زلف پيرزادي جهڙن صحافين سنڌي صحافت ۾ نوان لاڙا متعارف ڪرايا: ساڃاهه وند

حيدرآباد: سنڌ فرينڊس آرگنائيزيشن حيدرآباد جي چيئرمين نامياري اديب شفيع محمد چانڊيو، پروفيسر ڪي ڊي خليل پرهيار، پروفيسر ڊاڪٽر ڀائي خان سولنگي، عاشق سولنگي، لطيف ملاح، منير ڀيلا، هيرو مل ۽ ٻين سنڌ جي نامياري صحافي، لطيف جي پارکو ۽ عوامي آواز جي ڊپٽي ايڊيٽر زلف پيرزادي جي وڇوڙي کي سنڌي صحافت جو وڏو نقصان قرار ڏيندي چيو آهي ته ذلف پيرزادو جهڙن صحافين سنڌي صحافت ۾ نوان لاڙا متعارف ڪرائيندي سنڌ دوست ۽ عوام دوست رستي تي وٺي وڃڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪيو, زلف پيرزادي جو وڇوڙو سنڌ ۽ سنڌي صحافت جو وڏو نقصان آهي.

  • سينيئر صحافي زلف پيرزادي جي لاڏاڻي تي اطلاعات کاتي پاران ڏک جو اظهار

ڪراچي (پ ر) اطلاعات کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل محمد سليم خان ۽ ڊائريڪٽر ايڊمن محمد يوسف ڪابورو سينيئر  صحافي زلف پيرزادي جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي سوگوار پونئرن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. سندن چوڻ آهي ته مرحوم زلف پيرزادو صحافت جي دنيا ۾ هڪ معتبر نالو هو ۽ سندس لاڏاڻي سان پيدا ٿيندڙ خال گهڻي وقت تائين ڀرجي نه سگهندو. هنن مرحوم جي مغفرت ۽ پونئرن لاءِ صبر جي دعا ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.