آخر بلوچ عورتن کي اڳتي ڇو اچڻو پيو؟

انور ساجدي

وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ عھدي سنڀالڻ بعد ملڪي۽غيرملڪي ميڊيا کي پرمغز  انٽرويو ڏنا آھن.پنھنجن ڪجھه انٽرويوز ۾  اڻڄاڻائي،معصوميت ۾ يا ڄاڻي واڻي پاڪستاني عوام جي سامهون اهو مسئلو رکيو تھ، بلوچ ناراض نه آهن، پر اهي پنھنجي سڃاڻپ سان پنھنجي آزاد رياست بڻائڻ چاهين ٿا،جنهن ڏينهن ماه رنگ بلوچ  جو قافلو رياستي طاقت جو مقابلو ڪندي اسلام آباد پھتو ھو.ڪاڪڙ صاحب گهڻو ڪاوڙ ۾ هو.ھڪ تقريب کي خطاب ڪندي ھو پنهنجو اصل موضوع وساري ويٺو ھو.ھن بلوچ تحريڪ تي گھڻي ڪاوڙ جو اظھار ڪيو ۽ پاڪستاني عوام تي زور ڏنو ته اھي بلوچن کان دور رھن.جيڪي سندن وطن کي نقصان پهچائڻ چاھين ٿا.

جيئن تھ  انوارالحق ڪاڪڙ جو خطاب ۽انٽرويو ڪروڙين پاڪستانين جي نظر مان گذريو ،انڪري پنجاب جي عوام کي پهريون ڀيرو مسئلي جي سنگيني جو پتو پيو،نھ تھ ھن کان اڳ نيشنل ايڪشن پلان تحت ميڊيا جي پابندين  ۽ بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي  اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پاران بلوچ تنظيمن جي خبرن تي پابندي بعد پنجاب جي عوام تائين بلوچستان جون خبرون پهچي نه رهيون ھيون ۽ درست صورتحال کان آگاھ نھ ھئا.جناب انوارالحق ڪاڪڙ جي مھرباني جو ھن آسان زبان ۾ پاڪستان جي عوام کي سمجھايو ته بلوچستان جو اصل مسئلو ڇا آهي ۽ اھي ڇا چاھين ٿا؟

اسلام آباد ۾ بلوچ مائرن، ڌيئرن ۽ ٻارن سان جيڪو سلوڪ ڪيو ويو، اهو ظاهر ڪري ٿو ته هن رياست ۾ بلوچن جي ڪا حيثيت نھ آھي.انھن جو وجود،انھن جون زندگيون اھميت نٿيون رکن.جڏھن قاضي فائز عيسيٰ خبرن تي پابندي لڳائي ھئي تھ ان وقت سوشل ميڊيا جو استعمال عام نه،آھستي آھستي ماڻھون ھن پاورفل ميڊيم جو استعمال ڪندا رھيا پر بلوچ يڪجھتي ڪميٽي جي قيام بعد سوشل ميڊيا کي استعمال ڪرڻ جو ھڪ ڄڻ طوفان اچي ويو.ڪميٽي جي قيام ۾ فريده بلوچ اھم ڪردار ادا ڪيو ھو.ڏسندي ئي ڏسندي اھو بلوچن جو وڏو پليٽ فارم بڻجي ويو.وقتي سياست کان دور پارلياماني رعايتن کان پري،ھي بنيادي انساني حقن جي تحريڪ آھي.

اوهان کي ياد ھوندو ته ڪئين سال پهرين اها تجويز ڏني وئي هئي ته انساني حقن جي بنياد تي هڪ تحريڪ جي ضرورت آهي،جيڪا پرامن مزاحمت جو رستو اختيار ڪري دنيا جي آڏو پنهنجا مسئلا  پيش ڪري.بي شڪ بلوچ يڪجهتي ڪميٽيءَ اھو ٽاسڪ بخوبي پورو ڪيو آھي۽بلوچن جي لاءِ خوشي جي ڳالهه ھي آهي ته ھن تنظيم کي تمام فعال باصلاحيت ۽ باڪردار قيادت مليل آهي. ماھ رنگ بلوچ تربت کان اسلام آباد تائين  ھڪ بي مثال مارچ جي قيادت ڪري پنھنجي پاڻ کي مڃرايو آھي۽ ھن جون جيڪي ڪامريڊ سمي دين ۽ بيبو جي صورت ۾ ھيون، اھي بھ قوم جي قيادت ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿيون.

