چونڊن ۾ حصو وٺندڙ پارٽين وٽ عوامي ڀلائي جو منشور ڪهڙو آهي

تحرير: ذوالفقار واھوچو

هن وقت تائين پ پ پ، ن ليگ، پي ٽي آءِ، جي ڊي اي، جي يو آءِ سميت ڪنهن به سياسي يا مذهبي جماعت ملڪ ۽ عوام کي ترقي وٺرائڻ لاءِ ڪا پرڏيهي ۽ ڏيهي پاليسي  واضع ناهي ڪئي جنهن مان اهو لڳي ٿو ته ملڪ جا پاڙيسرين سان واپاري تعلق ڪئين هوندا، سرحدي ڀائيچاري بابت پاليسي ڪهڙي هوندي، بي روزگاري جي خاتمي لاءِ صنعت، واپار ۽ زرعي سڌارن ۽ زرعي ترقي لاءِ ڪهڙيون سهولتون فراهم ڪيون وينديون، قابل ماڻهن کي ملڪ اندر ڪيئن استعمال ڪيو ويندو ته جيئن ملڪ سياسي، معاشي، سماجي بهتري طرف اچي سگهي، وڏن ڪاروبارن سان گڏوگڏ ننڍن ڪاروبارن لاءِ قرض فراهم ڪيئن ڪبا،

سستي بجلي، گئس جو بندوبست ڪيئن ڪبو، انهن وڏن ننڍن ڪاروبارن کي هلائڻ ۽ ڪامياب ڪرڻ لاءِ جيڪا تربيت حاصل ڪيل فرد گهربل هوندا انهن جو بندوبست ڪيئن ۽ ڪهڙي طرح ڪندا، سوشل سيڪيورٽي جو ڪهڙو بندوبست هوندو، غربت جي خاتمي لاءِ ڪهڙي حڪمت عملي هوندي، ان جو بندوبست ڪيئن ڪندا ۽ ڪٿان ڪندا،  ملڪ اندر پائيدار جمهوريت ڪيئن قائم ڪندا، آئين جي عملداري قائم ڪرڻ لاءِ ڪهڙا اپا ورتا ويندا، صوبن کي خودمختيار ۽ بااختيار بڻائي وفاق کي سڀن لاءِ هڪ جهڙو بڻائڻ جي ڪهڙي حڪمت عملي هوندي، امن امان، عدل و انصاف ميسر ڪرڻ لاءِ ڪهڙي حڪمت عملي هوندي ته هر ڪنهن کي آساني سان سستو انصاف ميسر هجي، ڏوھن تي مڪمل ضابطو هجي، اسٽيبلشمينٽ جي ملڪي معاملن ۾ مداخلت کي ڪيئن بند ڪندا، فوج، رينجرس ۽ ٻين ادارن کان سرحدي حفاظت وارو ڪم ڪيئن وٺندا ۽ انهن جي جيڪا ڪاروبار، صنعت، زمين سميت هر ڪم ۾ مداخلت آهي ان کي ٻنجو ڪيئن ڏيندا.

اليڪشني سياست ۾ پيسي جو جيڪو استعمال آهي ان کي ڪيئن گهٽائي اليڪشن هر ملڪي ماڻهن لاءِ وڙهڻ. آسان بڻائيندا، قانون جي بالادستي ۽ پاسداري کي ڪيئن قائم ڪندا، اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽين جو ڄار ڪيئن وڇائيندا ، صاف پاڻي ۽ صحت بخش ماحول جو  بندوبست ڪيئن ڪندا، تعليم ته هر انسان جو بنيادي حق آهي ان کي لازم ڪيئن بڻائيندا، عورتن جي حقن جو تحفظ ڪيئن يقيني بڻائيندا، انهن جو ايوانن ۾ آبادي جي بنياد تي حصو مردن جي آبادي جي ڀيٽ ۾ ڪيترو هوندو، عورت کي پسند جي شادي، والد جي ملڪيت ۾ حصو، طلاق ڏيڻ جو حق ۽ صنفي آزادي ڪيتري هوندي، مذهبي ٿورائي سان تعلق رکندڙ   ماڻهو فوج، عدالت ۽ ملڪ جي سربراهه ٿيڻ وارو حق  ڪيئن فراهم ڪندا، آئين مطابق سڀ شهري برابر آهن ته پوءِ ان تي عمل ڪيئن ڪرايو ويندو، سمورن مذهبي عقيدن جي ماڻهن کي پنهنجي عبادتگاهن ۾ عبادت ڪرڻ ۽ انهي جي پرچار ڪرڻ جي ڪيتري آزادي هوندي، اسپتالون قائم ڪرڻ بدران بيمارين تي ضابطو آڻڻ ۽ صحتمند معاشرو قائم ڪرڻ لاءِ ڪهڙي حڪمت عملي هوندي، ان سميت ٻيا سڀ اهي مامرا جيڪي انساني ترقي ۽ ڀلائي واسطي هوندا انهن جو جوڳو بندوبست ڪرڻ لاءِ ڪهڙي حڪمت عملي هوندي، سنڌي سميت ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڪيئن ڏياربو، انهن جي ثقافت، رسم رواج، ريتن جي واڌاري جو بندوبست ڪيئن ڪيو ويندو، صوبن جا صوبن سان لاپاڳا ڪيئن بهتر ڪبا، پاڻي، ناڻي، روزگار جي حوالي سان جيڪي اختلاف آهن انهن جو پائيندار حل ڪيئن ڪڍيو ويندو، وفاق پاڻ وٽ محدود اختيار رکي باقي سڀ اختيار صوبن حوالي ڪري ۽ صوبا پنهنجي مڪاني حڪومتن ۽ ادارن کي ڪيترا اختيار ڏيندا جيئن ملڪي عوام کي دروازي تي سموريون بنيادي سهولتون ميسر ٿي سگهن.

