اهڙي سليماني اليڪشن ڪڏهن نه ڏٺي

تحرير: وسعت الله خان

”رل تي گئھ آن پر چس بڙي آئي اي، جٿي وي ديکو پي ٽي آءِ ،اي“

مٿي ذڪر ڪيل تاريخي لفظ رڪشا ڊرائيور نواز ميتلا جا آهن، جيڪو گذريل ستن سالن کان منهنجي اپارٽمينٽ ڪمپليڪس جي ٻاهران رڪشا بيھاري ٿو،ھن کي سمورين موبائيل ڪمپنين جا سڀ رعايتي پيڪيجز يادآهن ۽ سندس مهربانيءَ سان آس پاس جي سڀني رڪشا ڊرائيورن وٽ سيڪنڊ هينڊ اينڊرائيڊ فونز آهن.

جڏھن سواري نٿي ملي تي ته اهي فون رڪشا هلائيندڙن جي ڪنن تي لڳا پيا ھوندا آھن يا وري انهن تي گيم کيڏندا رھندا آھن،ھڪ ٻئي کي وڪڻدا خريد ڪندا آھن يا وري اڄڪلهه انهن تي، پي ٽي آءِ جا گانا ٻڌن ٿا.انهن مان ڪنهن جو به ووٽ ڪراچي ۾ناهي. اڪثريت جو تعلق ڏکڻ پنجاب جي سرائيڪي پٽي سان آهي ۽ سوشل ميڊيا جي وبا جي ڪري پي ٽي آءِ سان آھي.

منهنجي پاڙي ۾ ڏينهن ۾ ٻه اڍائي ڀيرا جماعت اسلامي، ايم ڪيو ايم يا پيپلز پارٽيءَ جي  لائوڊاسپيڪر واري اعلان ڪندڙ وين لنگهي ٿي، تھ اوچتو ياد اچي ٿو ته اليڪشن بھ ٿيندي.گذريل ٻن ٽن ڏينهن دوران ڪجهه جهنڊا ۽ پوسٽر به نظر اچڻ لڳاآهن. روايتي  ھل ھنگا، لوڊن ۽ لپاڙن جي موٽرسائيڪل ريلين،نعريبازي ۽  پاڻ ۾ ذو معنيٰ جي جملي بازي جي کوٽ آهي.

سمورو وقت واندي حالت ۾ ڪمپليڪس  جي گيٽ تي ايندڙ ويندڙ جي اسڪيننگ ڪندڙ بيروزگار اڌڙوٽ عمر جي امداد قريشي جو چوڻ آھي تھ ”مان هر اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم جو پوليٽيڪل ايجنٽ رهيو آهيان، پر ھن جھڙي کان وڌيڪ ”سليماني اليڪشن“  اڄ تائين ناھي ڏٺي.ڪو ميلو،رونق ناھي، ٻھ ھزار ارڙھن ۾ گهٽ ۾ گهٽ آخري ٻن هفتن ۾ لڳندو ھو تھ  سياست  جو وھانءَ پيو ٿئي.پر اڄ تھ ائين آهي ڄڻ عسڪري دارالامان ۾ لاوارث، غريب ۽ بيواهه نياڻين جي اجتماعي شادي ٿي رهي آهي. بس هٿ پيلا ڪريو ۽ جان ڇڏائي حجت پوري ڪريو.ان ڪري مون هن ڀيري پارٽيءَ کي بھ چئي ڇڏيو آهي ته  مان اهڙي پاروٿي ۽ بيزاري واري اليڪشن ۾ پولنگ ايجنٽ بڻجي  وقت ضايع نه ڪندس. مان هتي گيٽ تي ويهي ئي تماشو ڏسندو رھندس.

هڪ زماني ۾ ملبارين جي چانهه خانا ۽ ايراني ريسٽورنٽس ڪراچيءَ جي سياسي مزاج جا قطب نما هونديون ھيون.هاڻي نه ملباري رھيا ۽ نه وري ايراني ڪيفي، هاڻي ڪراچي جي هر ڪنڊ تي ڪوئيٽا پشين جي چانهه وارن جي ھڪ ھٽي آهي.ھر پاڙي ۾ سراسري طور ٻھ کان ٽي ڪوئيٽا ھوٽل ملندا، جتي انڊا پراٺا چانهه 24 ڪلاڪ  موجود آھي. واندن ساندن ۽ بيروزگارن  جا ميڙاڪا شام بعد کان وٺي صبح ساجھر تائين هتي ملندا. ان بي انت جھڙي ھجوم ۾ ڪجهه اڌڙوٽ عمر يا خشخشي يا اڇي مٿي وارا به ڪنھن ڏورانهن ٻيٽن وانگر اڀريل نظر اچن ٿا، اھا ڇٽل ڪارتوس پاڻ ۾ڪهڙيون ڳالهيون ڪندا ھوندا مونکي پتو ناھي. پر انهن ٻيٽن مان ڪڏهن به ڪنھن ٽھڪ  جو آواز ناھي اڀريو. مان ڪڏهن ڪڏهن انهن ئي جهڳھن جي ڪنارن تي ڪرسيءَ تي ويهندو دير تائين چانهه سُرڪڻ جي اداڪاري ڪندو آهيان ۽ هڪ اجتماعي غوغي جي ترتيب واري  سمفني مان ڪا سياسي ۽ دانشي ساز الڳ سڻڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندو آھيان.

