عوام کي جذباتي نعرا نه پر مسئلن جا حل گهرجن

تحرير: حميده گهانگهرو

جڏهن کان سياسي جمهوريت جي ڊگڊگي وڄڻ شروع ٿي آهي ته رڳو 1970ع جي چونڊن ۾ عوام جي ووٽ جي حيثيت نظر آئي. يحيٰ خان سان سئو اختلاف ڪرڻ جي باوجود ٻه ڳالهيون ساراهڻ جوڳيون آهن. هڪ ته گهڻي وقت کان هلندڙ ون يونٽ تحريڪ جي جدوجهد کي ڏسندي آخر فيصلو ڪيو ويو ته ون يونٽ جو خاتمو ڪري عوام کي آزاديءَ سان ووٽ جو حق ڏنو وڃي. نه رڳو حڪم جاري ڪيا ويا پر عملي طور جڏهن 1970ع جي چونڊن ۾ ڪنهن به ڌانڌلي کانسواءِ ايمانداريءَ سان چونڊون ڪرايون ويون.

باقي اقتدار جا فيصلا، سياسي مصلحت ۽ اڄ جو بنگلاديش ان وقت جي اوڀر پاڪستان جا وڏا قصا ۽ تاريخ آهي جنهن تي ڌار بحث ٿي سگهي ٿو. وري ڀٽي صاحب جا 5  سال پورا ٿيڻ کانپوءِ ٻيهر چونڊون ٿيون ته ڌانڌلين ڪر کنيو ۽ منصفاڻين چونڊن کي داغدار ڪيو ويو. اڳتي هلي عوام 9 ستارن جي سياسي پارٽين جي اتحاد چونڊن کي چئلينج ڪيو اها تحريڪ ايتري تيزيءَ سان اڀري جو کٽيل پ پ حڪومت جو اقتدار 5 جولاءِ 1977ع جي ڪاري رات ۾ اوچتو ختم ڪري مارشل لا لاڳو ڪئي وئي. ڇاڪاڻ ته ضياءُ الحق ڀٽو حڪومت کي ڪامياب ڏسڻ نه پئي چاهيو.

ضياءَ الحق جي 11 سالن واري مارشل لا کي عوام جي احتجاج ڪرڻ واري اذيت جوڳي تاريخ سان مهاڏو اٽڪائي مقابلو ڪيو. نتيجو اهو نڪتو جو عوام سياسي شعور تحت بغاوت ڪندي هارين، مزدورن، شاگردن، عورتن هر شعبي سان تعلق رکندڙن،  اديبن، شاعرن ۽ صحافين پنهنجي حق لاءِ جدوجهد جي روايت کي نه ٽوڙيو جيڪا اڄ ڏينهن تائين براقرار آهي.

جڏهن ته سياسي قيادت تي هميشه وڏيرن، جاگيردارن، پيرن ۽ ميرن جو قبضو رهيو آهي. بقول نصرت ڀٽو صاحبه جي جڏهن ڀٽو صاحب جيل ۾ ڦاهي جي سزا ملڻ تي ساڻس ملي ته ڏوراپو ڏيندي چيائين ته پارٽي ڪا انقلابي پارٽي ناهي، هيءَ وڏيرن ۽ جاگيردارن جي پارٽي آهي. نصرت ڀٽو جي انهيءَ جواب ۾ الائجي ڪيتري ڳجهي تنقيد سان گڏ معيار، ڏوراپا ۽ ڏک هئو.  ۽ ٿيو ايئن ته هڪ مدبر سياستدان جي ٿوري غلطيءَ ڪري سالن کان غلاميءَ جي زنجير ۾ عوام کي قيد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جيڪا عوام قبولڻ کان انڪاري رهيو.

تاريخ جا ورق ٻڌائين ٿا ته مارشل لا جا تشدد، ڪوڙا، جيل ڀوڳنائن، شهادتن جمهوري سوچ کي مضبوط ڪيو. عوام کي خبر پئجي چڪي ته جمهوريت پوءِ به بدترين آمريت کان بهتر آهي. انهيءَ ڪري هميشه ووٽ ڏيڻ جي حمايت ڪندي سياسي پارٽين کي مان ڏنو آهي. پر ڇا انهن سياسي پارٽين  جي اڳواڻن ڪاميابي کانپوءِ ملڪ ۽ سماج کي بهتر ڪرڻ لاءِ ڪا سٺي موٽ ڏني آهي. معاشي بحران، بيروزگاري، زراعت جي تباهي کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪا اڳڀرائي ڪئي آهي.

