ملڪ ۾ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ پولنگ اسٽيشنون حساس قرار

8 فيبروري تي ٿيندڙ چونڊن جو تياريون زور شور سان جاري آھن،سڄي ملڪ ۾ قائم اڪثر پولنگ اسٽيشنن کي حساس يا انتهائي حساس قرار ڏنو ويو آهي.ملڪ ۾ قائم ڪيل 90 هزار 675 پولنگ اسٽيشنن مان 46 هزار 65 (50 سيڪڙو کان وڌيڪ) کي حساس قرار ڏنو ويو آهي، جن مان 18 هزار 437 انتهائي حساس آهن.

پنجاب ۾ حساس ۽ انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنن جو ڪل تعداد 18 هزار 620 (يا 40.42 سيڪڙو) آهي، جن مان 12 هزار 580 کي حساس ۽ 6 هزار 40 کي انتهائي حساس قرار ڏنو ويو آهي،صوبي ۾ ڪل 50 هزار 944 پولنگ اسٽيشنن مان صرف 32 هزار پولنگ اسٽيشنن کي نارمل قرار ڏنو ويو آهي.

سنڌ ۾ 6 هزار 545 پولنگ اسٽيشنن کي حساس ۽ 6 هزار 524 کي انتهائي حساس قرار ڏنو ويو آهي، جنهن جو مطلب آهي ته صوبي جي ڪل 19 هزار 6 پولنگ اسٽيشنن  مان رڳو 5 هزار 937 پولنگ اسٽيشنون نارمل آهن.

خيبرپختونخواهه ۾ حساس ۽ انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنن جو انگ 10 هزار 309 آهي، جن مان 6 هزار 166 پولنگ اسٽيشنن کي حساس ۽ 4 هزار 143 پولنگ اسٽيشنن کي انتهائي حساس قرار ڏنو ويو آهي. صوبي ۾ پولنگ اسٽيشنن جو انگ 15 هزار 697 آهي، جن مان رڳو ٽيون حصو يعني5 هزار 388 پولنگ اسٽيشنز کي نارمل قرار ڏنو ويو آهي.

بلوچستان ۾ صورتحال اڃان بھ وڌيڪ خراب نظر اچي رھي آهي، جتي نارمل پولنگ اسٽيشنن جو تناسب 20 سيڪڙو کان به گهٽ آهي، پولنگ اسٽيشنن جو ڪل تعداد 5 هزار 28 آهي، جن مان رڳو 961 پولنگ اسٽيشنن کي نارمل قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته باقي 2 لک 337 پولنگ اسٽيشنن کي حساس ۽ هڪ هزار 730 کي انتهائي حساس قرار ڏنو ويو آهي.انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنن جي هر پولنگ بوٿ تي نگراني ڪيمرا لڳائڻيون پونديون يا حڪومت کي هدايت ڪرڻي پوندي ته اھا پولنگ جي عمل، ووٽن جي نگراني ڪرڻ کان سواءِ بھ مناسب حفاظتي اپاءَ به وٺي.

اليڪشن ڪميشن جي انگن اکرن موجب عام چونڊن  لاءِ ڪل 90 هزار 675 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن، جن ۾ مردن لاءِ 25 هزار 320 ۽ عورتن لاءِ 23 هزار 950 پولنگ اسٽيشنون هونديون،ملڪ ۾ 41 هزار 405 گڏيل پولنگ اسٽيشنون هونديون،سنڌ ۾ مردن لاءِ 4 هزار 439،عورتن لاءِ 4 هزار 308 پولنگ اسٽيشنون هونديون، صوبي ۾ 10 هزار 259 گڏيل پولنگ اسٽيشنون هونديون.بيلٽ پيپرز جي ڇپائي جو 50 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي ويو آهي. جڏهن ته بيلٽ پيپرز جي ورهاست شروع ڪئي وئي آهي. اليڪشن ڪميشن 13 ڪروڙ کان وڌيڪ بيلٽ پيپرز جي ڇپائي مڪمل ڪري ورتي آھي. سامھون آيل معلومات موجب 3 فيبروري تي بيلٽ پيپرز جي ڇپائي ۽ ورهاست جو عمل مڪمل ڪيو ويندو. قومي اسيمبلي جي 266 تڪن ۽ صوبائي اسيمبلين جي 593 تڪن جي بيلٽ جي ڇپائي جو عمل جاري آهي.