جڏھن اسلام آباد جي حڪمرانن به بلوچ مائرن،نياڻين ۽ ٻارن کي ڌڪاريو ته پنهنجي الوداعي خطاب ۾ ماھ رنگ چيو ته ،حڪمرانن اسان کي چئي ڇڏيو آهي. اسين واپس بلوچستان وڃون.سو اسين،پنهنجي وطن۽پنھنجي گلزمين بلوچستان وڃي رهيا آهيون.اسين  پنھنجي عوام کي ٻڌائينداسين ته، اسان سان ڪهڙو سلوڪ ٿيو ۽ اسان جي باري ۾ھنن جو  ارادو ڪھڙو آهي؟ بھرحال اھو قافلو واپس ڪوئٽيا پھتو تھ  شال پھچڻ تي يقين نھ ڪرڻ جھڙا منظر ڏسڻ لاءِ مليا.لڳي پيو ڄڻ سمورو شال شھر آجيان لاءِ نڪري آيو آھي.بلوچستان يونيورسٽي جي سامهون ھزارين ماڻھو جمع ھئا.بلا  جو ڊسپلين ھو،

ماھ رنگ جيڪو خطاب ڪيو اھو بھ تاريخي خطاب ھو.ھن چيو تھ وفاقي راڄڌاني ۾ اسان جي مٿي تان چادرون ڇڪيون ويون، ڪپڙا ڦاڙي ليڙون ليڙون ڪيا ويا،اسان کي ھر طرح جي نفرت ۽ تشدد جو نشانو بڻايو ويو،ان موقعي تي ماڻھن ماھ رنگ جي مٿي تي بلوچي دستار سجايو.پٽڪو ھن کان اڳ تاريخ ۾ خان ٻانڙي ۽ گل بي بي پنھنجن مٿن تي رکيو ھو. اهو هڪ علامتي عمل آھي،يعني دستار ان جي سر تي رکي ويندي آهي،جيڪو اڳواڻي ۽ رھنمائي جي لائق ھجي.نھ رڳو ايترو پر دستار پائڻ واري شخصيت ان دستار جي فضيلت ۽ اھيمت کان واقف ھجي.

عام بلوچن کي اھا ئي اميد آهي ته ماه رنگ اھو پٽڪو ڪرڻ نھ ڏيندي، بلڪھ سرڪٽائي سگھي ٿي پر جھڪائي نٿي سگھي، اھا تمام وڏي توقع،اميد ۽ مان آھي، ان جو مطلب اهو آهي ته ماه رنگ هر طرح جي حالتن باوجود ثابت قدم رھندي،بلوچ دعائون ڪن ٿا تھ خدا ھن جي سر کي سلامت رکي. پر جنگ تمام وڏي آهي، اھا گھڻي قرباني گھري ٿي.ان رستي ۾ ھزارين لکين سر وڃي سگھن ٿا.پر ايندڙ ماڻھون جيڪڏھن ھن جدوجھد کي برقرار رکن ٿا تھ ،اھي پنھنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي سگھن ٿا.

مونکي خبر ناھي تھ ماھ رنگ ميڙ اسلام آباد وٺي وڃڻ جي ڳالھھ ڪئي ھئي يا نھ .ڇاڪاڻ جو ميڙ برابر وارن يا ”سيالن“ ڏانھن وٺي وڃبو آھي.طاقت ۾ مغلوب ماڻھن ڏانھن نھ وٺي وڃبو آھي.ڀلا جيڪڏھن ھن ميڙ جي ڳالهھ ڪئي ھئي تڏھن بھ ٺيڪ آهي، ڇاڪاڻ جو  حڪمرانن اهو ميڙ رد ڪري،ڌتڪاري ڇڏيو، خود ئي مزاحمت جو رستو کولي ڇڏيو. ان کي شاهواڻي اسٽيڊيم جي  بي مثال جلسي مان عوامي جذبات جو اندازو ٿيڻ کپي،گهٽ وقت ۽ تڪڙي نوٽيس تي  ھزارين ماڻهن جو جلسي ۾ اچڻ ڪا معمولي ڳالهه ناهي.ڪوئيٽا جي تاريخ ۾ اڄ تائين ايترو وڏو اجتماع نه ٿيو آهي، اھو ان ڳالهه جو اظھار آھي ته عوام روايتي سياست ۽ ان ۾ حصو وٺندڙ خيراتي ماڻھن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. اھي صرف ھڪ نقطي تي ھڪ ٿيا ۽ اهو آھي بلوچ قوم۽ گلزمين جو مستقبل.يقيناً ان اتحاد ۽ ايڪتا جي خلاف تمام گهڻيون سازشون ٿينديون، هر طريقي سان مير جعفر ۽ مير صادق استعمال ٿيندا، پر قيادت ثابت قدم ۽ پرعزم رهي تھ اھي سازشون ناڪام ٿينديون.