عوام جا چونڊيل نمائندا بند ڪمرن جي ٿڌين ڪرسين تي ويهي غربت ۽ مفلسيءَ جي ماريل عوام تي رڳو سياست ڪئي آهي يا وري سندن نالي تي پرڏيهه مان فنڊ وٺي پنهنجا گهر سجائي ٻاهريان ٽوئر ڪري مراعاتن جي نشي ۾ عوام جي آهن جا آواز ٻڌڻ ۾ ئي نٿا اچن. پر عوام زندگيءَ جي ضرورت کي پنهنجو حق سمجهي انصاف لاءِ هميشه پنهنجي نمائندن تي اعتماد ڪيو آهي پر انهيءَ جي موٽ ۾ عام ماڻهوءَ کي ڇا حاصل ٿئي ٿو.

وقت تاريخ جو آئينو آهي. غريب ماڻهو چونڊن جي سرگرمين دوران ديڳ جا پڪل چانور کائي سمجهي ٿو ته هڪ ويلي جو بار لهي ويو. سمجهڻ گهرجي ته اٽي، لٽي، اجهي ڏيڻ جا علمبردار سندن حقن جي پاسداري ڪندي اصل اڳواڻ ٿي به سگهن ٿا ۽ هئڻ به گهرجن پر سندن سياسي سوچ ڏينهن رات ۽ موسم جي تبديليءَ وانگر تبديل ٿيندي دير نه لڳندي. ها سياسي ٺاهه ڪرڻ جمهوريت جي حسن جي سڃاڻپ آهي. حقيقت ۾ جمهوري رستن جا مخالف ڪنڊن کي ختم ڪري بهتر معياري رستا  هموار ٿي سگهن ٿا. پر ڇا ايئن ٿئي ٿو. رڳو چونڊن جي موسم ۾ ڀائي، ڀائي انڪل ڀائيٽو ٿي ڪهڙي سياسي ساک ۽ منشور مطابق عوام جي اعتماد کي کٽرائي سگهي ٿو.

بلاول ڀٽو زرداري اڄ جي سياسي سرگرمين ۾ نئون جوش ۽ واعدا اقرار ڪري عوام جي همدردي حاصل ڪرڻ ۾ رڌل آهي توڻي جو کڻي 2007 ۾ محترمه جي شهادت کانپوءِ کيس پارٽي جي اڳواڻي ڏني وئي. اها حقيقت آهي بلاول تڏهن اڃان بالغ به نه هو تنهن هوندي سڀني جي خواهش مطابق فيصلو قبول ڪيو. پر پنهنجي پرائمري جي سياست ۾ وڏيون ذميواريون کڻندو رهيو ۽ 2023ع تائين پرڏيهي وزير جي عهدي تي به رهيو. انهيءَ وچ ۾ ملڪ خاص ڪري سنڌ جو تمام ڳنڀير حالتون 2010ع جي ٻوڏ 2022ع جي ٻوڏ معاشي بحران نوجوانن جو بيروزگاريءَ سبب خودڪشيون، غربت، مهانگائي، بيروزگاري ۽ ڪرپشن جا ايوارڊ کڻڻ جهڙي صورتحال ضرور سندس ياسي سرگرمين جو بحث رهي هوندي. ايئن چئي سگهجي ٿو ته سياسي ٻوليءَ جا چئلينجز گذريل 15 سالن کان نوان ناهن. سندس سياسي سوچ جو سرواڻ والد صاحب رهيو آهي هر مهيني جي سياسي الڳ ٻولي  ۽ عوام سان اکيون اکين ۾ ملائي ڳالهائڻ جا مثال کيس وڏيرن، پيرن، ميرن جي مجبوري ۽ غريبن جي اميد شايد باشعور پڙهيل لکيل ۽ ٿوري گهڻي سياسي، سماجي سوچ رکندڙ کيس چڱي طرح سمجهي رهيا آهن. تاريخ جون قربانيون ڪير به وساري ناهي سگهندو.

