لاڙڪاڻو(رپورٽ : عبدالوحيد ابڙو ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جو چوڻ آهي ته هو به مديني واري رياست جهڙيون وڏيون ڳالهيون ڪري سگهن ٿا پر کيس زميني حقيقتن جي خبر آهي. لاڙڪاڻي ۾ جميعت علماءِ اسلام طرفان لاڙڪاڻي ۽ قمبر شهدادڪوٽ ۾ عام چونڊون وڙهندڙ جميعت علماءِ اسلام ۽ جي ڊي اي اميدوارن جي چونڊ مهم جي سلسلي ۾ جامع اسلاميه ۾ تقريب ڪوٺائي وئي. تقريب کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته جيڪو ملڪ اسلامي نظام حيات لاءِ قائم ڪيو ويو هو، اڄ ان جو اسلامي چهرو مسخ ڪيو ويو آهي، سياست هڪ مقدس نالو آهي، سياست ڪوڙ ۽ ٺڳيءَ طور متعارف ڪرائي وئي، اهي به ڳالهائي سگهن ٿا. گهر اهڙن ماڻهن سان ڀرجي ويا آهن جن کي قرآن ۽ سنت سان ڪا به دلچسپي نه آهي، 1973ع کان وٺي اڄ تائين قرآن ۽ سنت جي مطابق ڪا به قانون سازي نه ڪئي وئي آهي. مولانا فضل الرحمان چيو ته برصغير جي مسلمانن هن وطن عزيز جي لاءِ قربانيون ڏنيون، لکين مسلمان شهيد ٿيا، اسان جي هزارين مائرن، ڀينرن پنهنجي عصمت جي لاءِ هن ملڪ لاءِ قدم کنيا پر 75 سالن دوران هڪ آزاد وطن جي حيثيت سان اسان جيڪو روشن مستقبل رکيو ڇا اسان اهو 75 سالن ۾ حاصل ڪيو. عوام، حڪمرانن، پارليامينٽ کي چوندس ڪير ٻڌي نه ٻڌي پر اسان پنهنجو فرض پورو ڪري اڳتي وڌنداسين، هن چيو ته اسان جي ملڪ ۾ ڌاڙيل طاقتور ۽ پوليس ڪمزور هي ڪهڙي رياست آهي گهران نڪرندڙ شهرين کي پڪ ناهي ته هو شام جو واپس ورندا يا نه.