چونڊن ذريعي تبديلي آڻڻ جو ڏينهن

تحرير: سڪندر چنو

8 فيبروري اڄوڪي ڏينهن جي ڪاميابي لاءِ ملڪ ۾ سياسي ميلو ملڪ ۾ زور شور سان جاري رهيو. بلڪه ائين کڻي چئجي ته ميلو پنهنجي آخري ڌمال هڻندي گذري ويو. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي پٺيءَ سان تيرن جو ٿيلهو کڻي پنجاب ۾ لڪيل شينهن جي شڪار ڪيو. پر شينهن ڪنهن جي سنڀال هيٺ جهنگ ۾ لڪيل هيو. شينهن کي خبر هئي ته بلاول ڀٽو زرداري جي تيرن کان اهي ئي سندس کي بچائي سگهيا جن جي پيرن ۾ شينهن چنبڙيل هيو. عوام جڏهن جلسن ۽ جلوسن ۾ بلاول ڀٽو زرداري کي ڏٺو ته شهيد راڻي جي ياد ڄڻ تازي ٿي وئي ۽ بلاول پنهنجي والده جي انداز ۾ جلسن کي خطاب ڪندي عوام جون دليون فتح ڪري ورتيون. عوام ڄاڻي ٿو ته شهيد جمهوريت پارٽي توڙي عوام جي خوابن جي تعبير هئي ۽ بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي امڙ جي نقش قدم تي هلي رهيو آهي. اهوئي سبب هيو جو پنهنجي خطابن ۾ ماضي کي به زنده رکيون پيو اچي. بلاول ڀٽو زرداري کي جيڪڏهن راولپنڊي وارا غور سان ٻڌن ۽ فڪر ڪن ته اڄ به بلاول جو پيغام ملڪ جي خوشحالي جو پيغام آهي. بلاول ڀٽو زرداري پنجاب جي ساوڪ سان ٽمٽار جهنگ ڀرسان بيٺل نظر آيو ۽ تيرن سان ڀريل ٿيلهو سندس پٺيان ٻڌل هيو. شينهن کي پناهه ڏيندڙن کي وڏي آواز سان سڏيندي چيو ته آءُ شينهن جي شڪار لاءِ نڪتل آهيان. توهان شينهن کي ميدان ۾ نڪرڻ ڏيو. بلاول چيو ته مون وٽ ملڪ کي خوشحال بنائڻ لاءِ هڪ نويد آهي. ادارن کي هلائڻ لاءِ سندس وٽ وڏي پلاننگ آهي. اقتدار جي ڪرسيءَ جي حاصلات لاءِ ڪيڏي نه سخت محنت ۽ مشڪلات ڪرڻي پوندي آهي. اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ سياستدان جي ايڇ ڪيو جي گيٽ نمبر 4 تي وڏيون باسون باسيندا آهن ۽ گيٽ جي دروازي تي ويهي ايلاز منٿون ڪندا آهن.

نواز شريف اقتدار جو پوڄاري ۽ ڪوڙو سياستدان اليڪشن ۾ پاور واري ڪرسيءَ جي حاصلات لاءِ پنجاب جي ووٽرن جي نفسيات کي تبديل ڪرڻ لاءِ ڪهڙا نه سنهري خواب ڏيکاري ووٽ سندن هٿن مان ڦري رهيو هيو جنهن ۾ هو ناڪام ويو. ۽ هو اقتدار جو پوڄاري سياستدان آهي. سندس حافظو صرف اليڪشن جي ڏينهن تائين بهتر ڪم ڪندو رهيو. اڄ اليڪشن گذرڻ کان پوءِ اقتداري پوڄاري سياستدان نواز شريف جي حافظي تي ڪاري ڪٽ چڙهي ويندي. جنهن کي جيڪڏهن زم زم جي پاڻيءَ سان ڌوئجي تڏهن به ان ۾ صفائي سٿرائي نه ايندي. نواز شريف اقتدار جي حاصلات لاءِ پنهنجي ووٽرن سان ڪيل واعدا به يڪسر وساري ڇڏيندو آهي. اليڪشن کان پوءِ سندس نفسيات پڻ تبديل ٿي ويندي آهي. ۽ سندس ۾ هڪ ديوانگي جهڙي ڪيفيت اچي ويندي آهي. مسئلو اهو هوندو آهي ته عوام لاءِ سندس پاليسيون پ پ کان بهتر نه هونديون آهن. ۽ سندس پاليسين جو رخ ٺيڪ نه هوندو آهي. ۽ پوءِ لڳندو آهي ته ملڪ ۾ انارڪي، بيگانڪي ماڻهن جي بنيادي مسئلن جو حل ڄڻ ته سندس کي ياد ئي ڪونه هئا!

