اغوا ۽ جبري شادي جو ڪيس، سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران ڇوڪريءَ کي مڙس سان گڏ وڃڻ جي اجازت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪوٽڙي واسڻ جي مبينا اغوا ۽ جبري شادي واري ڪيس ۾ ٻڌڻي دوران ڇوڪريءَ کي مڙس سان وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.
ان موقعي تي نينگري جي وارثن عدالت ۾ احتجاج ڪندي چيو ته جوابدار نڪاح نامي ۾ ڇوڪريءَ جي عمر 19 سال لکرائي آهي، جڏهن ته اصلي ڪاغذن موجب عمر گهٽ آهي.
وارثن الزام هنيو ته نينگري کي اغوا ڪرڻ بعد زبردستي شادي ڪرائي وئي آهي، جنهن جو ڪيس ڄامشوري ۾ داخل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.