زلف پيرزادي جهڙا انسان ڪڏهن به نه وسرندا

ثريا مخدوم

مانواري زلف پيرزادي جي اوچتي ۽ يقين نه ايندڙ وڇوڙي جو سخت افسوس ٿيو. اڃا ٻه ٽي ڏينهن اڳ ئي، 26 جنوري تي هن پنهنجن مائٽن جي هڪ شاديءَ جي شاديءَ جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي هئي.   28 جنوريءَ تي صبح جو سوير هن کي اوچتو دل جو دورو پيو، جنهن مان هو بچي نه سگھيو.  سندس ميت کي سندس اباڻي ڳوٺ، ٻلهڙيجي، ضلعو لاڙڪاڻو ۾ کڻي ويا، جتي سندس تدفين ان ئي رات، يعني 28 جنوري تي ڪئي وئي.

زلف طبيعت جو نهايت سادو، ملنسار ۽ همدرد انسان هو. هن ۾ ڪابه بناوٽ نه هئي. کرو ۽ سچو انسان هو هو مٽن مائٽن توڙي دوستن ۾ گھڻو مقبول هو.  سندس پوئنرن ۾ سندس گھرواري خالده زلف، چار نياڻيون، وروُنهن، ورثا، ورکا ۽ وينگس ۽ هڪ فرزند شامل آهن، جنهن تي هن پنهنجي بابا سائينءَ جو نالو عبدالرحيم پيرزادو رکيو. زلف سميت هو ست ڀائر هئا ۽ ٽي ڀينر آهن.  ڀائرن جا نالا هن ريت آهن: زلف، اعجاز، جميل، سهيل، سليم، نعيم ۽ فهيم. ڀينرون آهن؛ ڪوثر، عقيلا ۽ شهنيلا. ان کان سواءِ سوڳوارن ۾ ٻيا مٽ مائٽ ۽ دوست احباب  پڻ  ڪافي اٿس.

زلف پيرزادو 1960 ۾ ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم ٻلهڙيجيءَ ۾ حاصل ڪيائين. ان کان پوءِ جڏهن سندن بابا سائين عبدالرحيم ڪراچي ويو ته هو ڇهين ڪلاس کان مئٽرڪ تائين اين جي وي هاءِ اسڪول، ڪراچي ءَ ۾ پڙهيو، ۽ اتان ئي مئٽرڪ پاس ڪيائين.

زلف پنهنجي شاگرديِ واري دور کان ئي نهايت متحرڪ رهيو.  هن جو شروع کان ئي کاٻي ڌر ۽ ڪميونسٽ پارٽي ڏانهن لاڙو هو. ننڍي عمر ۾ هڪ ڀيرو مختصر وقت لاءِ جيل به ويو. پنهنجي زندگيِءَ ۾ زلف گھڻائي ڪم ڪيا.  ناميارو راڳي حنيف لاشاري ٻڌائي ٿو ته 80 جي ڏهاڪي ۾ زلف هنن جي مشهور وائسز گروپ سان گڏ ڳائيندو هو ۽ سٺو ڳائڻو هو. وائسز گروپ ۾ حنيف لاشاري، شاهد ڀٽو، بيدل مسرور بدوي، پرويز سومرو ۽ ٽي ڀينر شڪيلا، تمثيلا ۽ فرزانا رضوي شامل هئا.  اهو سلسلو  ڪافي وقت هليو.

پر زلف نيٺ ڳائڻ جي دنيا مان نڪري وڃي صحافت جا وڻ وسايا. ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر جي مختلف اخبارن ۾ ڪم ڪيائين.2004 ۾ وري اچي عوامي آواز جي سٿ ۾ شامل ٿيو، جتي هو آخر تائين، يعني، گذاري وڃڻ کان هڪ ڏينهن اڳ، 27 جنوري 2024 تائين رهيو.  سنڌي صحافت ۾ زلف پيرزادو هڪ ڄاتل سڃاتل نالو آهي. آخر ۾ هو روزاني عوامي آواز اخبار جي نيوز سيڪشن جو ڊپٽي ايڍيٽر هو. عوامي آواز سان ويهن سالن کان به وڌيڪ عرصي کان وابسته هو.  ان اخبار کي مقبول بنائڻ ۽ ان جو معيار برقرار رکڻ ۾ هن جو پڻ وڏو هٿ هو.  عوامي آواز جي ويب ٽي وي جي اڪثر پروگرامن ۾ پڻ حصو وٺندو رهندو هو.

زلف خبرون ٺاهڻ ۾ ماهر هو. ٻين لفظن ۾ هن کي نيوز سينس (News sense) هو. هن کي خبر هئي ته ڪا خبر ڪيئن ۽ ڪٿي لڳائجي. خبرن جون سرخيون ٺاهڻ ۾ ته هن کي خاص مهارت هئي. اهو هڪ تخليقي فن آهي، جنهن ۾ زلف پنهنجو مٽ پاڻ هو. هن بهترين ۽ پر ڪشش سرخيون تخليق ڪيون ۽ انهن کي اهڙيءَ طرح لڳايائين جو پڙهندڙ فوري متوجھه ٿي وڃي ۽ پوري خبر پڙهڻ کان سواءِ نه رهي سگهي!

