روبوٽ تي تيار ٿيل چونڊ نتيجن جو فيصلو ٿيل آهي؟

تحرير: ذوالفقار راڄپر

اڄ 8 فيبروري تي ملڪ ۾ عام چونڊون ٿي رهيون آهن، جنهن لاءِ اول سڀني کي وھم هو ته چونڊون نه ٿينديون، ان ڪري سياسي پارٽين ۽ عوام طرفان ڪا گرم جوشي موجود نه هئي، پر جڏهن ملڪ جي مالڪن پنهنجي ان فيصلي کان آگاهه ڪيو ته چونڊون ٿينديون ته سڀ پنهنجي ڪمن کي لڳي ويا پر عمران خان ، سندس پارٽي ۽ اميدوارن کي عدالت، ن ليگ، پيپلزپارٽي ۽ ٻين اسٽبلشمينٽ دوست پارٽين جي سهڪار سان چونڊن کان پري رکي، آزاد ۽ منصفاڻيون چونڊن ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو هو ۽ جيئن انهن سياسي پارٽين کي  کين هڪ مالڪ هدايتون ڏنيون، ان تي عمل ڪندي سڀ پنهنجي پنهنجي سونپيل فرضن ۾ لڳي ويا، پر الائي ڇو هن دفعي پهريون ڀيرو اهو تاثر اڀري آيو ته ملڪ ۾ چونڊون ته اول ئي ٿي چڪيون آهن، بس باقي روبوٽ تي هلندڙ ڪڪڙن جي ميل ٿيندي، ڪهڙو ڪڪڙ ميل کٽندو، ان جو فيصلو 8 ۽ 9 فيبروري تي ٻڌايو ويندو.

هن دفعي ميڊيا تي سخت پابندين جي باوجود به سوشل ميڊيا، مختلف ٿيندڙ پروگرامن ۽ حامد مير جي مختلف وڊيو پروگرامن ۾ ۽ عام هيٺين سطح تي اها ڳالهه هر هڪ چئي ڇڏي آهي ته هن دفعي سڀڪجهه واضع ٿي چڪو آهي ته ملڪ آزاد ۽ خودمختيار چونڊن نه ٿي رهيون ۽ لڳي ٿو ته ملڪ جا اربين روپيا اهو کيل ڪرائيندڙ ضايع ڪري رهيا آهن. اهڙيون گهڻيون ڳالهيون پاڪستان آرٽ ڪائونسل جي هال ۾ هڪ ڪتاب جي رونمائي دوران ٻڌڻ ۾ وڌيڪ آيون. نامور روشن خيال صحافي مظهر عباس پنهنجي ڪتاب   "سليڪٽر کان سليڪٽيڊ تائين (چونڊيندڙن کان چونڊيل تائين) ” جي مهورت ۾ ڳالهائيندي چيو هو ته 1988 ۾ به بينظير ڀٽو جي طاقتور حيشيت هوندي به آزاد ۽ خودمختيار چونڊن نه ٿيون هيون ۽ حميد گل اسلامي جمهوري اتحاد ٺاهي لولي ۽ محتاج جمهوريت کي به هلڻ نه ڏنو هو، جيستائين ملڪ جي حڪمرانن کي چونڊڻ جو حق عوام کي پاڻ حاصل نه ٿيندو تيستائين ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت نه ايندي.

صحافي وسعت الله خان چيو هو ته ڳالهه اها اهم نه آهي ته چونڊن ۾ پولنگ جي دٻي ۾ ووٽ ڪيترا پيا آهن، پر ان جو نتيجو رات جو دير سان ٻي هنڌان تيار ٿي ايندو آهي، ادارا گهوگهنٽ ۾ ويهڻ بدران سڌا سامھون ٿي اچن ۽ 1970 جي چونڊن بعد اسٽيبلشمينٽ اهو فيصلو ڪري ڇڏيو هو ته ملڪ ۾ ووٽ کي آزاد ٿيڻ نه ڏنو ويندو . پيپلزپارٽي جو اڳواڻ ۽ سينيٽ جو اڳوڻو چيئرمين رضا رباني پاڪستان کي انگريز باقيات هٿان قبضو ڪيل گيريزن رياست ۾ تبديل ڪيو ويو آهي، جيڪڏهن جمهوريت کي اسٽبلشمينٽ کان آزاد ڪرائڻو ۽ ملڪ جي سياسي جماعتن کي فوج جي طاقتور جاسوس اداري آءِ ايس آءِ جي سياست ۾ مداخلت جي خاتمي لاءِ گڏ ٿيڻ جي صلاح ڏئي چڪو آهي. ملڪ جي ويجهي تاريخ عمران خان کان وٺي نواز شريف تائين وڏي اڪثريت ۾ چونڊن کٽڻ کان وٺي چونڊيل وزيراعظمن جي نااهلي ۽ جيل ياترا تائين هڪڙي اهڙي سچي تاريخ موجود آهي، جنهن تي پردو وجهي نه ٿو سگهجي ۽ ڪيئن رات وچ ۾ اسٽيبلشمينٽ پنهنجن نافرمانن کي نااهل قرار ڏنو ۽ ان جي جاءِ تي روبوٽ تي چونڊن جي ميل لاءِ هڪ ٻيو ڪڪڙ تيار ڪري ان کي ڪهڻ لاءِ ان جي پويان هڪ ٻي کي اول ئي ڇرو ڏئي ڇڏيندا آهن،