منهنجي ڪنن جي تحقيقي رپورٽ اها آهي ته هن نئين نسل جي ھجوم جي اڪثر باھ پاڻ ۾ اڙي ٻڙي ۾ يا پراڻي نسل جي جملي بازي جي جڳھ ورتل گارين ٻارين جي ڏي وٺ ۾ نڪري اچي ٿي.

انھن مان گھڻا فليٽن ۽ ننڍن گھرن ۾ رھندا آھن، جتي زندگيءَ،جنھن کي جتي جاءِ ملي سو ليٽيو،  جي اصول تي ھلندي آھي. والدين انهن کان ۽ اھي والدين مان تنگ آهن. انهن مان 90 سيڪڙو پڙهيل لکيل ۽ اڻ پڙهيل ٻار ڪاليج يا ڪوچنگ سينٽر جا ڪلاس وٺن يا نھ وٺن پر سوشل ميڊيا پليٽ فارمن ذريعي پنهنجي آس پاس جي دنيا کي ماپڻ جي ڪوشش ضرور ڪن ٿا.انهن جي ذهنن ۾اونھي سوچ جي جاءِ ناھي بچي. ڇاڪاڻ ته تنقيدي سوچ ضرورت، جستجو۽ ڪنھن ھدف کي حاصل ڪرڻ جي خواهش مان جنم وٺندي آهي. انهن مان اڪثر نٿا ڄاڻن ته اهي ڪٿان کان آيا آهن ۽ ڪيڏانهن وڃي رهيا آهن. اڪثر جا والدين  واجبي قسم جي نوڪرين يا ننڍڙن ڪاروبارن سان واسطو رکندڙ آهن. بهرحال ان ڌڻ ۾ سڀاڻي بابت مايوسي گڏيل آهي. پر ان ڌٻڻ مان نڪرڻ جي واٽ ڪھڙي آھي،ڪجھ ناھي معلوم.

مون ٻڌو آهي ته پنجاب خاص ڪري وچولي پنجاب جي، جي ٽي روڊ وارن ضلعن ۾ ھر نوجوان ھن ملڪ مان وڃڻ چاهي ٿو. پر منهنجي پاڙي جي چانهه خانن جي نوجوان جو ميڙ رڳو هڪ گول گول حياتياتي دائري ۾ ڦري رهيو آهي. ڏينهن جو سمهڻ ۽ رات جو جاڳائڻ ۽ ان وچ ۾ ڪجھ ٿورو گھڻو تعليمي نصاب سان مٿو ھڻڻ يا ننڊي وڏي ڪم ڪندڙن جو ميڙ.

2015 تائين اھي ڌڻ، ايم ڪيو ايم جي پويان هئا. پوءِ عمران خان ان جو آئيڊيل بڻجي ويو ۽ اڄڪلهه ڪو بھ نالو بحث هيٺ ناهي. بهرحال انهن  مان ڪجهھ نوجوان جيڪو اھو نٿا ڄاڻن ته منهنجو ڪھڙو پيشو آهي، پر انهن جي چوڌاري گهمڻ ڦرڻ جي ڪري ڏسڻ وائسڻ جيترا ضرور واقف ٿي ويا آهن.

وڌ کان وڌ پڇن ٿا ’سائين، ڇا ٿيڻو وارو آھي؟ مان انھن کان پڇندو آھيان تھ پھريان،توھان ٻڌايو ته ھن وقت توھان جي خيال ۾ ڇا ٿي رھيو آھي.اھي  چون ٿا ته پتو ناهي، پوءِ مان پڇان ٿو تھ چڱو،پھرين ڇا ٿيو، سو ئي ٻڌايو ڀلا، چون ٿا معلوم ناھي پر جيڪو بھ ٿيو سٺو نه ٿيو.

جيڪي چون ٿا ته دوستي دشمني، نفرت ۽ محبت هڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا آهن ۽ اهي ئي سڪا زندگيءَ جا چهرا آهن. جڏهن ڪنھن نسل کان اھي بنيادي احساس ڦرجا وڃن ۽ اهو آهستي آهستي پنهنجي ماحول کان لاتعلق ٿيندو وڃي ٿو ته پوءِ اهڙو بي يقين سماج اڀري، ڪمند جي ڦوڳ  وانگر ٿي وڃي ٿو، جيڪو وزن رکي ٿو ۽ جڳھ بھ والاري ٿو  پر رس کان خالي ھوندو آهي.

هي سماج اهڙو نه هو. ڏاڍو رسيلو هو. ان کي ڏاڍي محنت سان زندگيءَ کان بيزار ڦوڳ سڻ ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. اهڙيءَ حالت ۾ ان اھو ميڙ ڪھڙو  ۽ ان جو ووٽ ڪھڙو ۽ ان جو فيصلو ڪھڙو ؟ ۽ جيڪو هن نسل کي  متوجهھ ڪرڻ جي لاءِ اڄڪلهھ ڳلو ڦاڙي رهيا آهن، اهي آواز جي گدلاڻ وڌائڻ کانسواءِ ٻيو ڇا ڪري رهيا آهن؟

 

 

 

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.