سنڌ پريميئر ليگ ۾ ميرپورخاص ٽائيگرز جو حصو بڻجڻ تي خوش آهيان: شعيب اختر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي فاسٽ بالر شعيب اختر چيو آهي ته سنڌ پريميئر ليگ لاءِ دبئي مان خاص طور ڪراچي آيو آهيان، ڪامياب ايونٽ تي سنڌ پريميئر ليگ جي انتظاميا کي مبارڪباد پيش ڪيان ٿو.
ڪراچي ۾ گفتگو ڪندي شعيب اختر چيو ته سنڌ پريميئر ليگ ۾ ميرپورخاص ٽائيگرز جو حصو بڻجڻ تي خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان، مون کي ميرپورخاص ٽائيگرز جو برانڊ ايميسڊر بڻايو ويو آهي.
هن چيو ته سنڌ پريميئر ليگ ڪرائڻ جو فيصلو تمام سٺو آهي، ليگ جي سڀني فرنچائزز نوجوان رانديگرن کي پليٽ فارم فراهم ڪيو آهي، ايونٽ ڪرائڻ ۾ سنڌ پريميئر ليگ انتظاميا جون وڏيون ڪوششون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.