پاڪستان ۾ سال 2024 جي عام چونڊن ۾ باقي ڪجهه ڏينهن رهيا آھن،پر ھن ڀيري عام چونڊن بابت بي يقيني واري ڪيفيت سبب اڃا تائين سياسي جماعتن جي سرگرمين ۾ ڪو بھ جوش جذبو يا گرمي نظر نه پئي اچي،عام چونڊن تي غور ڪرڻ سان اھي ”گونگيون چونڊون“ محسوس ٿي رھيون آھن.ممڪن آھي تھ ان جا ڪي ٻيا سماجي سبب به ھجن پر اھا به حقيقت آھي ته عوام بيزار نظر اچي رھيو آھي.جنھن ڪري اڳي جھڙي نه رونق آھي نه ئي وري ڪي وڏا سياسي جلسا آھن،ڪجهھ سياسي ڌرين کي ھن وقت به اھائي شڪايت آھي تھ انھن کي ھڪجھڙا موقعا نه ملي رھيا آھن ، ملڪ جي وڏين سياسي پارٽين جي سرگرمين ۾ به اھو جوش نه رھيو آھي.
سمجھيو اھو پيو وڃي ته ھن ڀيري واريون عام چونڊون ھڪ رسم آھي جيڪا پوري ٿيڻ وڃي رھي آھي. چونڊن جي مند ۾ سياسي ڪارڪنن جي رسڻ پرچڻ جو مرحلو به ايندو آھي،پر ھنن چونڊن ۾ ھر سياسي جماعت گھڻن کي رسايو ۽ ٿورن کي پرچايو آھي. پاڪستان مسلم ليگ نون اليڪشن 2024ع لاءِ ” پاڪستان کي نوازي ڇڏيو“ جي عنوان سان پنهنجو چونڊ منشور پيش ڪري ڇڏيو.
مسلم ليگ نون جي قائد ميان نواز شريف جي صدارت هيٺ پارٽي سيڪريٽريٽ ماڊل ٽائون ۾ تقريب ٿي جنهن ۾ چونڊ منشور پيش ڪيو ويو. مسلم ليگ نون پنهنجي چونڊ منشور جاري ڪندي چيو ته ننڍن هارين کي بنا وياج قرض فراهم ڪندا، فصل جي نقصان جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪندا ۽ سمورين سرڪاري آفيسن کي ماحول دوست بڻايو ويندو، موسمياتي تبديلين جي اثرن کان ملڪ کي محفوظ بڻايو ويندو. چونڊ منشور ۾ چيو ويو آهي ته عدالتي ۽ انتظامي سڌارن جي رٿابندي ڪئي ويندي، آرٽيڪل 62 ۽ 63 کي اصل حالت ۾ بحال ڪيو ويندو.
عدالتي، قانوني، پنچائت سسٽم ۽ تڪرارن جي حل جو متبادل نظام هوندو، عدالتي، قانوني ۽ انصاف جي نظام ۾ سڌارا آندا ويندا، بروقت ۽ اثرائتو عدالتي نظام لاڳو ڪيو ويندو، ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ويندو ته وڏن ۽ مشڪل ڪيسن جو هڪ سال اندر فيصلو ٿئي، مسلم ليگ نون پنهنجي چونڊ منشور ۾ چيو ته ننڍن ڪيسن جو ٻن مهينن اندر فيصلو ڪيو وڃي، نيب جو خاتمو ڪيو ويندو، اينٽي ڪرپشن ادارن ۽ ايجنسين کي مضبوط ڪيو ويندو، ضابطه فوجداري 1898ع ۽ 1906ع ۾ ترميم ڪئي ويندي، اثرائتي، منصفاڻي ۽ بروقت پراسيڪيوشن ٿيندي.
نون ليگ پنهنجي چونڊ منشور ۾ چيو آهي ته عدالتي ڪارروائي سڌي ريت ڏيکاري ويندي، ڪمرشل عدالتون قائم ڪيون وينديون، سمنڊ پار پاڪستانين جي عدالتن کي بهتر ۽ مضبوط ڪيو ويندو، عدليا ۾ ڊجيٽل نظام قائم ڪيو ويندو، مالي سال 2025 ع تائين مهانگائي ۾ 10 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي ويندي، چئن سالن ۾ مهانگائي 4 کان 6 سيڪڙو تائين آندي ويندي، چونڊ منشور ۾ چيو ويو ته پنجن سالن ۾ هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ نوڪريون ڏنيون وينديون، ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو جي ڊي پي 1 ڏهائي 5 سيڪڙو تائين تائين ڪئي ويندي، پنجن سالن ۾ هر سال شيون ٻاهر موڪلڻ جو حدف 60 ارب ڊالر تائين پهچائڻ جو حدف مقرر ڪيو ويندو.
