سڄي ملڪ جيان ملير ۾ به چونڊ سرگرميون پنهنجي آخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪيون آهن، بلاول ڀٽو زرداري جو ملير جو دورو عام ماڻهن تي پڻ اثرانداز ٿيو آهي، هونئن ته ملير مان ٽي قومي ۽ ڇهه صوبائي اسيمبلي تي چونڊون ٿي رهيون آهن انهيءَ سلسلي ۾ ملير جي صوبائي اسيمبلي جي تڪ پي ايس 84 تي پاڪستان پيپلزپارٽي جي اميدوار يوسف مرتضيٰ بلوچ جي سامهون مسلم ليگ (ن)، ايم ڪيو ايم، پي ٽي آءِ، جماعت اسلامي سميت ٻين سياسي پارٽين جا آزاد اميدوار چونڊ ميدان تي لٿل آهن. پ پ جي نامزد اميدوار يوسي مرتضيٰ بلوچ پنهنجي تڪ ۾ سگهاري چونڊ مهم هلائي رهيو آهي جنهن کي عوام پاران وڏي پذيرائي ملي رهي آهي جنهن جو وڏو سبب يوسف مرتضيٰ بلوچ جو عوام سان جڙيل رهڻ آهي گڏوگڏ پنهنجي گذريل صوبائي اسيمبلي جي ميمبر طور تي پنهنجي حلقي ۾ ڪروڙين روپين جي لاڳت سان ڪيترائي ترقياتي ڪم ڪرايا آهن.
ترقياتي ڪمن جو ذڪر ڪنداسين تڪ جي مختلف علائقن جنهن ۾ يوسي ڀٽائي آباد/ يوسي بختاور ۾ (1) سيوريج جو ڪم (2) پيور بلاڪ ورڪس (3) ميٽل روڊ ورڪس (4) واٽر لائين ورڪس ۽ گرائونڊ ٽينڪس، ڪنٽونمينٽ بورڊ ملير ۾ (1) سيد وليج سيوريج ورڪس (2) سيد وليج پيور بلاڪ (3) بلاول جوکيو ڳوٺ سيوريج (4) بلاول جوکيو ڳوٺ پيور بلاڪس (5) دوست محمد خاصخيلي ڳوٺ سيوريج جو ڪم (6) دوست محمد خاصخيلي ڳوٺ پاڻي لائين/ پيور بلاڪس (7) پرائمري اسڪول رپيئرمينٽ (8) مدينه ڪالوني/ آقا خيل ڳوٺ سيوريج جو ڪم (9) اليڪٽرڪ ورڪس غلام حسين وڏيرو ڳوٺ صفوران (10) گرائونڊ واٽر ٽينڪس ۽ ڊسٽريبيوشن لائينز ناٿو کوسو ڳوٺ فيصل ڪنٽونمينٽ بورڊ (11) ميٽل روڊ ناٿو کوسو فيصل ڪنٽونمينٽ بورڊ (12) پيور ورڪس موريه خان ڳوٺ (13) نيو بلڊنگ/ ريپرمينٽ گورنمينٽ گرلز هائير/ سيڪنڊري اسڪول ڀرو ڳوٺ (14) سيوريج ورڪس سومار اسماعيل ڳوٺ (15) پيور ورڪس/ ميٽل روڊ/ سيوريج ورڪس يوسي ملهه (16) ميٽل روڊ/ پيور ورڪس/ سيوريج ورڪس يوسي مراد ميمڻ (17) ميٽل روڊ مزار خان جوکيو ڳوٺ، جڏهن ته پروسيس ورڪس ۾ (1) نيو بلڊنگ پرائمري اسڪول مدينه ڪالوني/ آقا خيل ڳوٺ (2) نيو بلڊنگ/ ريپرمينٽ ورڪس سيڪنڊري اسڪول يار محمد جوکيو ڳوٺ (3) مڌر چائيلڊ ڪيئر سينٽر راشدي ڳوٺ (4) ڪنسٽرڪشن روڊ/ پيور/ واٽر اينڊ سيوريج لائين (5) رپيئرمينٽ پرائمري اسڪول ناٿو کوسو ڳوٺ فيصل ڪنٽونمينٽ بورڊ (6) پيور ورڪس (يوسي ڄام مراد علي/ اولڊ ٿاڻو/ درساڻو ڇنو) (7) مين سيوريج ڊسپوزل لائين فار يوسي مراد ميمڻ اينڊ ملهه (8) پيور ورڪس يوسي ملهه/ مراد ميمڻ (9) گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج مراد ميمڻ (10) شهيد غلام مرتضيٰ بلوچ لائبريري اينڊ آڊيٽوريم (11) مڌر چائليڊ ڪيئر سينٽر مزار خان جوکيو ڳوٺ(12) مڌر چائيلڊ ڪيئر حاجي مهار بيگاڻي جوکيو ڳوٺ جا رڪارڊ ترقياتي ڪم ٿيل آهن.
ڪالهه 5 فيبروري تي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران يوسف مرتضيٰ جي تڪ پي ايس 84 ۾ نڪتل ريلي کي خطاب ڪيو جنهن ۾ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري عوام سان واعدا ڪيا ته هو سڄي ملڪ جيان ملير جي خصوصي ترقي لاءِ پنهنجو منشور جاري ڪندي چيو ته مزدورن، هارين، ماهي گيرن، شاگردن جي بهتر مستقبل لاءِ عملي طور تي ڪم ڪبو ۽ انهن کي روزگار جا ذريعا ميسر ڪيا ويا ويندا جڏهن ته 14 وفاقي وزارتون ختم ڪري 3 سئو ارب روپيا ملير تي خرچ ڪبا، ماهيگيرن کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ شامل ڪبو ۽ انهن کي ڪارڊ جاري ڪرائبا ته جيئن هوءَ بهتر روزگار سان گڏ مالي طور تي مضبوط ٿين اهڙي طرح ملير جي زراعت کي هٿي وٺرائبي ته جيئن ملير ۾ هاري خوشحال ٿئي.روزگار جا ذريعا فراهم ڪبا جنهن ۾ نوازشريف جي دور ۾ بند ٿيل پاڪستان اسٽيل جي بحالي ۽ مزدورن جي بحالي اسان جي اولين ترجيحات ۾ شامل آهي. منشور ۾ شامل ملير ۾ ڊيم قائم ڪبا ته جيئن پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيئي سگهجي.
اهڙي صورتحال ۾ يوسف مرتضيٰ جي تڪ پي ايس 84 جتي ماضي ۾ ترقياتي منصوبا پايا تڪميل تي پهتا اتي سندس تڪ جي مسئلن جو مڪمل خاتمو ايندو، روڊ، رستا، صحت مرڪز، تعليمي ادارن کي وڌيڪ سگهارو ڪبو ته جيئن ايندڙ مستقبل اسان جي نوجوانن سان گڏوگڏ صوبي ۽ ملڪ جو بهتر ٿئي.
يوسف مرتضيٰ جي حلقي ۾ قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 229 تي ڄام عبدالڪريم جوکيو به گڏ آهي جيڪو هڪ پڙهيل لکيل نوجوان جيڪو حلقي اندر يوسف مرتضيٰ سان گڏ ٻانهن ٻيلي آهي. 8 فيبروري تي صوبائي تڪ پي ايس 84 جو عوام پنهنجي بهتر مستقبل لاءِ هڪ اهڙي نوجوان جي چونڊ ڪندا جيڪو اسيمبلي توڙي ٻين پليٽ فارم تي پنهنجي تڪ جي عوام جي نمائندگي سان گڏ انهن جي بهتر مستقبل جو فيصلو ڪندا.