ان ڳالھه تي سهيل وڙائچ شايد سچ چيو هو ته سياستدان جيستائين ان راند جو حصو ٿيڻ کان انڪار نه ڪندا، عمران خان جي سزا تي خوش ٿي مالڪن کي سجدا ڪرڻ بند نه ڪندا، تيستائين ملڪ ۾ جمهوريت نه ايندي. جيئن اسان جي ادارن پنهنجي بي وقوف فيصلن ڪري عوام مان رد ٿيل ۽ ڌڪاريل عمران خان کي ملڪ جي عوام جي هڪ وڏي تعداد ۾ هيرو بڻائي ڇڏيو آهي ۽ جيئن سڀني اهو سمجهيو هو ته عمران خان جيل ۽ سزائن کان ڊڄي هٿيار ڦٽا ڪندو، اهو اندازو هن وقت تائين غلط ثابت ٿيو آهي ۽ ائين ئي نواز شريف ۽ ن ليگ باجواه ۽ ٻين جي سامھون بيهي ووٽ کي عزت ڏيو جو نعرو هنيو هو ، پر ان به پنهنجو پاڻ کي ڪاغذي شينهن ثابت ڪري عمران خان جي دشمني ۽ ڪرسي خاطر بوٽ کي عزت ڏيو طرف هليو ويو. بقول سهيل وڙائچ جي ته جنهن پارٽي پنهنجن ٻن اڳواڻن جي قرباني ڏني، ان جو سربراهه بلاول ڀٽو زرداري جرنيلن جي ٻي ۽ ٽئين درجي جي آفيسرن کي سجدا ڪري ٿو. مظهر عباس پنهنجي ڪتاب جو نالو ” سليڪٽرن کان سليڪٽيڊ تائين” ( چونڊيندڙن کان چونڊيل تائين) بقول هن جي ته ان ڪري رکيو آهي، جو هڪ دفعو ٻيهر ملڪ ۾ چونڊن جي نالي تي ڊرامو ٿي رهيو آهي.

جيستائين ملڪ ۾ چونڊيندڙن جي رستا روڪ نه ڪئي ويندي ۽ عوام خود پاڻ پنهنجي ووٽ جي پرچي سان خود پاڻ پنهنجو ڪنهن سياسي پارٽي ۽ وزيراعظم کي نه چونڊيندو، تيستائين جمهوريت ۽ آزاد خودمختيار جمهوري حڪومت قائم نه ٿيندي، عدالتون آزاد ۽ پريس جي آزادي قائم نه ٿيندي، جنهن لاءِ اسان جي اڳواڻ صحافين ڦٽڪا کاڌا هئا . نه ليگ جي اڳواڻ ۽ سنڌ جي اڳوڻي گورنر محمد زبير چيو هو ته “ عمران خان جي دشمنيءَ ۾ جمهوريت کي نقصان نه ڏنو وڃي ۽ هن وقت ملڪ ۾ جنرل ضياء جي دور کان به بدترين صورتحال آهي.” اڄ ملڪ ۾  سمورين مجبورين جي باوجود عام چونڊون ٿي رهيون آهن، پر عام ۽ خاص ۾ اهو تاثر اڀري چڪو آهي ته چونڊن جا نتيجا اول ئي راولپنڊيءَ ۾ تيار ٿي چڪا آهن ۽ جڏهن ميڊيا سميت هر راء عامه اهو چئي ڇڏيو آهي ته ملڪ جو وزير اعظم نواز شريف ٿيندو ۽ ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم سميت سنڌ جي اندر ننڍڙين جماعتن کي چونڊن کٽڻ جو پڪو آسرو ملي چڪو آهي ته ان سان اها ڳالهه اهم نه آهي ته چونڊيندڙ ڪنهن کي چونڊي ڇڏيو آهي، پر تاريخ ۾ انهن سياسي اڳواڻن ۽ جماعتن مٿان مستقل هڪڙو ڪارو داغ اچي ويندو، جن 12 آڪٽوبر جي رات واري سانحي، 5 جولاءِ ۽ 4 اپريل جي جمهوري زخم جا ايذاءُ وساري ڇڏيا آهن. بقول مظهر عباس جي ته 8 فيبروري بعد به به ملڪ ۾ جمهوريت نه ايندي.

زيبسٽ جي پروفيسر رياض شيخ ان پروگرام ۾پنهنجي تقرير ۾ اها صلاح ڏني هئي ته جيستائين آءِ ايس ايس آءِ مان سياسي سيل ختم نه ڪيو ويندو تيستائين جمهوريت نه ايندي، پر هن صاحب اهو نه ٻڌايو ته ملڪ جي چونڊيل وزيراعظم ذوالفقار ڀٽو پنهنجن سياسي مخالفن خلاف اهڙو سيل قائم ڪري ويو هو. ڳالهه ڪهڙي به هجي پر هن ملڪ اندر سياسي، جمهوري چونڊن، جمهوري حڪومتن جي خاتمي جي تاريخ اها ڳالهه ثابت ڪري رهي آهي ته هڪ طرف ملڪ ۾ آزاد خودمختيار چونڊون نه ٿيون آهن ۽ جيڪي انڌي منڊي ۽ محتاج جمهوريت آئي به آهي اها رستي تي 5 جولاءِ ۽ 12 آڪٽومبر تي قتل ٿي چڪي آهي.ان ڪري جيڪڏهن ميڊيا جا نامور صحافي، سول سوسائٽي ۽ ٻيا حلقا اهو الزام هڻن ٿا ته ملڪ ۾ چونڊون اول ٿي چڪيون آهن ۽ هي صرف ڪڪڙن جي ڪوڙي ميل آهي ته پوءِ ملڪ جي هرشهري سميت الزام هيٺ آيل ادارن کي به محب وطنيءَ جو ثبوت ڏيندي پنهنجو جائزو وٺڻو پوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.