اڄوڪو چونڊ دنگل

تحرير: غلام حسين لغاري

اڄوڪو چونڊ دنگل

اڄ ملڪي تاريخ جون پهريون عجيب و غريب چونڊ دنگل ٿيڻ پيو وڃي. جنهن لاءِ  پولنگ اسٽيشنون سينگارجي چڪيون آهن جڏهن ته ڪالهه آڌي رات کان چونڊ مهم سرڪاري طور بند ٿي چڪي هئي۔ اميدوار پنهنجي سطح تي بنا ڪنهن جلسي يا ريلي ڪڍڻ جي گهر گهر پهچي ووٽ وٺڻ لاءِ  آخري ڪوششون ڪندي نظر پيا اچن ۽ ووٽرن کي گهرن مان ڪڍي پولنگ اسٽيشنن تي پهچايو پيو وڃي۔ اميدوارن جون اوطاقون ۽ اوطارا ڳاڙهي ٻوڙن ۽ بريانن جا ڏيک ڏئي رهيا آهن۔گهڻا اهڙا اميدوار به آهن جن جا پولنگ ايجنٽ ته موراڳي ناهن يا نه هجڻ جي برابر آهن الله جي آسري ووٽ جي اميد ڪيو ويٺا آهن۔گهڻن اميدوارن وٽ ته ووٽرن کي پولنگ تي پهچائڻ لاءِ  ٽرانسپورٽ موجود ناهي جو  مک سياسي پارٽين ۽ طاقتور  آزاد اميدوارن اڳواٽ ئي بوڪ ڪرائي ڇڏيون هيون۔ پولنگ ايجنٽن ۽ پولنگ عملي جي کاڌ خوراڪ لاءِ  لڪ ڇپ ۾ مزيدار کاڌا تيار ڪرايا پيا وڃن ته جيئن پولنگ عملو ۽ سندن ايجنٽ پولنگ تي بک نه مرن جڏهن ته پولنگ عملي کي اميدوارن جو کاڌو کائڻ جي منع ٿيل آهي پر پولنگ ايجنٽن جي صدقي پولنگ عملو به ٻه گرهه هڻي وٺندو

پولنگ اسٽيشنن تي امن امان برقرار رکڻ لاءِ  سڪيورٽي جا جوڳا انتظام ڪيا ويا آهن۔ پرزائيڊنگ آفيسرن کي مئجسٽريٽي اختيار ڏنا ويا آهن جيڪي هو ڪنهن به اڻوڻدڙ صورتحال يا غلط ووٽنگ کي روڪڻ لاءِ  استعمال ڪندا۔پولنگ  دوران ڪنهن به اميدوار کي پولنگ ٻاهران ڪنهن به چونڊ مهم يا ووٽرن کي ووٽ ڏيڻ لاءِ  چوڻ يا ترغيب  ڏيڻ جي پابندي هوندي خلاف ورزي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي عمل ۾ ايندي۔۔بينر هڻڻ يا هٿيار يا موبائيل پولنگ اندر کڻي وڃڻ يا انجي استعمال تي به سخت بندش آهي

غيرملڪي ۽ ملڪي مبصرين چونڊن جي شفافيت جو جائزو وٺڻ لاءِ  پاڪستان پهتل آهن۔آمريڪي رسالي ٽائيمس ۽ ٻين اخبارن چونڊن کان اڳ ۾ چونڊن جي شفافيت تي آڱريون کنيون آهن ۽ آمريڪا جي لاڳيتو خاموشي جو ذڪر ڪيو آهي ۽ وڌيڪ لکيو اٿس ته آمريڪا ۽ ڀارت جو جهڪاءُ ن ليگ ۽ ميان محمد نواز شريف ڏانهن آهي۔ٽائيمس رسالي پي ٽي آءِ کي چونڊ نشان نه ملڻ ۽ سربراهه عمران خان عجلت ۾ ملندڙ سزائن جو به ذڪر ڪيو آهي ۽ چونڊن کي هڪ طرفو سڏيو آهي ۽ چونڊن وسيلي ايندڙ سرڪار کي ڪمزور سڏيو آهي ۽ ملڪ ڏڦير طرف ويندو

هن ڀيري آزاد اميدوارن جو انگ سياسي پارٽين جي اميدوان جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي جن لاءِ  اهو چيو وڃي ٿو ته پاڪستان تحريڪ انصاف کي چونڊ نشان نه ملڻ ڪري انجا سمورا اميدوار  آزاد ٿي بيٺا آهن جن کي الڳ الڳ عجيب و غريب نشان الاٽ ڪيا ويا آهن جنهن سان آزاد اميدوارن کي خدشا آهن ۽ سندن ايجنٽن کي پولنگن تائين شايد ئي رسائي ملي سگهي۔پي ٽي آءِ حمايت يافته اميدوارن کي خدشا آهن ته کين هارائڻ جي هرممڪن ڪوشش ڪئي ويندي اهڙي صورت ۾ نتيجن کي قبول نه ڪيو ويندو۔پ پ پ جي سربراهه بلاول ڀٽو پڻ اهڙي قسم جي هڪ اڌ ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي۔

