پاڪستان ۾ تڪراري ووٽنگ ايندڙ حڪومت جي قانوني حيثيت کي نقصان پهچائيندي: آءِ سِي جِي

انٽرنيشنل ڪرائسسز گروپ چيو آهي ته پاڪستان ۾ تڪراري راءِ شماري ايندڙ حڪومت جي قانوني حيثيت کي نقصان پهچائيندي، جنهن سبب هو سياسي ۽ معاشي عدم استحڪام مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار نه رهندي.
آءِ سي جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ تڪراري ووٽنگ جي نتيجي ۾ وڳوڙن جو خدشوخطرو آهي، عام چونڊون گهري سياسي پولرائزيشن ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي پارٽي خلاف ڪريڪ ڊائون واري ماحول ۾ ٿي رهيون آهن.
آءِ سي جي چيو ته اليڪشن ڪميشن کي ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ گهرجي ته پي ٽي آءِ سميت سموريون پارٽيون اليڪشن وڙهن ۽ تمام ووٽر خاص طور عورتون پنهنجي ووٽ جي حق جو استعمال ڪري سگهن.
رپورٽ موجب، واضح طور تي اڻ برابري تحت ٿيندڙ مقابلو ايندڙ حڪومت کي نقصان رسائيندا، اليڪشن ڪميشن کي اِهو يقيني بڻائڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته سوريون سياسي پارٽيون آزاداڻي طور اليڪشن وڙهن، جڏهن ته اعليٰ عدليا کي اظهار جي آزادي جي بنيادي آزادين کي برقرار رکڻ گهرجي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستاني سياستدانن کي سول يا ملٽري بيورو ڪريسي طرفان اليڪشن دوران جوڙ ٽوڙ واري ڪوشش کي رد ڪرڻ کپي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.