طيبه گل جو اڳوڻي ڊي جي نيب خلاف عزت کي ڇيهو رسائڻ جو ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد (م ڊ) طيبه گل جو اڳوڻي ڊي جي نيب خلاف عزت کي ڇيهو رسائڻ جو ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي، اسلام آباد جي  ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ جنسي هراسمينٽ جو نشانو بڻيل طيبه گل جو اڳوڻي ڊي جي نيب شهزاد سليم خلاف عزت کي ڇيهو رسائڻ جو فوجداري ڪيس ٻڌڻ جوڳو قرار ڏنو ويو آهي، شهزاد سليم جي طرفان ميڊيا تي عزت کي ڇيهو لڳائڻ تي طيبه گل عدالت سان رابطو ڪيو هو، ٻڌڻي دوران عدالت چيو ته ايس ايس پي جي رپورٽ ۾ شهزاد سليم خلاف فوجداري ڪارروائي ڪرڻ جو ثبوت ناهي مليو، وڪيل چيو ته عدالت ۾ ٻڌايو ته شهزاد سليم ميڊيا تي ادا ڪيل لفظن جي ترديد ناهي ڪئي، شهزاد سليم الزامن کي وڌائي بيان ڪرڻ قرار ڏنو پر ترديد نه ڪئي، عدالت چيو ته ايس ايس پي رپورٽ ۾ به شهزاد سليم طيبه گل خلاف پنهنجي بيان جي ترديد ناهي ڪئي وئي، بادي النظر ۾ شهزاد سليم خلاف عزت کي ڇيهو رسائڻ جي شق بابت ڪيس ٺهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.