ڀائو زلف جي وڇوڙي جو گهاءُ، جيڪو ڀرجي نه سگهندو

تحرير: رازق ڏنو کوسو

عوامي آواز ۾ زندگي جو اڌ سفر مڪمل ٿي چڪو آھي ڪجھه  وقت عوامي آواز مان نڪري ٻين ادارن ۾ ويس پر خبر ناھي ڪيئن ٻيھر عوامي آواز پاڻ طرف ڇڪي ورتو،  اقبال ملاح ۽ زلف  پيرزادي مون کي عوامي آواز ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ  ڪراچي گھرايو، پر ان وقت ڊاڪٽر جبار خٽڪ صاحب جيڪو ھن قافلي جو سرواڻ ھو ان سان ملڻ لاءِ  ڪراچي نڪتس پر دير ٿي وئي ٻئي ڏينھن ڊاڪٽر جبار خٽڪ صاحب کي فون ڪيم ته سائين رات دير ٿي وئي ڪينٽ اسٽيشن تي ھوٽل ۾ رھيس مون کي وقت ڏيو ان وقت ڊاڪٽر جبار خٽڪ صاحب چيو ته آئون اسلام آباد نڪري چڪو آھيان توھان آفيس پھچي زلف  صاحب سان مٽينگ ڪيو ان وقت زلف  صاحب سان نمائندگي لاءِ  ميٽنگ ٿي جنھن اقبال صاحب سان فون تي رابطو ڪيو ته رازق ڏنو کوسو بدين کان آيل آھي ڊاڪٽر صاحب پاران رکڻ لاءِ  چيو آھي توھان به ڊاڪٽر صاحب سان ڳالھايو ان وقت منھنجي رکڻ لاءِ  ٽي فون لاڳيتو بزي رھيا اقبال ملاح مون سان ڳالھايو ته توھان ڀلي ڪم ڪيو، پر اداري جي پاليسي تحت اوھان زلف سان مٽينگ ڪيو آخرڪار رات جو وقت 11 وڳي مون کي رکڻ لاءِ  فيصلو ڪيو ويو جيڪو فيصلو اقبال ملاح ۽ زلف  پير زادو پاران ڪيو ويو بس آئون به اداري مان نڪري وري ساڳي ھوٽل تي اچي رھيس ٽن ڏينھن تائين نمائندگي لاءِ ڪراچي ۾ ويٺل رھيس.

آخرڪار اداري پاران رکيو ويو ان وقت ڪجھه  دوستن ساڙ به رکيو ته کوسو بدين کان ڪم نه ڪري ۽ مختلف طريقن سان اداري کي فون ڪندا رھيا پر زلف  پيرزادو وٽ سڀ شيون جيڪي مخالفت جيڪو فطري عمل آھي موڪليندا رھيا ۽ زلف  پيرزادو وٽ اھي شيون پھچنديون رھيون مون کي ڪڏھن به نه چيائين ته تنھنجي خلاف باھ ٻري پئي آھي پر تون دل کولي اداري  جي لاءِ  ڪم ڪر ڪنھن جي به ڳالهھ نه ٻڌ بس سندس ڏنل ھدايتن تحت مضبوط نيٽ ورڪ ٺاھي ڏنم جنھن بدلي ۾ مختلف وقتن تي مڃتا سرٽيفڪيٽ چيف ايڊيٽر صاحب طرفان ملندا رھيا بس زلف  پيرزادي سان اھڙو رشتو جڙي ويو جو روز فون تي سلام دعا به عادت بنجي وئي جڏھن به کيس فون ڪري چوندو ھئس ته سر بدين جون خبرون مليون ته ان وقت ڊيسڪ تي چوندو ھو ته کوسي جو فائل بدين کان پھتو آھي پر ھن شخص کي فون اٽينڊ ڪرڻ کانپوءِ فون کي بند ڪرڻ وسري ويندو ھو ھڪ دفعو مون به فون نه ڪٽيو اڌ ڪلاڪ تائين نيوز ۾ سندس فون منھنجي نمبر تي اينگيج رھيو زندگي جون ملاقاتون ٿينديون رھيون،

بدين . سکر . ميرپور خاص مطلب ته مون کي اقبال ملاح ۽ زلف  پيرزادو گڏگڏ رکندا ھئا گڏجاڻي ٺٽي ۾ ٿيندي ھئي، زلف  صاحب چوندو ھو ته کوسا نڪري اچ بدين گڏجي ھلنداسين مطلب اھڙو رشتو بڻجي ويو جو ڀائو سان محبت وارو تعلق جڙي ويو پنھنجي ذاتي ڪم سان جيڪڏهن ڪراچي ويندو ھئس ته به ڀائو زلف  سان ڪورنگي واري علائقي ۾ ملاقات ضرور ٿيندي ھئي چانهھ جو چسڪو لڳائي وٺندا ھئاسين.

ڪجھه  سال اڳ کيس فيملي سميت ٿر پارڪر گھمڻ جو شوق ٿيو محبتي انسان چيو ته کوسا ٻارڙا شوق ڪن پيا ته ننگرپارڪر ٿر گھمائي مون چيو مرشد اچو ڀلي ڪري اچو بس پوءِ مون فون ڪئي غازي بجير  کي ته زلف  صاحب فيملي سميت اچي پيو تياري پڪڙغازي بس دير ئي نه ڪئي وي آءِ پي رھائش فيملي لاءِ ڪرائي ورتي رات گذاري صبح ننگر پارڪر نڪري پياسين ڪاسبون . گوڙي جو مندر . جيم ڌرم وارا جا پوجا پٽ وارا ھند مطلب ته ٿر سمورو زلف  صاحب کي گھمائي کيس پيار محبت سان ڪراچي تائين پھچايو ان ٽوئر ۾ بابي اسان کي پنھنجي اولاد جيان پيار ڏنو بس زندگي جو ٽوئر ائين پنھنجي منزل تي ختم ٿيو روز بدين جي روڊن تي ٿيندڙ احتجاج سميت مختلف خبرون جيڪي زلف  صاحب وٽ پھچنديون ھنيون جيڪي مدثر سنگراسي حوالي ٿينديون ھنيون پر ڀاءُ مدثر ۽ ڊيسڪ جا سمورا ساٿي جيڪي ان سفر کي جاري رکندا. پر شايد اڄ واري عوامي آواز ۾ اھا خبر جڏھن لڳائڻ لاءِ  مدثر ڪنھن سب ايڊيٽر کي ڏيندو پر خبر کي ٺاھڻ به انھن لاءِ  مشڪل بڻجي ويندو انڪري جو ڪجھه  خبرون جيڪي ٺاھڻ ۽  لڳائڻ انھن لاءِ  مسئلو نه ھونديون پر زلف  پير زادي جي خبر تي سندن ھٿ ڏڪندا پر انسان ڏاڍو آھي وقت ان کي طاقتور بڻايو ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.