سوچڻ جي ڳالھھ ھي آهي ته مرد ليڊر موجود  ھجن ھا تھ عورتون اڳيان نه اچن ھا، 75 سالن جي حالتن نامردن جي  فوج ۽ ظفرموج پيدا ڪري ڇڏي آهي. انڪري اٽل ارادي وارين عورتن کي اڳيان اچڻو پيو.ان جي نتيجي ۾ بلوچستان واحد علائقو آھي جنھن ۾ صنفي فرق ختم ٿي ويو آھي.ھتي ڪو مرد ڪا عورت نھ آھي،سڀ ھڪ آھن.

سموري صورتحال ۾ اها ڳالهه واضح طور تي نظر اچي رھي آهي ته اسلام آباد جا حڪمران  بلوچ  مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ سنجيدھ نھ آھن.زميني حقيقتن باجود اھي بلوچ مزاحمت کي ڀوڳ سمجھي رھيا آھن.انھن جو خيال آھي تھ بلوچستان ۽ بنگال جي صورتحال ۾ ڪا بھ ھڪجھڙائي نھ آھي.بلوچستان چئني پاسن کان گھيري ۾ آيل آھي ۽ ان جي آبادي بھ گھٽ آھي.انھن جو خيال آھي تھ ايتري آبادي کي طاقت جي زور تي جھڪائي سگھجي ٿو پر اھو تھ مسئلي جو ھڪڙو پھلو آھي،ٻيو پھلو ھي آھي تھ جيڪڏھن مزاحمت وڌي ٿي تھ ۽ رياستي مشينري ناڪام ٿي وڃي ٿي تھ پوءِ ڇا ٿيندو ؟ ڇا آخري طريقي جي طور تي اسمارٽ بم يا ڪارپٽ بمباري ڪري بلوچن جي سموري آبادي کي ڌرتي تان ئي مٽائي ڇڏبو.ھن زماني ۾ اھو ممڪن نھ آھي.ڇاڪاڻ جو بلوچ مسئلو دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پھچي چڪو آھي.تنھن ڪري اسلام آباد جي حڪمرانن کي ھن معاملي کي خوش اسلوبي سان حل ڪرڻ ڏانھن اڳڀرائي ڪرڻ گھرجي.جيڪڏھن ائين نھ ڪيو ويو تھ پھرين مرحلي ۾ اھو مطالبو سامھون اچي سگھي ٿو تھ بلوچستان کي مڪمل خودمختاري ڏني وڃي.بي شڪ اھو پاڪستان جي وحدت جو حصو آهي پر مرڪزي سرڪار پنھنجو دائري ڪار ختم ڪري. ان جو هڪ مثال عراقي ڪردستان آهي، جتي ڪردن کي مڪمل خودمختاري ڏني وئي آهي.حالانڪھ  ڪردن ۽ بلوچستان جي جاگرافيائي حيثيت ۾ فرق آھي.ڪردن جو ڪڏھن آزاد وطن نھ رھيو آھي، جڏهن ته بلوچستان 1948 تائين آزاد وطن ھو.

خود مختيار علائقي کي تسليم ڪرڻ  کانپوءِ وفاق بلوچستان جي سمورا وسيلا، بلوچستان جي حوالي ڪري ڇڏي ته، توهان ڄاڻو  توهان جو ڪم ڄاڻي.وفاق ڪي بھ وسيلا مھيا ڪري نھ ڪندو. توهان پنهنجن وسيلن مان پاڻ گذارو ڪريو. جيڪڏھن خودمختيار علائقي جو شرط تسليم نھ ڪيو ويو تھ  ڳالهه ڪيستائين پھچندي اھو ايندڙ وقت ٻڌائيندو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.