پي ٽي آءِ حمايت يافته اميدوار سردار لطيف کوسي ميڊيا آڏو اهڙي قسم جو اظهار ڪري چڪو آهي ۽ نگران سرڪار توڙي اليڪشن ڪميشن تي الزام مڙهيا آهن۔نائين مئي جي پرتشدد واقعن بعد پي ٽي آءِ تي هڪ قسم جو ڏمر آيل آهي جنهن جي قيادت کي آزادي ساب چونڊ جلسا ڪرڻ کان روڪيو ويو  جڏهن ته پ پ پ ، ن ليگ سميت باقي پارٽين کي چونڊ نشان مليا آهن ۽ کين عام جلسن ڪرڻ جي به اجازت هئي جنهن ڪري به قوم کي عام چونڊن بابت شديد خدشا آهن ته چونڊن جا طئي شده نتيجا ايندا جنهن کي قوم هرگز تسليم نه ڪندي ۽ ملڪ هڪ ڀيرو ٻيهر خلفشار جو شڪار ٿيندو۔ ملڪي معاشي حالت ته درڪنار پر ويتر ملڪ معاشي طور ڪمزور ٿيندو ۽ امن امان جي حالت بد کان بدتر ٿيندي ويندي ڪنهن به صورت ۾ هي چونڊون ملڪ جي مفاد وٽان ثابت نه ٿينديون ۽ ملڪ وقت وقت کان اڳ ٻيهر چونڊن ڏانهن هليو ويندو

پي ڊي ايم ۾ شامل سموريون پارٽيون عام چونڊن ۾ حصو وٺي رهيون آهن۔پي ٽي آءِ کي گڏجي ملهه ته دسي اٿن پر پ پ پ هن وقت ميدان ۾ اڪيلي رهجي وئي آهي جنهن کي سنڌ مان ته ڪجهه سيٽون ملي سگهن ٿيون پر پنجاب سرحد ۽ بلوچستان مان شايد ئي کيس ڪا مثبت موٽ ملي جو اتي ن ليگ ۽ پي ڊي ايم ۾ شامل ٻين جماعتن جو پلڙو ڀاري آهي۔هنن چونڊن ۾ ن ليگ کي سوڀارو ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي جنهن جي هر ڳالهه ٻڌي وڃي ٿي جلسن جلوسن ۽ ريلين ۾ مڪمل پروٽوڪول مليو آهي۔.

پي ٽي آءِ جو ڌڙو استحڪام پاڪستان جي سربران جهانگير ترين ۽ عليم خان ن ليگ سان گڏجڻ ۽ نواز شريف کي چوٿون ڀيرو وزيراعظم بنائڻ جو اعلان ڪري چڪا آهن، جڏهن ته پ پ پ جي چيئرمن بلاول ڀٽو زرداري نواز شريف جي وزيراعظم ٿيڻ جي سخت مخالفت ڪئي  آهي ۽ چيو اٿس ته پ پ پ کي اڪثريت ملي ته پاڻ وزير اعظم ۽ پڻس صدر ٿيندو۔پ پ پ ۽ ن ليگ عوامي سياست نه پر خانداني سياست ڪري رهيا آهن جيڪا ملڪ ۽ قوم لاءِ  هاڃيڪار آهي ملڪ هڪ ڀيرو ٻيهر معاشي ڌٻڻ ۾ ڦاسي ويندو خدا نه ڪري ته ملڪ سري لنڪا وارو ڏيک ڏئي۔

پ پ پ جي بلاول ڀٽو جي ڀڀڪين ۽ نواز شريف مخالفت جو ن ليگ حڪومت تي ڪو به اثر نه پوندو پ پ پ وفاق ۾ اڪيلي پارٽي رهجي ويندي جيئن هن وقت پي ٽي آءِ آهي جنهن جو نالو وٺڻ به ڏوهه بڻجي ويو آهي۔ن ليگ وٽ هر قسم جا حربا ۽ جادوگراڻا طريقا موجود آهن اهي پاڻي مٿان باهه ٻاري سگهن ٿا۔.

جي يو آءِ، متحده قومي موومينٽ استحڪام پاڪستان ۽ جي ڊي اي سميت ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان جون ننڍيون وڏيون پارٽيون به ن ليگ جي حڪومت سان اتحاد ڪنديون جنهن جا امڪان چٽا آهن جنهن سان پ پ پ کي ٿي سگهي ته ڏهاڪو کن سال وڌيڪ انتظار ڪرڻو پوي

بهرحال اڄوڪوي دنگل  جا شام ڌاري نتيجا اچڻ شروع ٿيندا، نتيجا به پڌري پٽ آهن حڪومت ڪير ٺاهيندو انجا به آثار لڪيل ناهن۔ايندڙ مهيني سينيٽ جون به چونڊون ٿينديون اهي به پڌري پٽ آهن جنهن سان في الحال ته مضبوط حڪومت جڙندي باقي پوءِ جي ڳالهه آهي۔چونڊن بعد احتساب جو عمل تيز ٿي ويندو احتسابي طوفان گهڻا ئي گهر پاڙون پٽي سگهي ٿو نائين مئي وارا ڪيس به هلندا جيڪي بچندا سي ئي راڄ ڪندا۔سنڌ ۾ پ پ پ جي اڳوڻن اسيمبلي ميمبرن ۽ وزيرن جي گرفتارين لاءِ  ۽ مٿن ڪيس هلائڻ جا سمورا انتظام به مڪمل ٿي چڪا آهن۔.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.