لاڙڪاڻو (س ر) پيپلز پارٽيءَ ارسا ۽ نگران وفاقي حڪومت پاران لنڪ ڪئنال منصوبي ذريعي پنجاب جون 6 لک ايڪڙ کان وڌيڪ غيرآباد زمينون آباد ڪرڻ لاءِ لنڪ ڪئنال ذريعي پاڻيءَ جي فراهمي جي اين او سي جاري ڪرڻ ۽ ارسا ايڪٽ ۾ ترميم آڻڻ لاءِ آرڊيننس جاري ڪرڻ وارين ڪوششن تي سخت رد عمل ظاهر ڪندي ان عمل کي سنڌ جي پاڻيءَ ۽ صوبائي خودمختياريءَ تي ڌاڙو قرار ڏيندي مطالبو ڪيو آهي ته چولستان لاءِ لنڪ ڪئنال جي اين او سي فوري رد ڪئي وڃي ۽ ارسا ايڪٽ ۾ ترميم آڻڻ جي ڪوشش سنڌ کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه هوندي،پ پ اڳواڻ نثار کهڙو چيو آهي ته چولستان لاءِ لنڪ ڪئنال جي اين او سي ڏيڻ سان بهاول نگر، بهاول پور، رحيم يار خان ۽ چولستان جون غيرآباد زمينون سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙو هڻي آباد ٿينديون ان لاءِ سنڌ کي ارسا پاران جاري ڪيل هن اين او سي تي سخت اعتراض آهن، پاڻيءَ جي 1991ع واري معاهدي ۾ لنڪ ڪئنالن جو ڪٿي به ذڪر ناهي ان ڪري ارسا غيرآئيني طور لنڪ ڪئنال لاءِ اين او سي جاري ڪرڻ جو آئيني طور ڪو به اختيار نه ٿي رکي ۽ نگران وفاقي حڪومت جي هوندي ارسا اهڙو عمل ڪري پنهنجي اختيارين کان مٿانهون قدم کنيو آهي جيڪو غيرآئيني آهي. هن چيو ته ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پورو پاڻي نه پيو ڇڏيو وڃي ۽ سنڌ کي 91ع معاهدي تحت پاڻي فراهم نه ڪيو پيو وڃي ۽ پاڻيءَ جي ورهاست پيرا 2 تحت نه ڪئي پئي وڃي ۽ ويتر پاڻيءَ جي کوٽ باوجود چولستان لاءِ لنڪ ڪئنال منصوبي جي اين او سي ڏيڻ هڪ سواليه نشان آهي، پاڻي ۽ صوبائي خودمختياري تي ڌاڙو ۽ ارسا ايڪٽ ۾ ترميم آڻڻ جي ڪوشش کي سنڌ جو عوام ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندو ان لاءِ نگران وفاقي حڪومت سنڌ جي عوام کي ٻاهر روڊن تي نڪرڻ تي مجبور نه ڪري.