هن وقت سياست  جو روايتي گاڏو ڪهڙي پاسي هلي رهيو آهي. ڇرڪائيندڙ خبر اها آهي ته سنڌ جي عوام سان گهرو تعلق رکندڙ پ پ کان شايد وسري ويو هجي جڏهن لياريءَ جي عوام دلان تيز بجان جا نعرا هڻي هميشه پ پ جو مان مٿانهون ڪيو آهي. اها پ پ جيڪا صرف ۽ صرف ڀٽو جي پارٽيءَ طور سڃاتي وڃي ۽ محترمه بينظير ڀٽو جي خون آلود چادر پيپلز پارٽي جي ٽن رنگن واري جهنڊي ۾ ڳاڙهاڻ طور سمايل هجي ان پارٽيءَ جي ڪمزوريءَ جي علامت اها نظر اچي ته بلاول ڀٽو، نواز شريف جي ووٽن کانسواءِ کٽي نٿو سگهي. ٻن ڏينهن کانپوءِ وري  اهو چوڻ ته سنڌ جي عوام طرفانچوان ٿو ميان صاحب نه کپي، وري شينهن جي ساٿارين ڪارونجهر ڏانهن آڱر کنئي ته هٿ ڪپي ڇڏينداسين. بلاول صاحب! نواز شريف ته جڏهن به اچي يا نه اچي پر ڪارونجهر جو ڪنڌ ته سنڌ حڪومت جي دور ۾ ئي ڪسجي ويو آهي. انهيءَ جبل جي ڪسجڻ جا پيرا ماضي يعني 2022 تائين واري حڪمرانيءَ ڏانهن اچن ٿا. جڏهن ڪارونجهر ڪسجي رهيو هئو ته سنڌ جو عوام خاص طور ٿر روئي رهيو هئو. ڇا توهان ڪابه دانهن ناهيو ٻڌندا جيڪي پيرا توهانجي در تائين اچن تن تي ڇنڪار ڪري ڌوئرائي ڇڏيندا آهيو؟

هن وقت عام ماڻهو  جو لاڙو ڪنهن به هٿ ٺوڪئي نعرن کي سمجهي ٿو ۽ احتجاج به ڪري رهيو آهي. پر چونڊ جي ڏينهن ۾ عام ماڻهو جو وس ۽ وت ڪيترو بيهي ٿو اهو ته شايد 8 فيبروري تي خبر پوي. سمجهڻ گهرجي ته پ پ کي رڳو ڀٽي صاحب ۽ محترمه جي شهادت جو تاج پائي اقتدار جي پارٽي نه سمجهي وڃي. پر انهن شهادتن عام ماڻهن جي قربانين ڪارڪنن جو اڄ ڏينهن تائين پختو ارادو رکي ويساهه قائم ڪرڻ ڪيترو اهم آهي ايئن نه ٿئي ته 2024ع جي چونڊ اڳواڻن جي شهادت کانپوءِ ويساهه جي به شهادت ٿي وڃي.

پارٽي جو منشور جذباتي نعرن ۽ سکڻن دلاسن تائين محدودو نه هجي پر عوام جي بنيادي مسئلن جي حل جو ڳولڻ ۽ سجاڳ ٿيڻ جو دور آهي. رڳو غريب عوام کي ڀاڪر پائي ٻوڏي واري پاڻيءَ ۾ پير وجهي هلڻ سان عوام جي سوچن ۽ سچائيءَ سان کيڏڻ بدران انهيءَ ٻوڏ دوران ڪيترا لاش لڙهيا ڪيترا گهر تباهه ٿيا ٻڏندڙ سنڌ  رڳو 200 گهرن تي ٻڌل نه هئي. غريبن کي کربين مليل فنڊ ڪهڙي کاتي ۾ ويا اهو به حساب هئڻ گهرجي.

