دادو ضلعي ۾ 2 قومي ۽ 4 صوبائي تڪ آهن، انهن تڪن تي مختلف سياسي پارٽين جي نامزد ڪيل اميدوارن ۽ آزاد اميدوارن چونڊن ۾ ڀرپور حصو ورتو آهي،
دادو ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي دادو، جوهي جي قومي تڪ تي اڳوڻو ايم اين اي ۽ پ پ پ ضلعي دادو جي صدر رفيق احمد جمالي کي نامزد ڪيو ويو آهي ۽ ڪي اين شاهه ميهڙ جي قومي تڪ تي پ پ پاران اڳوڻو ايم اين اي عرفان ظفر لغاري کي ٽڪيٽ جاري ڪئي وئي آهي، انهن ٻنهي تڪن تي جي ڊي اي جي نامزد ڪيل اميدوارن ۾ اڳوڻي وڏي وزير لياقت علي جتوئي کي ڪي اين شاهه ميهڙ جي قومي تڪ تي نامزد ڪيو ويو آهي ۽ اڳوڻي ضلعي ناظم دادو ڪريم علي جتوئي کي دادو-جوهي جي قومي تڪ تي جي ڊي اي پاران مقابلي ۾ لاٿو ويو آهي، ٻنهي تڪن تي پ پ ۽ جي ڊي اي وچ ۾ سخت مقابلو ٿي رهيو آهي، جڏهن ته ضلعي دادو جي باقي 4 صوبائي تڪن تي پ پ پاران ڪي اين شاهه تي انجنيئر عبدالعزيز جوڻيجو، ميهڙ تي پ پ پاران فياض علي ٻٽ، دادو تي پ پ پاران بئريسٽر پير مجيب الحق ۽ جوهي جي تڪ تي سيد صالح شاهه جيلاني کي اميدوار نامزد ڪيو ويو آهي، جيڪي اميدوار پ پ پاران نامزد ڪيا ويا آهن، اهي 2018 جي جنرل اليڪشن جا فاتح اميدوار آهن، هوڏانهن اڳوڻي وڏي وزير لياقت علي جتوئي پنهنجي چونڊ حڪمت عملي تبديل ڪندي جي ڊي اي جي پليٽ فارم تان چونڊون وڙهڻ جو فيصلو ڪندي پاڻ هڪ صوبائي ۽ هڪ قومي تڪ تي نامزدگي فارم جمع ڪرائي چونڊون وڙهي رهيو آهي، انهن ۾ پي ايس 81 ميهڙ ۽ اين اي 227 ڪي اين شاهه ميهڙ شامل آهن، جڏهن ته لياقت علي جتوئي پنهنجي پٽ ڪريم علي جتوئي کي پي ايس 80 ڪي اين شاهه ۽ اين اي 228 دادو جوهي تڪ تي جي ڊي اي پاران اميدوار نامزد ڪرايو آهي. تعلقي دادو ۾ پ پ اميدوار پير مجيب الحق سان جي ڊي اي جي اميدوار عاشق علي زنئور هن تڪ تي مقابلو ڪري رهيو آهي، جڏهن ته پي ايس 83 جوهي ۾ جي ڊي اي اميدوار امداد خان لغاري پ پ جي اميدوار سيد غلام شاهه جيلاني جي فرزند سيد صالح شاهه جيلاني سان مقابلو ڪري پيو.