بهرحال  نگران حڪمران ۽ اسٽبلشمينٽ پنهنجن پنهنجن پريشانين ۾ اهڙا ته ٻڏل آهن جو ڪنهن کي به ڪنهن غريب ماڻهوءَ جي ڳڻتي ئي نه آهي. ۽ نه وري ڪنهنجي ڪنهن سان ڪا همدردي ئي آهي. ملڪي معيشت ڏينهون ڏينهن زوال طرف وڃي رهي آهي. عوام سخت پريشاني واري عالم ۾ ٻڏل آهي. پاڪستان جي 75 سالن جي تاريخ ۾ اهڙي بدشڪلي ۽ بدترين معاشي بدحالي پاڪستان ۾ نه آئي آهي. هن وقت عام ماڻهو خوف واري عالم ۾ مبتلا آهي. ملڪي ۽ غير ملڪي قرض پاڪستاني عوام مٿان چڙهندا پيا وڃن. ۽ هر پاڪستاني ٻن لکن جو قرضي آهي. ڪڏهن ڪڏهن مونکي محسوس ٿيندو آهي ته بلوچستان جي تبديلي جهڙي تبديلي وزيراعظم هائوس ۾ به نه اچي وڃي. ڇاڪاڻ ته پاڪستان جي موجوده سياسي ۽ معاشي صورتحال ان طرف اشارو ڏئي رهي آهي.

پر وري به سوال اهيو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جي وڃڻ کان پوءِ ايندڙ چونڊيل وزيراعظم وٽ ڪهڙي جادو جي لٺ هوندي جيڪو ملڪي معاشي مسئلا هڪ سال ۾ حل ڪري وٺندو؟ مقدس ٺاهي پيش ڪيل جمهوري نظام مڪمل طور تي اکاڙو بڻجي ويو آهي. آفيسر شاهي بگڙي وئي آهي. سنڌ ۾ ته ڄڻ آفيسر شاهي جو ڪو وجود ئي نه آهي. ڪنهن به سائل جو ڏيتي ليتي کان سواءِ ڪم ٿيڻو ئي نه آهي. قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو عوام کي ڄاڻ ڏني، شعور ڏنو ۽ هلڻ اٿڻ ويهڻ سيکاريو موجوده حڪمرانن جيڪو شعور برپا ڪيو آهي اهو آهي ادارن کي لولو لنگڙو بڻائڻ ته ڪيئن ڪرپشن ڪري ادارن کي تباهه ڪيو ويندو آهي. پرورش پائيندڙ هڪ معاشري جون خصوصيتون ڪهڙيون هونديون آهن؟