ن ليگ جي صدر شهباز شريف بلاول ڀٽو زرداري جو نواز شريف کي مناظري جو چئلينج مشروط طور تي قبول ڪري ورتو، لياقت باغ راولپنڊي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي شهباز شريف جو چوڻ هو ته هڪ سياسي اڳواڻ چيو ته هو نواز شريف سان مناظرو ڪرڻ چاهي ٿو، نواز شريف کي پنهنجي صوبي ۾ معائني لاءِ گھراءِ پوءِ مناظرو به ٿيندو ۽ ڀيٽ به ٿيندي، 8 فيبروري تي فيصلو ٿيندو ته ڪنهن خدمت ڪئي ۽ ڪنهن ڌِڪو ڏنو،
شهباز شريف جو چوڻ هو ته پنجاب ۾ نواز شريف اسپتالن ۾ مفت دوائون ڏنيون، دل تي هٿ رکي ٻڌايو ته پي ٽي آءِ ڇا ڪيو؟ نواز شريف کي هڪ ڀيرو وري وزيراعطم بڻايو، راولپنڊي کي لاهور نه بڻايو ته منهنجو نالو شهباز شريف ناهي، واعدو ڪريان ٿو ته نواز شريف جي خادم جيان خدمت ڪندس، ن ليگ جي صدر جو چوڻ هو ته نواز شريف لياقت باغ ۾ جيڪي واعدا ڪيا انهن کي پورو ڪيو، نواز شريف ميٽرو بس منصوبي جي مخالفت ڪئي وئي، ميٽرو بس تي اڄ هر طبقي سان واسطو رکندڙ سفر ڪندا آهن، نواز شريف جي منصوبا ڳڻڻ شروع ڪريان ته شام ٿي ويندي، نون ليگ قائد ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته هو شڪايتن جي موڊ ۾ ناهي، ماضي جون زيادتيون وساري مستقبل جي منصوبابندي ڪرڻ آيو آهي، لاهور ۾ چونڊ منشور جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته عوام جي خدمت ڪرڻ تي ڪيئي ڀيرا جيل جو منهن ڏسڻو پيو، انتقام نه ترقي واري سياست تي ڌيان کتل آهي، ماضي جون زيادتيون وساري مستقبل جي منصوبابندي ڪرڻ آيو آهيان، اڄ شڪايتن جي موڊ ۾ ناهيان. هن چيو ته اليڪشن جي ڀرپور تياري ڪري رهيا آهيون، الله موقعو ڏنو ته منشور تي عمل ڪنداسين، اسان اِهو ئي ڪنداسين جيڪو اسان جي منشور ۾ هوندو،
اپوزيشن ۾ ويٺاسين ته اهو ڪم ڪڏهن نه ڪنداسين جيڪو انهن ڪيا، اِهو اسان جو منشور آهي، نواز شريف چيو ته ملڪ گهڻن مسئلن ۾ ڦاٿل آهي، ملڪ کي سمورن مسئلن مان ڪڍڻ چاهيون ٿا، عمل تي پري جي ڳالهه، ڪجهه ماڻهن وٽ ته منشور ئي ناهي، پاڪستان ۾ سڀ کان وڏو مسئلو معيشت ۽ مهانگائي آهي. هن پي ٽي آءِ قيادت کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته اسان هڪ سٺي روايت وڌي، آصف زرداري کي صدر طور قبول ڪيو، اسان جي منشور ۾ ناهي ته حڪومت کي هٽائڻ لاءِ لانگ مارچ ڪيون، پي ٽي آءِ وارن جو ڪم ئي ڌرڻا ۽ احتجاج آهي، اهڙن ماڻهن جي ڪري چيني صدر ٻه ڀيرا پنهنجو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو پر اسان کي موقعو مليو ته اِهو ئي ڪنداسين جيڪو اسان جي منشور ۾ لکيل آهي،
هن وڌيڪ چيو ته ملڪ کي ڏيوالي کان بچائڻ جي سياسي قيمت ادا ڪئي، سدائين اصولن تي سياست ڪئي، ڪڏهن سوچيندو آهيان ته غلطي جو پتو لڳائڻ گهرجي، صبر کان ڪم وٺي رهيو آهيان، مارشل لا دور بابت نه ٿو ڳالهائڻ چاهيان. اميد ته پاڪستان جو ڀلو ٿيندو باقي سنڌ ۾ پ پ پ جو راڄ آهي ۽ بلوچستان ۾ به پ پ پ اليڪشن کٽڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي وفاق ۾ ن ليگ، پ پ پ ، پي ٽي آئي ۽ جهانگير ترين گروپ جو مقابلو آهي ڏسون ڪير تو حڪومت ٺاهي.