ٻلهڙيجي جي مٽيءَ کي سڏڻ جي تڪڙ ڇو آهي

تحرير: ذوالفقار راڄپر

اسان اڃان ڪراچي مان انور پيرزادو ۽ ستار پيرزادو جي سرد لاشن جو ٻلهڙيجي ڏانهن سفر جو درد دلين مان ڪڍي نه سگهيا آهيون ته وري ٻلهڙيجي جي مٽي جي بي وقتائتي تڪڙي سڏ سنڌ جي ترقي پسند صحافت ۾ پڙهيل لکيل نظرياتي قافلي ۾ آيل وقتي طور ڏڪر جهڙي طرف ويندڙ صورتحال ۾  باقي بچيل پڙهيل ڳڙهيل صحافين جي ساٿ مان هڪ اهم ناليواري واري زلف پيرزادي کي به ٻلهڙيجي جي قبرستان تڪڙي سڏ گهرائي ورتو. سنڌ ۽ هند جي عظيم تهذيب موهين جو دڙو ۽ سنڌو ڪناري جي هنج ۾ لڏندڙ ٻلهڙيجي ڳوٺ ۾ جيڪا هڪ دور ۾ ترقي پسند فڪري تحريڪ جي لهر آئي هئي، ان جا نشان آهستي آهستي ٻلهڙيجي جي قبرستان جي مٽيءَ جي سڏن تي به مٽجي نه سگهيا آهن ۽ قبرن جي اندران به اڄ انور پيرزادو، ستار پيرزادو، لطف پيرزادو، سروچ پيرزادو ۽ ٻيا بظاهر دفن ٿيل پنهنجي پنهنجي دور جا ڪردار ۽ قصا پنهنجون آکاڻيون نئين نسل کي ٻڌائي رهيا آهن، هاڻي انهن جي محفل ۽ ڪچهري ۾ زلف پيرزادو به پهچي ويو جنهن ننڍڙي عمر ۾ ضيا جي فوجي آمريت ۾ قيد خاني جو سير سفر ڪيو،

بقول رياض پيرزادي جي ته  لطف پيرزادو کي ڦٽڪا لڳا هئا پر زلف پيرزادو به لانگ بوٽن جو تشدد برداشت ڪيو، پر هن آمريت کان نفرت ۽ عالمي پورهيت انقلاب جي خوابن کي پنهنجي سجاڳ نيڻن ۾ مرڻ نه ڏنو ۽ بوڇڻ ڇنڊي ڪراچي پهتو ۽ پنهنجي فڪري استاد انور پيرزادو جي روح ۾ رلجي عوامي آواز اخبار کي پنهنجو ٽڪاڻو بڻايو. زلف پيرزادو ۽ هن جي ٻين ساٿين جي نظرياتي، فڪري ۽ تنظيمي طريقي ڪار سان اختلاف ٿي سگهن ٿا پر اها ڳالهه اهم آهي ته اڄ جڏهن سنڌي صحافت ۾ آهستي آهستي يا تيزيءَ سان پڙهيل لکيل نظرياتي ۽ دنياداري جي هوس کان پري رهندڙ ميڊيا مالڪن، ايڊيٽرن، سب ايڊيٽرن، رپورٽرن ۽ نيوز ڊائريڪٽرن جو ڏڪر ٿي رهيو آهي اتي زلف پيرزادو اهڙي دور جو هڪ خاص معني ۾ منفرد ۽ نرالو صحافي، تجزيه نگار ۽ ليکڪ هو، جنهن ڊاڪٽر جبار خٽڪ جي سربراهي ۾ سنڌ جي واحد ترقي پسند اخبار روزاني عوامي آواز جي هنج ۾ ترقي پسند صحافت جي خدمت ڪئي. هن جي زندگيءَ ۽ ڳالهين يا ڪن عملن ۾ ڪي جهول ٿي سگهن ٿا پر هن عوامي آواز جي نظرياتي ۽ ترقي پسند صحافت ۾ پنهنجو پير پوئتي نه ڪيو.

اڃان ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچيءَ پريس ڪلب جي ڪينٽين ۾ صحافي مظهر عباس سان صحافي يونين جي خبرن جي  حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي ته هن چيو ته اسان کي خبر آهي ته اردو ۽ سنڌي ميڊيا ۾ عوامي آواز واحد ادارو آهي جتي اها خبر مري نه ٿي سگهي، ڇنڇر جي شام جو جڏهن مظهر عباس جي ڪتاب جي مهورت جي خبر ڪنهن ٻي سنڌي اخبار جي صحافي گهري ته مان هن کي چيو ته اوهان وٽ اها خبر نه هلندي يا لولي لنگڙي ڪري اندرين صفحي ۾ هڻندا جو ان ۾ اسٽيبلشمينٽ ۽ ان جي ادارن تي تنقيد ٿيل آهي، ٿيو به ائين، عوامي آواز ۾ وڏي خبر ٿي لڳي، جنهن لاءِ مظهر عباس چيو ته کيس خبر هئي ته ڊاڪٽر جبار خٽڪ ۽ هن جو سٿ  ان خبر جي اهميت ۽ ضرورت جي آگاهي رکن ٿا.يقينن ان ۾ زلف جو نالو به اهم آهي، مظهر عباس کي پنهنجي هن نظرياتي ساٿي جي وڇوڙي جو به بيحد گهڻو افسوس ٿيو آهي، مظهر عباس جي خبر ته عوامي آواز جي ليڊ هئي، پر زلف پيرزادو ٻلهڙيجي جي واپسيءَ جي سفر تي نڪري چڪو هو. مان هميشه نيوز ايڊيٽر مدثر سنگراسي سان گڏ زلف کي به خبر موڪليندو هوس ته جيئن هڪ جي موڪل ڪري خبر نه گسي وڃي. مدثر به عوامي آواز جي اداري جو جهونو ساٿي آهي، ان به پنهنجي فڪر ۽ اداري جي پاليسي کي پٺي نه ڏني آهي.

