ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نديم اختر ۽ جسٽس عبدالرحمان تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ عوامي هنڌن ۽ سرڪاري ملڪيتن تي سياسي بينر، پوسٽر ۽ اشتهار لڳائڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ڪراچي جي مختلف ڊسٽرڪٽ جا ڊي سي پيش ٿيا، جسٽس نديم اختر پڇاڻو ڪيو ته گذريل ٻڌڻي تي پيش ڇو نه ٿيا؟ اوهان کي اندازو آهي ته عدالت ڪهڙا حڪم ڏنا آهن، وڪيل چيو ته اسان کي اشتهار لاڳائڻ جي اجازت آهي، جسٽس نديم اختر چيو ته توهان کي خبر آهي ته توهان ڪهڙي ڳالهه ڪري رهيا آهيو، عدالت واضح حڪم ڏنو هو ته ان ڳالهه تي عمل ڇو نه ٿي رهيو آهي، اسان هتي سرڪاري ملڪيتن تي اشتهارن جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون، وڪيل شهاب سرڪي چيو ته اسان طرفان عدالت جي حڪمن تي عمل ٿي رهيو آهي، جسٽس نديم اختر چيو ته لاڳاپيل ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڇو ناهن ڪيا ويا؟ وڪيل شهاب سرڪي چيو ته اليڪشن کانپوءِ ڪيس به داخل ڪيا ويندا، جسٽس نديم اختر چيو ته جيڪڏهن ڪو غيرقانوني ڪم آهي ته فوري طور ڪيس داخل ڪرڻ بهتر ناهي، وڪيل شهاب سرڪي چيو ته ڪيترن ئي هنڌن تان اشتهار هٽايا ويا آهن، سياسي پارٽين جا اشتهار بنا اجازت لڳايا ويا آهن، عدالت چيو ته ڪهڙي قانون تحت ڊي ايم سي ماڻهن کي اشتهار لڳائڻ جي اجازت ڏني، ڊي ايم سي جي وڪيل چيو ته اسان طرفان اشتهارن جي حوالي سان ڪنهن کي به اجازت نه ڏني وئي آهي، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته ڌرين طرفان ڪارروائي بابت غلط بياني ڪئي پئي وڃي، جسٽس نديم اختر چيو ته سمورا ادارا قانون جا پابند آهن ۽ اهڙي طريقي سان ڪم ڪرڻ گهرجي جنهن سان ماڻهو ڊڄن پر ائين نه ٿي رهيو آهي، هاڻي جنهن اداري خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو ويندو ان جا تفصيل لکت ۾ ڏنا ويندا.