صحافت کان سواءِ، زلف شاعري پڻ ڪندو هو. هن جي شاعري اخبارن ۽ رسالن وغيره ۾ ڇپبي رهندي هئي.  هن جو مطالعو به سٺو هو، خاص طور تي روسي ۽ انقلابي ادب جو ڪافي اڀياس ڪيو هئائين.  جديد توڙي ڪلاسيڪي ادب تي گھري نظر رکندو هو. هو ترقي پسند خيالن جو هو ۽ ترقي پسند لاڙن سان لاڳاپيل رهيو، جنهن جو عڪس سندس شاعري ۽ ٻين لکڻين توڙي عام رهڻي ڪهڻي مان ملي ٿو.

زلف عورتن جي حقن جو صحيح معني ۾ علمبردار هو. هن جي ترقي پسندي عملي هئي.  هن ان جي شروعات پنهنجي ئي گھر سان ڪئي. پنهنجي گھرواري خالدا جي هن هر ڪم ۾ همت افزائي ڪئي ۽ هن جي راھ ۾ ڪڏهن به ڪا رنڊڪ نه وڌائين.  پنهنجين نياڻين کي پڻ سٺي تعليم ڏياريائين ۽ هنن کي سماجي ۽ سياسي طور تي متحرڪ ٿيڻ لاءِ همٿايائين. هنن کي اهو نه چيائين ته، ”ڇوري چپ ڪري ويھه، پنهنجي پڙهائي ڪر“. ان جي برعڪس زلف پنهنجين نياڻين سماجي ۽ سياسي شعور ڏنو. اهوئي سبب آهي جو سندس هڪ نياڻي، ورثا هن وقت شاگرد سياست ۾ مک ڪردار ادا ڪري رهي آهي. ان کان سواءِ هوءَ هڪ عورتن جي تنظيم سان وابستا آهي ۽ صحافت پڻ ڪري ڪري پئي.

زلف جي خاندان سان اسان جا پراڻا لاڳاپا آهن. هو عبدالرحيم پيرزادي جو فرزند هو، جيڪو اسان جي گھڻو ويجھو هو. جڏهن اسان جو والد صاحب عبدالوالي مخدوم لاڙڪاڻي ۾ جج هو، ان وقت مان ۽ زاهد اسڪول ۾ پڙهندا هئاسين. خانداني تعلقات جي نسبت سان اسان جي والد صاحب کيس پاڻ وٽ رهايو ۽ هو مونکي ۽ زاهد کي سنڀاليندو هو. بابا ۽ ٻيا گھڻا ماڻهو کيس ”گِلي“ چوندا هئا. سو اسان به کيس ماما گلِي سڏيندا هئاسين. عبدالرحيم پيرزادو هڪ بيمثال انسان هو. هن جا آخر تائين اسان سان ويجھا تعلقات رهيا.  جڏهن هو ڪراچيءَ ۾ اچي رهيو تڏهن هن پنهنجن ڪيترن ئي مائٽن کي پڻ همٿائي ڪراچيءَ ۾ رهائش اختيار ڪرائي ۽ سندن تعليم ۽ روزگار جي سلسلي ۾ ڪافي مدد ڪئي.  عبدالرحيم ٻين به گھڻن ماڻهن جي مدد ڪئي. هو هر ڪنهن جي ڏک سک ۾ ساڻن شريڪ هوندو هو. ڪراچي ۾ هو پنهنجي مائٽ ڊاڪٽر محمد حسن پيرزادي جي جانورن جي ڪلينڪ ۾ اهم خدمتون انجام ڏيندو هو.

جيئن ته عبدالرحيم سان ايترا ويجھا تعلقات هئا، سو هن جي سموري ڪٽنب سان پڻ ساڳي انسيت رهي. زلف، خالدا ۽ سندن ٻارن سان هميشه ويجھا لاڳاپا رهيا آهن. زلف جڏهن به، جتي به ملندو، هميشه قرب ۽ عزت سان ملندو. اڪثر هن جي بابا سائينءَ کي ياد ڪنداهئا سين ۽ هن جون يادون تازيون ڪندا هئاسين.  هو اڪثر منهنجي ڀاءُ خالد حسين جي گھر گلشن حديد ۾ ايندو هو ۽ ادا خالد جي ڪچهرين ۾ شريڪ ٿيندو هو. ادا خالد پاڻ هڪ يارن جو يار ماڻهو هو.  هڪ ته زلف جي پنهنجي شخصيت وڻندڙ هئي ۽ ٻيو وري عبدالرحيم جي ڪري پڻ ادا خالد هن کي ڏاڍو ڀائيندو هو.زلف پيرزادي جهڙا انسان ڪڏهن به نه وسرندا. سندس مرڪندڙ چهرو ۽ قربائتو سڀاءُ هميشه ياد رهندا!

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

**

 

 

**

 

 

 

 

 

 

 

 

 

**

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.