اليڪشن ڪميشن عام چونڊن لاءِ گڏيل طور تي 26 ڪروڙ بيلٽ پيپر ڇاپيندي. خصوصي فيچر تي ٻڌل بيلٽ پيپرز به ڇا پيا وڃن. عام چونڊن ۾ واٽر مارڪ وارن بيلٽ پيپر جو استعمال ڪيو پيو وڃي.اھو درست آھي تھ ملڪ ۾ عام چونڊن جون تياريون جاري آھن پر ھن ڀيري چونڊن ۾ اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ پولنگ اسٽيشنون حساس يا انتھائي حساس قرار ڏنيون ويون آھن.توقع ڪجي ٿي تھ اھي عام چونڊون امن امان سان ٿي وڃن،ھر اليڪشن ۾ سيڪورٽي عملي جي مدد ۽ محنت بھ پرامن چونڊن جي لاءِ گھڻو اھم ھوندي آھي.

سياسي جماعتن جا اعلان ۽ معاشي بھتري جا امڪان

ملڪ ۾ عام چونڊن ۾ ملڪي معيشت جي بھتري جو ڳالھيون تھ ٿي رھيون آھن،پر ان ڏس ۾ ڪنھن عمل جوڳي معاشي پلان ڏانھن ھن وقت تائين ڌيان نھ ڏنو ويو آھي،ورھين کان ڪنھن بھتر معاشي پاليسي نھ ھجڻ ڪري غيرملڪي قرضن ۽ آءِ ايم ايف،جي قرض تي ڀاڙڻو پوي ٿو.ملڪ جو ناڻو پاڪستان دفاع ۽ آءِ ايم ايف، جي ملڪ تي قرضن جي مد ۾ گھڻو خرچ ٿئي ٿو.دفاعي خرچ گھٽائڻ ممڪن نھ آھي ۽ پرڏيهي قرض سان بھ ساڳي صورتحال آھي. ان صورت ۾ پاڪستان  جي معاشي مشڪلات ۾ فوري گهٽتائي جو ڪو به امڪان نظر نٿو اچي.

آءِ ايم ايف سان معاهدن سبب بجلي ۽ گيس جي قيمتن ۾ واڌ جا ٻه سبب آهن. هڪ ته ملڪ وٽ مهانگي گيس خريد ڪرڻ يا مهانگي بجلي پيدا ڪرڻ جا وسيلا نه آهن ته جيئن سستي اگهه تي عوام تائين پهچائي.ماضي ۾ ملڪ جي آمدني وڌائڻ ۾ حڪومتون ناڪام رھيون آھن.ٻن وڏين سياسي جماعتن مسلم ليگ (ن)  ۽ پيپلز پارٽي  معاشي سڌارن جو اعلان ڪيوآھي.

بلاول ڀٽو جي چونڊ واعدن ۾ پگهارون ٻيڻيون ڪرڻ،مستحق ماڻهن کي سولر انرجي ذريعي ٽي سئو يونٽ مفت فراهم ڪرڻ، غريب ماڻهن لاءِ ٽي لک گهرن جي تعمير، سڀني لاءِ مفت معياري تعليم ۽ مفت طبي سهولتن لاءِ اسپتالن جو نيٽ ورڪ لڳائڻ شامل آهن. نوڪري ڳوليندڙ نوجوانن کي هڪ سال لاءِ ماهوار وظيفي سان گڏ ووڪيشنل ٽريننگ جو واعدو پڻ ڪيو ويو آهي.زراعت ۾ سهولتن ۽ مزدورن جي ڀلائي جا به وڏا واعدا ڪيا ويا آهن. تنهن هوندي به بلاول ڀٽو زرداري آمدني وڌائڻ يا انڪم ٽيڪس ادا ڪندڙن جو انگ وڌائڻ لاءِ ڪو به قابل عمل منصوبو نھ ڏنو آھي. پيپلز پارٽي 17 اضافي وفاقي وزارتون ختم ڪري 300 ارب رپيا بچائڻ جو اشارو ڏنو ويو آهي.ڪنھن جامع مالي حڪمت عملي جي بنا، اهڙي پروگرام جي ڪاميابي جو امڪان گھٽ آھي.

معيشت جي بهتري لاءِ ٻه شيون ضروري آهن. هڪ ته چونڊن کان پوءِ سياسي استحڪام يعني ھارايل پارٽيون احتجاج جو طريقو اختيار نھ ڪن،ٻيو  پرڏيهي آهي. جيئن اھو چيو پيو وڃي تھ دوست ملڪ پاڪستان ۾ 50 کان 100 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪري سگهن ٿا.سيڙپڪاري لاءِ امن امان ضروري آھي.  ڏسڻو پوندو ته چونڊن جا ڪهڙا نتيجا اچن ٿا۽ انهن ۾ ڪامياب ۽ ناڪام ٿيندڙ ڪيتري حد تائين گڏجي ويهڻ ۽ ملڪ جي ڀلائي لاءِحڪمت عملي جوڙڻ لاءِ تيار ٿي سگهن ٿا.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.