زلف پيرزادي قلمي پورهيو ايمانداري ، جرئتمندي سان ڪيو:دودو ديشي

ڪراچي اوڀر(ن ع آ) جيئي سنڌ قومپرست پارٽي جي مرڪزي وائيس چيئرمن ڪامريڊ دودوديشي عوامي آواز جي ڊپٽي ايڊيٽرسينيئر صحافي ذلف  يرزادي جي لاڏاڻي تي پنهنجي تعزيتي بيان ۾ چيو آهي ته سنڌي صحافت جي دنيا ۾ ذلف پيرزادو هڪ منفرد ۽ سچو ماڻهو هو هن قلمي پورهيو ايمانداري ، جرئتمندي سان ڪيو سنڌي صحافت ۾ هڪ وڏو خال ٿيو آهي، ترقي پسند ۽ جاکوڙي بهترين صحافي هيو اسان ذلف پيرزادي جي وڇوڙي تي سندس ڀاءُ سنڌي ادبي بورڊ جي بڪ جي جنرل مئنيجر سليم پيرزادو، سهيل پيرزادو سميت مرحوم جي گهر ڀاتين، عزيزن مٽن مائٽن ۽ دوستن سان دلي طور ڏک جو اظهار ڪيون ٿا

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.