جيتوڻيڪ دادو ۾ ٻين سياسي جماعتن به پنهنجا پنهنجا اميدوار ميدان ۾ مقابلي لاءِ لاٿا آهن، جنهن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ٽڪيٽن تي نامزد ٿيل اميدوارن ۾ ذوالفقار ملاح جيڪو صوبائي تڪ پي ايس 82 دادو ۽ قومي تڪ اين اي 228 دادو جوهي تي چونڊ وڙهي رهيو آهي، جڏهن ته دادو ضلعي جي قومي تڪ اين اي 227 تي عورت اميدوار شبانه نواب کي پاڪستان تحريڪ انصاف ٽڪيٽ جاري ڪئي آهي، تحريڪ لبيڪ پاڪستان (ٽي ايل پي) دادو جي سمورن تڪن تي پنهنجا اميدوار بيهارڻ ۾ ڪامياب ٿيڻ سان گڏ اليڪشن مهم هلائي رهي آهي، ڪي اين شاھ تي مقابلي ۾ ڌرتي ڌڻي تحريڪ جو چيئرمين قادر چانڊيو به چونڊن ۾ حصو وٺي رھيو آھي. دادو ۾ پاڪستان استحڪام پارٽي جو ڪريم بخش صديقي پاٽائي، آزاد اميدوارن ۾ استاد بخاري جي خاندان مان سيد امير شاهه بخاري به چونڊ وڙهي رهيو آهي. مير شجاع الله خان پنهور، آفتاب احمد جمالي، شهباز پنهور، جاويد احمد لنڊ، مولانا ابوبڪر بروهي قومي تڪ اين اي 228 (جي يو آءِ)، آزاد اميدوار ۽ (ن) ليگ اڳواڻ رئيس گاجي خان لغاري پڻ دادو جوهي جي قومي تڪ تي مقابلو ڪري رهيو آهي، تحريڪ لبيڪ پاڪستان دادو ۽ جوهي جي قومي ۽ صوبائي تڪن تي راشد رضوي ۽ مشتاق احمد ابڙو کي چونڊ ميدان ۾ لاٿو آهي، اين اي 228 دادو جوهي تي آزاد اميدوار انجنيئر عمران خان پنهور به پنهنجو چونڊ منشور کڻي ميدان ۾ لهي پيو آهي.
جوهي ۾ پي ايس 83 تي چونڊن ۾ وڌيڪ چهچٽو نظر اچي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته هن تڪ تي سردار ياسر خان ٻٻر جيڪو (ن) ليگ جو اڳواڻ آهي، پر چونڊ آزاد حيثيت ۾ وڙهي رهيو آهي، هن تڪ تي تحريڪ لبيڪ پاڪستان به پنهنجو اميدوار سامهون آندو آهي، جماعت اسلامي پاران دادو جي پي ايس 82 تي ضمير احمد چانڊيو به چونڊ ميدان تي لٿل آهي، جڏهن ته پيپلز پارٽي جو اڳواڻ سردار پريل خان جمالي جيڪو آزاد حيثيت ۾ جوهي ۾ چونڊ وڙهي رهيو آهي، آزاد اميدوار پيارو خان لنڊ، تحريڪ انصاف پاڪستان جو انور پنهور به جوهي ۾ ميدان ملهائيندو. ھن تڪ جوھي تي تحريڪ لبيڪ پاڪستان به عبدالڪريم جمالي کي چونڊ ميدان ۾ مقابلي لاء لاٿو آھي، اهڙي طرح دادو ضلعي ۾ چونڊن ۾ حصو وٺندڙ ڪجهه نوان چهرا به ميدان ۾ لٿل نظر اچن ٿا.
جيتوڻيڪ هر اميدوار ووٽر طرف ڊوڙي رهيو آهي، پراڻيون فاتحائون به ٿي رهيون آهن، ووٽر تي هر ايندڙ اميدوار کي ووٽ جو آسرو ڏئي رهيا آهن، جنهن ڪري سمورا اميدوار پنهنجي ڪاميابي جي دعويٰ ڪري رهيا آهن، پر اصل ۾ دادو ضلعي جي سمورين سيٽن تي پ پ ۽ جي ڊي اي جي اميدوارن وچ ۾ سخت مقابلو ٿيندو، پوءِ 8 فيبروري جي نتيجن مان ئي خبر پوندي ته عوام ڪنهن کي ووٽ ڏئي سوڀارو ڪري ٿو. في الحال دادو ۾ چونڊ چهچٽو عروج تي پهتل آهي.