شھيد بينظيرآباد، اميدوار سندرا ٻڌي ميدان تي لهي پيا

تحرير: ايم بي چانڊيو

ضلعي شھيد بينظير آباد جي ٻن قومي ۽ چئن صوبائي تڪن تي 98 اميدوار ميدان تي لٿل آهن، جيتوڻيڪ پيپلز پارٽي جي اميدوارن جي ظاھري طور سرسي واري صورتحال آهي، پر پي ٽي آءِ جي اميدوارن کي بيٽ وارو چونڊ نشان الاٽ نه ٿيڻ باوجود به اهي آزاد حيثيت ۾ مقابلو ڪرڻ لاءِ ننھن چوٽي جو زور لڳائي رهيا آهن.

نوابشاھ جي قومي تڪ اين اي 207 تي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ سردار شير محمد رند جيڪو آزاد حيثيت ۾ اليڪشن وڙهي رهيو آهي ۽ ايم ڪيو ايم جي سجاد شاھ وچ ۾ سياسي رسا ڪشي جاري آهي، جڏھن ته ضلعي شھيد بينظير آباد جي سڪرنڊ، قاضي احمد ۽ دولتپور تي ٻڌل قومي تڪ اين اي 208 تي پ پ اميدوار سيد غلام مصطفيٰ شاهه، جي ڊي اي جو اميدوار سيد زين شاھ ۽ آزاد طور بيٺل اميدوار گل محمد رند وچ ۾ پڻ مقابلي واري صورتحال پيدا ٿيڻ جا امڪان نظر اچي رھيا آھن.

سڪرنڊ واري صوبائي تڪ تي جي ڊي اي جو اميدوار سيد زين شاھ ۽ پ پ جي اميدوار غلام قادر چانڊيو وچ ۾ ڪاٽي جو مقابلو ٿيندو، نوابشاھ جي صوبائي تڪ پي ايس 37 تي چوڌري جاويد اقبال آرائين کي نوابشاھ شھر جي صوبائي تڪ تي پپيلز پارٽي پاران ٽڪيٽ ڏني وئي آھي ۽ کيس سوڀارو ڪرڻ لاءِ شھيد راڻي جي نياڻي آصفه ڀٽو ۽ ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوھو پنهنجي سر پاڻ ورڪ تي لٿل آهن. جڏھن ته دوڙ واري صوبائي تڪ پي ايس 36 تي آصف علي زرداري جي ڀيڻ ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو ۽ مير بهاول خان رند وچ ۾ مقابلو ٿيندو، پر پ پ اميدوار عذرا پيچوهو جو پلڙو ڀاري نظر اچي رھيو آھي. جڏھن ته قاضي احمد-دولتپور جي پي ايس 39 تي پ پ اميدوار ڊاڪٽر بهادر ڏاھري جو مقابلو سندس ئي برادري جي ۽ آصف علي زرداري جي ويجهي دوست اسماعيل ڏاھري سان ٿيندو، جيڪو آزاد حيثيت ۾ اليڪشن وڙهي رهيو آهي.

ايندڙ عام چونڊن ۾ ضلعي شھيد بينظير آباد مان ھميشه وانگر ڪلين سوئيپ ڪرڻ لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽي پنھنجي حڪمت عملي تيار ڪري ورتي آھي، خود اڳوڻو صدر آصف علي زرداري جيڪو قومي تڪ اين اي 207 جو اميدوار پڻ آھي، جنهن ڪجھ ڏينھن اڳ نوابشاهه ۾ ترسڻ دوران پنهنجي ورڪرن ۽ مختلف برادرين جي معززين سان گڏجاڻيون ڪيون هيون ۽ ھينئر به ضلعي جي سمورن قومي توڙي صوبائي تڪن تي پارٽي پاران نامزد ڪيل اميدوارن کي سوڀ ڏيارڻ لاءِ ضلعي اندر وڏو ووٽ بيڪ رکندڙ بردارين ۽ انھن جي نيڪ مردن سان پارٽي جي ضلعي قيادت توڙي اميدوارن کي مڪمل طور رابطي ۾ رھڻ ۽ عوام جي تحفظات کي دور ڪرڻ لاءِ ھدايتون جاري ڪيون ويون آهن.

اليڪشن جي حوالي سان گڏ ڪيل معلومات ۽ انگن اکرن موجب نوابشاھ ۾ ٿيندڙ 2024  واري اليڪشن جي سلسلي ۾ رٽرننگ آفيسرن اميدوارن کي نشان ڏئي 33 فارم جاري ڪري ڇڏيا، انھيءَ حوالي سان قومي جا 2 ۽  چار صوبائي اسيمبلي جي نشستن تي ٽوٽل 98 اميدوار ميدان تي قسمت آزمائيندا، قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 207 ۽ 208 تي 32 اميدوار آمھون سامھون آھن، اين اي 207 تي 13 اميدوار ميدان تي لٿل آھن، انھيءَ حوالي سان نوابشاھ جي تڪ اين اي 207 تي پ پ جي آصف علي زرداري، آزاد اميدوار سردار شير محمد رند، تحريڪ لبيڪ جي ايڊووڪيٽ سعيد احمد رند، آزاد اميدوار سيد سجاد شاھ، آزاد اميدوار سيد غلام محي الدين شاھ ۽ ٻين آزاد اميدوارن وچ ۾ مقابلو ٿيندو.