زلف پيرزادو نه فقط پنهنجي دل، دماغ ۽ اداري ۾ ترقي پسند فڪري صحافت کي مرڻ نه ڏنو  پر جڏهن ڪراچيءَ پريس ڪلب ٻاهران ترقي پسند شاگرد يا ٻين تنظيمن ۾ هن جي نياڻي ورثاء کي ڏسندو ۽ ڪلب  اندر لبرل انداز ۾ گهمندي ڦرندي ڏسندو آهيان ته مون کي خوشي ٿيندي آهي ته زلف پيرزادو انهن نئين پيسي واري بڻيل پوڊاهي ڪلاس جي والدين وانگر نه آهي جن پنهنجي احساس ڪمترين جو علاج پنهنجي ٻوليءَ، ادب، سياسي فڪر کان فراريت ڪندي اولاد کي پنهنجي ڌرتي ۽ مٽن مائٽن دوستن ۽ عوام جي مسئلن، الله لوڪ طبعيت کان شعوري طور پري رکي ڪوڙي دنيا جي فراڊي دنياداري جو غلام بڻائي پاڻ کي معزز ۽ منفرد سمجهي رهيا آهن. خالدہ پيرزادو جي شخصيت کي به ڏسڻ بعد زلف پيرزادو کي روايتي مڙس واري ڪردار ۾ ڏسي نه ٿو سگهجي. زلف اداري جي ڊيسڪ جي اهم ذميوارين ڪري پريس ڪلب گهٽ ايندو هو، پر جڏهن به ايندو هو ته پهريان مون کي فون ڪري ڪينٽين يا ٻين ڳالهين بابت معلومات وٺندو هو، يا هن جي غير موجودگيءَ ۾ هن مهمانن يا ورثا کي ڪينٽين جي سروس جي حوالي سان پارت ڪندو هو.

ٻلهڙيجي جي قبرستان جي مٽيءَ کي  اهڙي تڪڙي  سڏ جي ضرورت نه هجڻ گهرجي، هن انور پيرزادي، ستار پيرزادي وانگر زلف کي به تڪڙو سڏ ڪري هڪ وڏو ڏوهه ڪيو آهي، کيس شايد اها خبر ناهي ته سنڌي صحافت ۾ زلف پيرزادو جهڙن صحافين جي جاءِ تي اهڙن نالي ۾ صحافي نوجوانن جي ٻوڏ اچي وئي آهي، جيڪي نه اخبار ۽ نه ڪتاب، علم ادب ۽ تاريخ پڙھڻ ٿا، جيڪي جلدي نئين گاڏين وٺڻ ۽ رنگين راتين ۽ محفلن سجائڻ لاءِ صحافت جي دنيا مٿان ٿاڦيا ويا آهن، جو انهن ڪري ڪيترائي حقيقي صحافي پاڻ کي عوام ۽ ادارن ۾ صحافي سڏائڻ کان لنوائي رهيا آهن. سنڌ جي صحافت ۾ ايماندرانه ۽ فڪري عوام دوست صحافت جي ٻي جنم لاءِ انور پيرزادو جي تسلسل کي برقرار رکندڙ زرار پيرزادي وانگر زلف پيرزادي جي ضرورت هئي ۽ هن جي ٻلهڙيجي واپس وڃڻ جي تڪڙ ۽ ضرورت نه هئي، زلف پيرزادو جي اوچتي وڇوڙي جو درد سنڌي ترقي پسند صحافت، عوامي آواز جي سٿ، ان ۾ لکندڙن ۽ پڙهندڙن لاءِ هڪ اوچتو آيل وڏو زلزلو ۽ خال پيدا ٿي ويو  آهي. جنهن جي نئين جنم لاءِ ٻلهڙيجي جي قبرستان جهڙي مٽي جي بي وقتائتن سڏن جي مزاحمت ۽ رستا روڪ ڪرڻي پوندي. اميد ته هن جي سٿ جا باقي بچيل ساٿي، زال ۽ اولاد زلف پيرزادي جو ٻيو جنم ٿي دنياداري جي نشي کي لتاڙي اڳتي نڪري ايندا. عوامي آواز جو سٿ به هن کي نه وساريندو.

اڄ جڏهن سنڌي صحافت ۾ آهستي آهستي يا تيزيءَ سان پڙهيل لکيل نظرياتي ۽ دنياداري جي حوس کان پري رهندڙ ميڊيا مالڪن، ايڊيٽرن، سب ايڊيٽرن، رپورٽرن ۽ نيوز ڊائريڪٽرن جو ڏڪر ٿي رهيو آهي اتي زلف پيرزادو اهڙي دور جو هڪ خاص معني ۾ منفرد ۽ نرالو صحافي، تجزيه نگار ۽ ليکڪ هو، جنهن ڊاڪٽر جبار خٽڪ جي سربراهي ۾ سنڌ جي واحد ترقي پسند اخبار روزاني عوامي آواز جي هنج ۾ ترقي پسند صحافت جي خدمت ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.