ارسا ايڪٽ ۾ ترميم خلاف عوامي تحريڪ اڄ احتجاج جو اعلان

ميرپورخاص (پ_ر) نئون ڪوٽ پريس ڪلب ۾ صحافين  سان ڳالهائيندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار چيو ته وفاقي نگران سرڪار پنھنجا آئيني اختيار اورانگهيندي ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪري رهي آهي. ارسا ايڪٽ ۾ ترميم آئين جي آرٽيڪل 154 ۽ 155 جي ڀڃڪڙي آهي. آئين ۾ واضع لکيل آهي ته پاڻي سان لاڳاپيل معاملا گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) ۾ حل ڪيا ويندا. پاڻي جي وسيلن واري وفاقي وزارت ارسا ايڪٽ ۾ ترميم لاءِ وفاقي ڪابينا کي سمري موڪلي آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ملڪ ۾ اڻ اعلانيل ون يونٽ آهي، ون يونٽ واريون ملڪ دشمن پاليسيون ختم ڪري، ملڪ کي آئين ۽ قانون تحت هلايو وڃي. هن چيو ته پيپلز پارٽي ۽ پي ڊي ايم سرڪار جي جوڙيل اداري اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل تحت ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪرڻ ملڪ ۾ جهموريت سان مذاق آهي. ڪارپوريٽ زرعي فارمنگ لاءِ عسڪري ادارن ۽ غير ملڪين کي پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪئي پئي وڃي. سنڌ جو عوام ارسا ايڪٽ ۾ ترميم کي رد ڪري ٿو. سنڌي عوام پنھنجي وسيلن جي مالڪي لاءِ پرامن جمهوري جدوجھد ڪندو. هن چيو ته پنجاب جون لکين ايڪڙ زمينون آباد ڪرڻ لاءِ ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪئي پئي وڃي. ارسا ايڪٽ ۾ ترميم وسيلي ارسا چيئرمين مقرر ڪرڻ جو اختيار وزيراعظم حوالي ڪرڻ سخت مرڪزيت پسندي آهي. هن چيو ته ملڪ جي باني قائد اعظم محمد علي جناح سموري ڄمار صوبائي خودمختياري جي حاصلات لاءِ جدوجھد ڪئي. قائداعظم جي پاڪستان کي جمهوري اصولن تحت هلايو وڃي. ارسا ايڪٽ ۾ ترميم قائد اعظم جي اصولن جي انحرافي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.