هن وقت سياسي اڀار پيدا ٿي رهيو آهي پر ان کان وڌيڪ ويساهه گهاتي جي سياست اها آهي ته  عوام کي وري ڇيهو رسايو پيو وڃي، آخر عوام جو ڪهڙو ڏوهه آهي. جو غربت ۾ پيٽ سان پٿر ٻڌي مهانگائي جي اوڙاهه ۾ تڙپي پوءِ به چون دلالن تير بجان. سياسي سوچ ۽ حقيقي سچائي جو جڏهن سج اڀريو ته ڪٿي اهو نه چوڻو پوي ته ماضيءَ جي غلطين ٻوڙي ڇڏيو.

تاريخ جو ڪڙو سچ اهو آهي هن وقت ڪنهن به غير سنجيده لاڙو پيدا ڪرڻ کان اڳ سچ لکڻ، سچ ڳالهائڻ جي سگهه پيدا ڪري حقيقتن کي گمنام ڪرڻ بدران شعور کي نروار ڪجي. شخصيت پرستيءَ جي گمراهيءَ ۾ تاريخ حقيقتن کي دراصل ڌٻڻ ۾ ڦاسائڻ ۽ ايندڙ نسل جي شعور جو قتل آهي. سياسي شعور ۽ جمهوري روين کي جاندار ۽ عوام جي بهتري جي سرڪل ۾ ڏسڻ گهرجي جيڪڏهن اتحاد به ٺهن ته اقتدار جو مفاد نه پر عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ هجي. انهيءَ ڪري سياست عوام جي شعور جي امانت آهي. ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ ڪجهه قومپرست ۽ ٻين سنڌ جي پارٽين آزاد اميدوارن جا به چهرا نظر اچي رهيا آهن. ايئن ناهي ته ڪو هو چونڊ اميدوار آهن. ڪافي عرصي کان سنڌ جي ڳنڀير مسئلن مثلن ڪالاباغ ڊيم، ٻوڏ، غربت ، مهانگائي ڪراچيءَ کي سنڌ صوبي کان الڳ ڪرڻ بلڪل ايئن جيئن قرباني ڪرڻ وقت اڳ ڌڙ کان سسي ڌار ڪئي وڃي اهڙي طرح هنن اڳواڻن پنهنجو واضح موقف رکي احتجاج ڪيا آهن.

چوڻي آهي ته ”واڪا ڪرڻ مون وس، ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو“حڪمرانن اتفاق سان هميشه اهڙا ٻروچ رهيا آهن جن جي ڪنن ۾ واڪا ٻڌجن به ٿا الائي نه؟ جڏهن ته سنڌ جي قومپرست ۽ آزاد اميدوارن جا واڪا ته ضرور ٻڌا هوندا. پر ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا واري سياست سنڌ ۾ پ پ اقتدار جي دور ۾ به ڪو تدارڪ نه ڪري سگهي آهي. پهريون ڪتاب، ڊائجسٽن ۾ خيالي ۽ ڪجهه قصا پڙهندا هئاسين.  سڄي سنڌ هڪ تاريخي ڊاڪيومينٽ جي صورتحال ۾ قصو بڻجي وئي آهي. چونڊن جي ڪجهه ڏينهن جي عام کي آٿت ڏيڻ واري پرچار عوام جي حقيقي مسئلن جو حل ناهي.

(انٽرنيشنل ريليشن) آءِ آر پڙهائيندي ۽ پڙهندي ڪجهه نظريا سوشلسٽ نظريو. ڪميونسٽ نظريو. اشتراڪيت، استعماريت، سامراجي سوچ، ڪميونسٽ سوچ ڇا ته پڙهڻ وقت دماغ جي بند درين کي تيز طوفان وانگر کولي بند اکين کي سجاڳي ڏيندي هئي. پر هن وقت ملڪ ڪهڙي نظريي جي پرچار ڪري ٿو. سندن سوچ ڪهڙي فلسفي مطابق آهي. بس ايئن ٿو محسوس ٿئي ڄڻ استعماريت جو طوفان ڪورونا وائرس وانگر سڄي ملڪ تي پکڙيل آهي. پوءِ پيا ٿا حڪيمن جي ستين ۽ ڦڪين جا ٿيلها کڻي عوام کي سستي اگهه تي خوش ڪرڻ وارو حوصلو ڏين. جڏهن ته عوام سياسي طور طبقاتي نظام جي خاتمي ۽ خودشحالي جي اميد تي زنده رهڻ چاهين ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.