شينهن واري پاڪستاني جمھوريت

تحرير: ڄام صنم سنڌي

جمھوريت لفظ جي لغوي معنيٰ مطلب ۽ اشتقاق مان اڳ ۾ به کوڙ ڪالمن ۾ بيان ڪري چڪي آھيان ان ڪري اڄ انھيءَ جي لفظي معنيٰ بجاءِ انھيءَ جي عڪس کي بيان ڪرڻ ٿي چاھيان جھڙي طرح دنيا ۾ الڳ الڳ ملڪ ۽ حڪومتون آھن تھڙي طرح انھن حڪومتن جو نظام قائدا، قانون، طور طريقا ۽ اصول به الڳ الڳ آھن پر ھڪ ڳالھه ھر باشعور ۽ عوامي حڪومت ۾ ساڳي آھي ۽ اھا آھي عوام جي حقن جي پاسداري ۽ عوام جي اھميت ھر سلجھيل، ترقي يافته ۽ با اصول ملڪ ۽ رياست ۾ جمھوريت عوامي آزادي ۽ عوامي عزت سان سلھاڙيل ھوندي آھي جتي عوام جي آواز، امنگن ۽ خواھشن جو حد درجي تائين احترام ڪيو ۽ خيال رکيو ويندو آھي پر اسان وٽ جمھوريت جو منظر ئي نئون رھيو آھي جيڪو ھروڀرو ٻئي ڪنھن ھنڌ نظر نه ايندو جنھن جو چٽو ۽ سھڻو عڪس ڏيکارڻ لاءِ مون کي ھڪ ننڍڙو قصو ياد اچي رھيو آھي يقينن پڙھندڙن کي به وڻندو ڇو ته اھا ئي سچ جي سڀ کان وڏي خوبي آھي ته سچ ڳالھه ھر ڪنھن کي دل سان لڳندي ۽ پسند ايندي آھي ته پوءِ ھي قصو ٻڌو ۽ پاڪستاني جمھوريت کي غور سان جاچيو ته ڇا اسان وٽ جمھوريت ساڳي ھن قصي واري رھي آھي يا نه ؟

”ھڪ ڏينھن جھنگ جي سڀني جانورن شينھن کي چيو ته بادشاھ سلامت سڄو گوشت توھان پاڻ کائي ٿا وڃو ۽ اسان لاءِ رڳو ھڏيون ٿا بچايو ھي جمھوري دور آھي ان ڪري وسيلن جي ورڇ به جمھوري طريقي سان ٿيڻ کپي شينھن سڀني جي ڳالھه سان اتفاق ڪيو ۽ کين خاطري ڪرائي ته جمھوريت جو خيال رکيو ويندو ۽ جمھوريت قائم رکبي. ٻئي ڏينھن شينھن ڳئون جو شڪار ڪيو ۽ ان جا چار ٽڪرا ڪيا ۽ سڀني کي گھرائي ورھاست جو عمل شروع ڪيو شينھن ھڪ ٽڪرو کنيو ۽ پاسي ڪندي چيو ته بادشاھ جي حيثيت سان ھي منھنجو حصو آھي وري ٻيو حصو کڻي چيائين ھي شڪاريءَ جي حيثيت سان منھنجو حق ٿو ٿئي سو اھو مان کڻندس پوءِ ٽيون حصو کڻندي چيائين ھڪ عام حصيدار جي حيثيت سان ھي به منھنجي حصي جو ٿو ٿئي آخر ۾ چوٿون ٽڪرو کڻي ان کي ميدان تي رکيائين ۽ چيائين ھاڻي ڪنھن ۾ ھمت، جرئت ۽ طاقت آھي ته ھي کڻي ڏيکاري اسان جا جمھوري دور به ھن قصي کان گھٽ ناھن رھيا جتي چوٿون ٽڪر اسان لاءِ ٿو رکيو وڃي پر اڄ تائين ڪنھن ۾ به اھا ھمت، جرئت ۽ طاقت پيدا ناھي ٿي جو پنھنجي حصي جو چوٿون ٽڪر کڻي سگھي ڪيڏي نه وڏي ڳالھه آھي ته ھڪ شينھن کان سوين جانور پنھنجو حصو ۽ حق نه پيا وٺي سگھن ڇو ته نه سندن ۾ ھمت ھئي ۽ نه وري ٻڌي ۽ سچائي. جتي به انھن شين جي کوٽ يا اڻ ھوند ھوندي آھي اتي حقن ۽ وسيلن جي ورڇ ائين ئي ٿيندي آھي جيئن شينھن ڪئي ۽ جمھوريت به قائم رھندي آھي جي اسين به جھنگ جي جانورن وانگر ڇڙوڇڙ رھياسين ته پوءِ پڪ ڄاڻو اسان وٽ به شينھن واري جمھوريت ھلندي رھندي.

 

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.