اسان کي سڀ خبر آهي. سياست کان بالاتر يا لاتعلق ٽيڪس گڏ ڪندڙ هڪ قابل اعتماد وارو ادارو، وقت ۾ بهتر انصاف ڀريا فيصلا ڏيندڙ اعليٰ عدالتون، بهتر کان بهتر سول سروس، پوليس کاتو ۽ اهڙا بلدياتي ادارا جيڪي مقامي ضرورتن جي پورائي لاءِ ترقياتي ڪم ايمانداريءَ سان ڪري سگهن. سياسي پارٽيون جيڪي پنهنجن بهترين ماڻهن کي ذميواريون سونپي سگهن. ته پوءِ پاڪستان جا حڪمران ٻڌائن ته انهن سڀني ذڪر ڪيل ڳالهين مان اسان کي ڪهڙي ڳالهه ميسر ڪري ڏني وئي آهي؟ ڪا به نه. پاڪستان ۾ جيڪا پارٽي اقتدار ڇڏيندي آهي. اها ايندڙ پارٽي لاءِ هزارين ڀيانڪ داستان ڇڏي ويندي آهي. عوام جي حالت بهتر ڪرڻ لاءِ ڪنهن کي به ڪا به دلچستي نه هوندي آهي نه آهي. ٿورو گهڻو وري به پ پ کي بهتر چئي سگهجي ٿو. ڇاڪاڻ ته پ پ جي اقتدارن ۾ روزگار ميسر هوندو آهي. ۽ پئسو گنج هوندو آهي. ڪامياب ماڻهن جي نشاني اها هوندي آهي ته هو مسئلن جو مقابلو ڪندا آهن ۽ حالات سان مدِ مقابل  هوندا آهن. انهن ۾ سهپ، رواداري ۽ صبر شامل هوندو آهي. وزير اعظم جيڪڏهن ناڪام نه آهي ته ڀلا ڪامياب به ڪٿي آهي؟ ۽ پوليس، سول سروس ۽ ايف بي آر ۾ ڪي به سڌارا نه ڪري سگهيو آهي. اڳوڻو ايف بي آر چيئرمين شبر زيدي به ناڪام ٿي ميدان ڇڏي ڀڄي ويو. شبر زيدي هڪ ڏينهن اعتراف ڪيو ته ٻاويهه هزارن مان ويهه هزار ماڻهو بدعنوانيءَ ۾ ملوث آهن. ملڪ جو عوام ڄاڻي ٿو ته ۽ اسٽبلشمينٽ هڪ پيج بيٺل آهي. ته پوءِ ڇا ٻئي گڏجي ملڪ جي بهتريءَ لاءِ جسارت ڪرڻ فرمائيندا؟ ۽ ان سوال جو جواب ناڪاريءَ ۾ آهي. هڪ قوم جي حيثيت ۾ اسان فراريت واري ذهنيت جا شڪار آهيون. پوليس ساڳي، تپيدار ساڳيو، عدالتون ساڳيون ته پوءِ پاڪستان ۾ ڪهڙي شيءَ يا معاشرو تبديل ٿيندو؟ ۽ تبديل ٿيڻو به نه آهي ڇاڪاڻ ته اقتداري حڪمران ئي نه بدليا آهن ته پوءِ عام ماڻهو ڪيئن بدلبو؟ هڪ ڀيرو ٻيهر ساڳئي ماڻهوءَ کي چوٿون ڀيرو وزيراعظم بنايو پيو وڃي هاڻي ڇا ڪندا.

اسان جي معاشري جو حال اهو آهي جو سڀ ڪجهه حڪمرانن تي ڇڏي ڏنو آهي. پاڻ کان ڪو به ڪم ٿيئڻو نه آهي. صبح کان شام تائين هوٽلن تي ويهي اجايو سکڻيون ڊاڙون هڻي وقت ضايع ڪندا آهيون. ڪنهن به وقت عوام جي ڀلائيءَ جو ڪو جامع منصوبو نه آهي. مهانگائيءَ خلاف جيڪڏهن ريليون نڪرن ٿيون اهي به ٻن نمونن جون آهن. پ پ مخالف سنڌ حڪومت خلاف ريليون ڪير ڪڍندو آ؟ ڪم ٻنهين جو ساڳيو يعني مهانگائيءَ خلاف آواز اٿارڻ. صرف سوچ جي تبديلي نمايان ڏسڻ ۾ اچي ٿي. جڏهن اسين پاڻ کي تبديل نه ٿا ڪريون ۽ پنهنجي سوچ تبديل نه ٿا ڪريون ته پوءِ يقينن اسين ڪڏهن به ڪامياب نه ٿي سگهنداسين. نواز شريف هميشه قوم کي پنهنجي مقصدن لاءِ ئي استعمال ڪندو رهيو آهي. ان خلاف پاڻ کي گڏجي معاشرتي ڀلائيءَ لاءِ آواز اٿارڻو پوندو الائجي ماڻهو نشي واري حالت ۾ ننڊ پيل آهن.

بهرحال  پوءِ به ڪجهه نه ڪجهه پ پ بهتر آهي. سوال اهو به پيدا ٿئي ٿو ته پ پ مدِ مقابل لاءِ ڪا پارٽي سنڌ ۾ مضبوطيءَ سان نه اڀري آهي نه مقابلو ڪري سگهي ٿي. اڄ جي اليڪشن ۾ تير وڏي سوڀ ماڻي رهيو آهي ۽ بلاول ڀٽو زرداري قومي اسيمبلي ۾ قائد ايوان طور مسڪرائيندي ملڪ جي عوام سامهون ايندو. جيڪڏهن بلاول ڀٽو زرداري ملڪ جو وزيراعظم ٿئي ٿو ته پوءِ پڪ ڄاڻڻ گهرجي ته ملڪ بهتر نئين معاشي دڳ تي هلي پوندو ۽ ملڪ خوشحال ٿي ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.