زلف پيرزادو ايس اين ايس ايف ۽ ڊي ايس ايف جو نظرياتي اڳواڻ هو:ڪامريڊ امداد قاضي

حيدرآباد(ن ع آ) ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل ڪامريڊ امداد قاضي. سنڌ هاري ڪميٽي جي صدر پروفيسر مير  منور ٽالپر ۽ ڪميونسٽ پارٽي سنڌ جي سيڪريٽري ڪامريڊ اقبال پنهنجي بيان ۾ عوامي آواز جي ڊپٽي ايڊيٽر زلف پيرزادي جي وڇوڙي تي ڏک جي اظهار ڪندي چيو ته سنڌ جا ترقي پسند ۽ عوام دوست، زلف پيرزادي جي جدوجهد، قربانين ۽ خدمتن کي هميشه قدر جي نگاهه سان ياد رکندا. زلف پيرزادو، سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۽ پوءِ ڊي ايس ايف ڪراچي جو سرگرم ۽ نظرياتي اڳواڻ هو، جنهن کي جنرل ضياء جي دور ۾ ڪوڙن جي پڻ سزا ڏني وئي، صحافت جي ميدان ۾ پڻ زلف پيرزادي جي خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو. هنن مرحوم جي سڀني گهر ڀاتين، ساٿين ۽ عوامي آواز جي سٿ سان تعزيت، همدردي ۽ پنهنجائپ جو اظهار ڪندي زلف پيرزادي جي وڇوڙي کي سنڌ واسين جو اجتماعي نقصان قرار ڏيندي خراج تحسين پيش ڪيو.17

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.