عام چونڊن جو زور شور يعني چونڊ مھم واري ڪھاڻي پنھنجي پڄاڻي تي پھچي چڪي آهي. اڄ چونڊن جو ڏھاڙو آھي اليڪشن مھم کي ڏسجي ته جھڙي طرح بلاول ڀٽو سڄي پاڪستان ۾ چونڊن مھم ھلائي اُھا تاريخ جو حصو بڻجي وئي آهي جنھن کي ڪڏھن به وساري نٿو سگهجي پر موجوده چونڊن جي وڏي ڳالھه اها آهي ته 36 سالن جي وڏي عرصي کان پوءِ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري تخت لاھور جي پراڻي تڪ تي اليڪشن ۾ حصو وٺي گھڻن مخالفن کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي خاص ڪري ن ليگ جي مرڪزي قيادت سميت اڳواڻن کي وڏي تڪليف جو منھن ڏسڻو پئجي ويو آهي جنھن جو اظھار اليڪشن مھم دوران ن ليگ قيادت بلاول ڀٽو تي تنقيد جي ذريعي ڪندي رھي.
نواز شريف جي سياست ۾ انٽري ۽ ن ليگ جي ٺھڻ کان اڳ لاھور ۽ پيپلز پارٽي جو رشتو جڙيل آھي لاھور ۽ پيپلز پارٽي جو رشتو اڌ صدي اڳ جو رشتو جڙيل آهي جڏھن پيپلز پارٽي جو بنياد رکڻ لاءِ پھريون اجلاس لاھور ۾ ٿيو ھو ۽ ذوالفقار علي ڀٽو 1970ع جي عام اليڪشن ۾ لاھور سميت ملڪ جي پنجن تڪن تي اميدوار بيٺو ھو جنھن ۾ لاھور سميت چار تڪن تي ڪاميابي حاصل ڪئي ھئي. ذوالفقار علي ڀٽو لاھور جي N.W 60 تڪ تي 78 ھزار جي ويجھو ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي ھئي جڏھن ته سندس مقابلي ۾ پاڪستان مسلم ليگ ڪنوينشن گروپ ۾ اھم شخصيت شاعر مشرق علامه اقبال جي پٽ ڊاڪٽر جاويد اقبال 33 ھزار ووٽ کڻي ھارائي ويو ھو ان کان پوءِ ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ جو پھريون عوامي چونڊيل وزيراعظم بڻجي ويو جنھن پنھنجي اقتدار دوران او آءِ سي جو پھريون اجلاس لاھور ۾ گھرائي لاھور کي وڏو اعزاز بخشيو.
جنھن کان 18 سال پوءِ 1988ع ۾ ساڳئي لاھور شھر ۾ قومي اسيمبلي واري تڪ تي بينظير ڀٽو پھريون دفعو اليڪشن ۾ اميدوار طور سامھون آئي لاھور جي اين اي 94 تي پيپلزپارٽي جي چيئرپرسن بينظير ڀٽو 53 ھزار 781 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي ھئي جڏھن ته مسلم ليگ جوڻيجو گروپ جي حمايتي يافته پيپلز پارٽي لاھور جي اڳوڻي صدر ميان عمر حيات 43 ھزار ووٽ کڻي ھارائي ويو ھو تاريخ ياد ٿي رکي ته ن ليگ جو جنم ئي نه ٿيو ھو ته پيپلز پارٽي جا قائدين لاھور شھر سان پنھنجو سياسي رشتو نڀائيندي اليڪشن ۾ اميدوار طور سامھون بيٺل رھيا. ھاڻي جڏھن موجوده اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي جي چيئرمين ڀٽو خاندان جي روح روان بلاول ڀٽو پنھنجي شھيد ماءُ ۽ شھيد ناني جي لاھور واري ڇڏيل سيٽ تي اميدوار بيٺو آهي ته ن ليگ قيادت کي پيٽ ۾ سور پيو آهي ته لاهور پيپلز پارٽي جو شھر ناھي ھي تڪ بلاول ڀٽو جو ناھي ھُو سنڌ کي ڇڏي لاھور مان اليڪشن ڇو وڙھي رھيو آھي ؟ جنھن جو مختصر جواب اِھو آھي ته ھي تڪ ن ليگ جي پيدا ٿيڻ کان پھرين پيپلز پارٽي جي قيادت جو حصو رھيو آھي بس ھر اليڪشن ۾ تڪ نمبر چينج ٿيندا رهن ٿا باقي علائقا وارڊ ساڳيا آھن ھِن دفعي بلاول ڀٽو لاھور مان اليڪشن ۾ بيھي ھڪ سٺي روايت کي برقرار رکيو آهي جنھن جي جيتري تعريف ڪجي گھٽ آھي. اھڙي روايت کي اردو ميڊيا مثبت انداز ۾ پيش ڪري بلاول ڀٽو جي اھڙي عمل کي قابل تعريف سمجھي رھيا آھن ته ھي تڪ پيپلز پارٽي ۽ ڀٽو خاندان جو آهي ان تڪ تي اعتراض اجايا آھن باقي اليڪشن ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ يا شڪست ملڻ اُھا نصيب جي ڳالھه آهي پيپلز پارٽي جي اميدوار چيئرمين بلاول جو مقابلو ن ليگ جي سابقه وفاقي وزير عطا تارڙ ۽ پي ٽي آءِ جي حمايت يافته آزاد اميدوار سان مقابلو آھي.
چيئرمين بلاول ڀٽو جي پنھنجي تڪ ۾ ھڪ ھفتو گذارڻ ۽ ڀرپور طريقي سان اليڪشن مھم ھلائڻ مان صاف ظاھر ٿئي ٿو ته چيئرمين بلاول ڀٽو جي پوزيشن مضبوط آهي جيڪڏهن ڪاميابي حاصل ڪري ٿو ته سندس لاءِ وڏي ڪاميابي ھوندي جيڪڏھن ٻئي نمبر تي رھيو ته تڏھن به کيس وڏو اعزاز ھوندو پر اصل حقيقت جي رات دير تائين يا وري سڀاڻي سوير خبر پئجي ويندي ته ھن تڪ تي ڪير ٿو ڪاميابي حاصل ڪري پر حقيقت ھيءَ آهي ته پيپلز پارٽي ۽ لاھور جو پاڻ ۾ پراڻو رشتو جڙيل آهي جيڪو ڪڏھن ڪمزور ته ڪڏھن وري مضبوط بڻيل رھندو آھي. ھن وقت به ھڪ وڏي عرصي کان پوءِ پيپلز پارٽي لاھور ۾ پنھنجي سرگرمين جي جيڪا شروعات ڪئي آهي ان ۾ کيس بھترين ڪاميابيون ملي رهيون آھن اميد ته اھڙين ڪاميابين جي پُٺيان بلاول ڀٽو جي ڪاميابي ھوندي