سرڪاري ملڪيتن تي جھنڊا ۽ اشتهار لڳائڻ خلاف ڪارروائي جاري رکڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نديم اختر ۽ جسٽس عبدالرحمان تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ ۾ عوامي هنڌن ۽ سرڪاري جاين تي سياسي بينر ۽ اشتهار لڳائڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت ۾ ڪراچي جو ميئر مرتضيٰ وهاب ۽ ٻيا پيش ٿيا، عدالت سرڪاري ملڪيتن تي سياسي بينر، جھنڊا ۽ اشتهار لڳائڻ خلاف ڪارروائي جاري رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، سياسي بينر ۽ جھنڊا لڳائيندڙ سياسي اڳواڻن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم برقرار رکيو ويو،  سنڌ هاءِ ڪورٽ چيو ته اشتهاري ڪمپنين جي سي اي اوز تي به ڪيس داخل ڪيو وڃي، ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪي ايم سي قانون موجب اشتهار ڏيڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، عدالت چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عمل ڪري رهيا آهيون، جسٽس نديم اختر  رمارڪس ۾ چيو ته نوا ضابطه ٺاهڻ جو حڪم ڏنو ويو پر پراڻو حڪم برقرار آهي، اسان سرڪاري ملڪيت کي غير قانوني طور استعمال ڪرڻ جي اجازت نٿا ڏئي سگهون، مرتضيٰ وهاب چيو ته ماضي ۾ فٽ پاٿ ۽ گرين بيلٽ هٽايا ويا ۽ هر هنڌ بل بورڊ لڳايا وي، .ماڻهن خانگي عمارتن تي بورڊ لڳائڻ شروع ڪري ڇڏيا، سرڪاري ادارن جو روينيو ماس بند ٿي ويو، پوءِ سپريم ڪورٽ نوان ضابطا ٺاهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، مرتضي وهاب چيو ته پنڌ جون پليون ڊهي رهيون هيون، منشيات فروش لوهه کي ڪٽي ان کي کڻي ويندا هئا، اهڙي طرح اشتهار لڳائڻ جي اجازت ڏني وئي ته جيئن اشتهار لڳائڻ واري ڪمپني ان جي ذميوار هوندي.عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته ڇا پنڌ وارن جي پلن ۽ ٻين پلن تي سياسي بينر لڳائڻ جي اجازت آهي؟ ڪراچي جي مئير چيو ته اهو غلط آهي، اهڙي ريت اسان جي روينيو کي به نقصان پهتو آهي، عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته توهان ايپڪس ڪميٽي کي ڇڏي ڏيو، اهو ڇا آهي؟ توهان هتي عدالت جي حڪم تي عمل ڇو نٿا ڪريو؟  عدالت چيو ته اسان توهان کي پنهنجو موقف بيان ڪرڻ جو پورو موقعو ڏينداسين، توهان ان ڳالهه کان انڪار نٿا ڪري سگهو ته سرڪاري ملڪيت جو غلط استعمال ٿي رهيو آهي.سڀني کي خبر آهي ته سرڪاري ملڪيتن سان ڇا ٿي رهيو آهي، عدالت به نوٽيس ورتو آهي، عدالت سرڪاري ملڪيتن تي سياسي بينر، جھنڊا ۽ اشتهار لڳائڻ خلاف ڪارروائي جاري رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، سياسي بينر ۽ جھنڊا لڳائيندڙ سياسي اڳواڻن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم برقراررکيو آهي،

عدالت چيو ته اشتهاري ڪمپنين جي سي اي اوز تي به ڪيس داخل ڪيو وڃي،  اليڪشن ڪميشن، ڪي ايم سي ۽ ٻين کي ايندڙ ٻڌڻي تي ايڪشن رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي، عدالت ٻڌڻي 6فبيروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.