نوشهري فيروز ۾ پ پ اميدوار ممتاز چانڊئي کان ٻيهر سخت پڇاڻو

نوشهروفيروز(م ڊ) پي ايس 34 تي نامزد پ پ اميدوار ممتاز چانڊيو کي ويهڻ لاءِ ڳوٺاڻن کٽ به نه ڏني، اميدوار کان سخت پڇاڻو ڪيو  ويو،ممتاز چانڊيو ووٽ وٺڻ لاءِ نوشهرو فيروز  جي ڳوٺ ننڍا ڏنگراج پهتو ته ڳوٺاڻن کيس بيهاري ڇڏيو، ڳوٺاڻن پ پ اميدوار کان پڇيو ته اوهان اسان جي ڳوٺ ۾ ترقياتي ڪم ڇو نه ڪرايا؟ڳوٺاڻن چيو ته پيور بلاڪ اسڪيم جي بجيٽ منظور ٿي، اها ڇو هڙپ ڪئي وئي؟، ممتاز چانڊيو  جي گارڊ پاران ڳوٺاڻي کان موبائل فون کسڻ جي ڪوشش ڪئي وئي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.