انهن مٿين سمورن سوالن ۽ مسئلن جي حوالي سان اوهان کي ڪنهن به اليڪشني پارٽي جوڪو منشور نظر اچي پيو. ڪو اهڙو واعدو ڪندي اوهان انهن کي ٻڌو پيا، يا رڳو هڪ ٻئي کي ملڪ دشمن، پرڏيهي قوتن جا ايجنٽ، ملڪي اسٽيبلشمينٽ جا لاڏلا جا لقب ۽ فتوائون ٻڌو پيا، هنن مان هڪ به جماعت وٽ عوام کي ڏيڻ لاءِ ڪجهھ به ناهي عوام کان وٺڻ جا منصوبا تمام گهڻا آهن، ان سان گڏ اسٽيبلشمينٽ کي ريجهائڻ، ان سان وفادار رهڻ جون رڳو خاطريون آهن، اوهان سمجهو ٿا ته اها سياست جيڪا کوکلي آهي، اندران کاڌل آهي، اها ملڪ ۽ عوام جي ترقي ڪرائي سگهي ٿي ان ۾ اها  قوت آهي ته ملڪ ۾ حقيقي عوامي فلاحي رياست قائم ڪري ملڪ کي ترقي وٺرائي سگهي، مون کي ته هن وقت تائين مٿين اٿاريل سوالن بابت ڪنهن به پارٽي جو ڪو به منشور نظر نه آيو آهي، نه ئي انهن ۾ اهڙي ڪا ول نظر اچي ٿي، ته پوءِ اسان جو عوام ايڏي بي ھوش ڇو آهي؟ اسان انهن جي حق ۾ نعره ڇو ٿا هڻون، انهن جي ڪري هڪ ٻئي جا ڄنڊا ڇو ٿا پٽيون، هڪ ٻئي سان دشمنيون ڇو ٿا ڪريون، ان تي ته غور ڪريو، اسان پنهنجي ڀلائي لاءِ ڇو نٿا سوچيون، ڇا اسان اهو ٺيڪو کنيون آهي ته غربت ۾، بيمارين جهالت ۾، بي روزگاري ۾، تنگ دستي ۾ اسان نسل درنسل زندگيون گذاريون، اهو سڀ سمجهندي به ته انهن پارٽين وٽ اسان کي ڏيڻ ۽ هنن مسئلن مان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ ڪجهه به ناهي سواءِ سکڻن نعرن جي، آسرن جي، اچو ته پاڻ بدلايون ، پنهنجي سوچ بدلايون، ملڪ ۽ عوام جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ سياست ڪريون، هن ڪوڙ، ٺڳي، دوکي مان جان ڇڏايون، ان لاءِ عوام کي پنهنجي شعوري سگھه کي وڌائڻو پوندو ان کانسواءِ ٻيو ڪو به رستو نه آهي، جنهن سياست ۾ مضبوط ۽ پائيدار معشيت جو پروگرام شامل ناهي اها سياست عوام لاءِ قاتل زهر آهي.

سنڌي سميت ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڪيئن ڏياربو، انهن جي ثقافت، رسم رواج، ريتن جي واڌاري جو بندوبست ڪيئن ڪيو ويندو، صوبن جا صوبن سان لاپاڳا ڪيئن بهتر ڪبا، پاڻي، ناڻي، روزگار جي حوالي سان جيڪي اختلاف آهن انهن جو پائيندار حل ڪيئن ڪڍيو ويندو، وفاق پاڻ وٽ محدود اختيار رکي باقي سڀ اختيار صوبن حوالي ڪري ۽ صوبا پنهنجي مڪاني حڪومتن ۽ ادارن کي ڪيترا اختيار ڏيندا جيئن ملڪي عوام کي دروازي تي سموريون بنيادي سهولتون ميسر ٿي سگهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.