جڏھن ته نوابشاھ جي اين اي 207 تي بيٺل اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي پوزيشن مضبوط ٻڌائي پئي وڃي، پر ساڳئي تڪ تي مختلف برادرين ۾ اثر رکندڙ ۽ گذريل اليڪشن ۾ به وڏي تعداد ۾ ووٽ کڻندڙ سردار شير محمد رند ۾ مقابلي ٿيڻ جا امڪان آھن. جڏھن ته نوابشاھ جي اين اي 208 تي پ پ پاران ساڳيو اميدوار سيد غلام مصطفيٰ شاھ کي ميدان تي لاٿو ويو آھي، ان جي مقابلي ۾ اھم اثر رکندڙ انھيءَ تڪ ۾ جي ڊي اي پاران ايس يو پي جي صدر سيد زين العابدين شاھ ۾ مقابلي ٿيڻ جا امڪان آھن. پي ٽي آئي پاران آزاد حيثيت ۾ چونڊ وڙھندڙ گل محمد رند به پنھنجي چونڊ مھم تيز ڪري ڇڏي آھي.

نوابشاھ جي صوبائي تڪ پي ايس 36 تي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ڀيڻ ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوھو کي پارٽي طرفان اميدوار نامزد ڪيو ويو آھي، ان جي مقابلي ۾ 12 اميدوار چونڊن ۾ حصو وٺي رھيا آھن، ان تڪ تي اھو ٻڌڻ ۾ اچي پيو ته اصل مقابلو پي ٽي آئي جي آزاد حيثيت ۾ بيٺل اميدوار بهاول خان رند ۽ جي ڊي اي ۽ ٻين پارٽين طرفان گڏيل طور نامزد ڪيل اميدوار عبدالقادر بروھي ۾ ٿيندو. نوابشاھ جي شھر وارو صوبائي تڪ پي ايس 37 تي اليڪشن جون سرگرميون چوٽ چڙھيل آھن، ان تڪ تي 24 اميدوار حصو وٺي رھيا آھن، پيپلزپارٽي جي پيلٽ فارم تان چار ڀيرا ايم پي اي رھندڙ طارق مسعود آرائين جي ڀاءُ چوڌري جاويد اقبال کي اميدوار نامزد ڪيو ويو آھي، سندس مقابلي ۾ پي ٽي آءِ پاران عنايت علي رند ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان پاران سيد سجاد حسين شاھ ۽ ايس ٽي پي پاران مسرت زھرا ۽ ٻيا حصو وٺي رھيا آھن. ظاھري طور تي ته پيپلز پارٽي جي اميدوار جي پوزيشن بھتر نظر اچي رھي آھي، پر مقابلي ۾ چونڊ وڙھندڙ اميدوار عنايت علي رند، سيد سجاد حسين شاھ ۽ مسرت زھرا به چونڊ مھم تيز ڪري ڇڏي آھي ۽ ٽئين اميدوار چونڊ ۾ سوڀارو ٿيڻ لاءِ ننھن چوٽي جا زور لڳائي رهيا آهن.

پي ايس 38 تي ھن دفعي وڏو دنگل نظر اچي رهيو آهي، ھن تڪ تي 19 اميدوار حصو وٺي رھي آھن، جنھن ۾ پيپلزپارٽي طرفان چوٿون ڀيرو به ساڳيو اميدوار غلام قادر چانڊيو کي اميدوار نامزد ڪيو ويو آھي، ان ساڳئي تڪ تي جي ڊي اي طرفان نامزد ڪيل اميدوار ايس يو پي جو صدر سيد زين العابدين شاھ ۾ مقابلو ٿيندو. ٻئي اميدوار سوڀ حاصل ڪرڻ لاءِ ننهن چوٽي جو زور لڳائي رهيا آهن.

نوابشاھ جي صوبائي تڪ پي ايس 39 تي 20 اميدوار چونڊ وڙھي رھيا آھن، پيپلز پارٽي طرفان بھادر ڏاھري کي اميدوار نامزد ڪيو ويو آھي ۽ سندس مقابلي ۾ آزاد حيثيت ۾ اليڪشن وڙهندڙ اسماعيل ڏاھري جيڪو آصف علي زرداري جو ويجهو ساٿي آهي، پڻ پ پ اميدوار ڊاڪٽر بهادر ڏاھري جي لاءِ پريشاني جو سبب بڻجي ويو آهي. جي ڊي اي پاران عارف نياز آرائين کي نامزد ڪيو ويو آھي، جيڪو پڻ آکاڙي ۾ ملھه جي تياري ڪري رهيو آهي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.