راولپنڊي (م ڊ) اڳوڻي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو آهي ته تحريڪ انصاف ۾ شامل نه ٿيڻ جا سبب ٻڌايان ته عمران خان جون ڏکيائيون وڌي وينديون. اڊيالا روڊ تي چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي چوڌري نثار چيو ته پي ٽي آءِ باني منهنجو پراڻو دوست آهي پر تحريڪ انصاف ۾ شامل ڇو نه ٿيس، اهو نٿو ٻڌائي سگهان، ٻڌايو ته عمران خان جون ڏکيائيون وڌي وينديون، مان دوست جي ڏکيائين ۾ واڌ نٿو ڪرڻ چاهيان. هن چيو ته مان ن ليگ ۾ 35 سال گذاريا، مون وٽ ڪيترائي راز آهن پر انهن تي تنقيد نه ڪندس، مان چاهيان ٿو ته چونڊن کانپوءِ عزت سان ڪنهن جماعت ۾ وڃان، 2018 جي چونڊن ۾ ڇا ٿيو، ان جو سبب ڪجهه ٻيو هو، ٻئي دفعي ٻڌائيندس.