عوام جي طاقت سان ڌانڌلي ٿيڻ نه ڏينداسين، مخالفن جو خاتمو ڪنداسين:اياز لطيف

حيدرآباد  (پ ر) سياسي سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر بدر چنا اياز لطيف پليجو جي حق ۾ هٿ کڻڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته اياز لطيف پليجو سنڌ جو  ھيرو ۽ ست ڪروڙ سنڌين سگھارو آواز آھي اياز لطيف پليجو سدائين سنڌين جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي آهي 8 فيبروري تي اياز لطيف پليجو کي ايوان ۾ پھچائينداسين ان موقعي تي اسماعيل وساڻ، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، قمر زمان راڄپر، پنھل ساريو ،ڪاشف صديقي پڻ موجود هئا، قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ پي ايس 60 قاسم آباد حيدرآباد جي اميدوار اياز لطيف پليجو کي واڻڪي وسي ڀرسان  اڪرام شاھ پاران آجياڻو ڏنو ويو، اڪرام شاھ حمايت جو اعلان ڪندي ووٽ ڏيارڻ جو يقين ڏياريو. حر ڪئمپ ۾ گھر گھر ۽ دڪانن تي پيادل وڃي اليڪشن ورڪ ڪيو، ان موقعي تي رھواسين ۽ واپارين اجرڪن جا تعفا ڏنا ۽ گلن جي ورکا ڪري شاندار استقبال ڪيو ٻئي پاسي ھاءِ ڪورٽ بار حيدرآباد کي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي چيو ته عوام جي طاقت، سان ڌانڌلي ٿيڻ نه ڏينداسين 8 فيبروري چورن، لٽيرن، ڪرپٽ سنڌ لٽيندڙ ۽ تباھ ڪندڙ آصف زرداري ٽولي ۽ پيپلزپارٽي جو خاتمو ۽ سنڌ جي عوام جي ڪاميابي جو ڏينهن ھوندو.گذريل پندرهن سالن دوران قاسم آباد سميت سڄي سنڌ کي عذاب، تڪليفن، مصيبتن کان سواءِ ڪجھ به ناهي ڏنو، سنڌ جو عوام پيپلزپارٽي ۽ زرداري ٽولي مان بيزار ٿي چڪو آهي. پيپلز پارٽي، زرداري مافيا سنڌي ماڻهن کي پنھنجو نوڪر سمجهي ٿي ھنن کي سنڌ سان ڪا به محبت ۽ دلچسپي ناهي، ھي سوداگر آھن. پيپلزپارٽي ۽ زرداري ٽولي کي صرف اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ عوام دوستي جا خوبصورت نعرا هڻي عوام کي بيوقوف بڻائي اقتدار حاصل کانپوءِ عوام کي بي يارومددگار ڇڏي، پنج سال گم ٿي ويندا آهن. ماما يوسف لغاري چيو ته اياز لطيف پليجو سنڌ جو حقيقي آواز آهي ھاڻي ھن جو آواز اسيمبلين ۾ گونجڻ گھرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.