چونڊ مهل جي آخري جلسي ۾ ڪيو ته جيڪڏهن منهنجي ووٽن تي ڌاڙو هنيو ويو ته پوءِ اوهان جي پويان ايئن لڳندس جو اوهان کان عمران خان ئي وسري ويندو هن ان صورت ۾ ڌرڻا ڏيڻ جو به چتاءُ ڏنو. اهڙي ڳالهه رڳو بلاول ڀٽو زرداريءَ نه ڪئي آهي پر ٻيون سياسي جماعتون جهڙوڪ مسلم ليگ(ن) ، تحريڪ انصاف، تحريڪ استحڪام، ايم ڪيو ايم، جي ڊي اي به چونڊن نتيجن کي مڃڻ کان انڪار ڪري سگهن ٿيون جنهن نتيجي ۾ ملڪ اندر وري افراتفري ۽ بي يقيني جو ماحول پيدا ٿي سگهي ٿو جيڪو ڪنهن جي به حق ۾ نه هوندو تنهن ڪري سڀني سياسي جماعتن کي پرامن طريقي سان چونڊون ڪرائڻ ۾ پنهنجو ذميواراڻو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو جيئن اهو جمهوري نظام سهڻي نموني هلي پئي جنهن ۾ سڀني جو فائدو آهي سو چونڊون ڀلي وڙهو پر انهن کي مهرباني ڪري جنگ جو ميدان نه بڻائجو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.