بلاول ڀٽو پي ٽي آءِ جا ووٽ حاصل ڪري سگهندو؟

لاهور (عوامي آواز نيوز) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو نواز شريف مخالف موقف  اسٽيبلشمينٽ ۽ خود نواز شريف جي فائدي ۾ آهي.  نامياري تجزئي نگار مزمل سهر وردي جو چوڻ آهي ته بلاول ڀٽو ن ليگ تي ڇتي ۽ سخت تنقيد ڪري پي ٽي آءِ ووٽرن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائي رهيو آهي،جنهن جي نتيجي ۾ نواز شريف مخالف  ووٽ جيڪو ن ليگ کي نه ملندو اهو بلاول ڀٽو زرداري کي ملي ٿو ته اهو نواز شريف لاءِ قابل قبول آهي. ڇو ته پي ٽي آءِ بطور پارٽي پنهنجي بيٽ  واري نشان سان موجود نه آهي. ان ڪري اهو ممڪن آهي ته نواز شريف دشمنيءَ  ۾ پي ٽي آءِ جو حامي يا همدرد بلاول ڀٽو کي ووٽ ڏيڻ پسند ڪري جنهن سان عمران خان کي سياسي طور ڪاپاري ڌڪ رسندو، ان ڪري اسٽيبلشمينٽ کي به بلاول ڀٽو جو موقف قبول آهي. رهيو سوال ته بلاول ڀٽو پنهنجي موقف سان عمران خان کي ڪيترو نقصان ڏئي سگهي ٿو. اهو ته وقت ٻڌائيندو. نامياري صحافي مبشر لقمان سان ڳالهائيندي مزمل سهروردي جو چوڻ آهي ته 9 مئي واقعا عمران خان جي ڳچيءَ پئجي چڪا آهن. ان ڪري هاڻي سندس سياسي مستقبل نه آهي. جڏهن ته بلاول ڀٽو به سياسي طور  ن ليگ کان وڌيڪ عمران خان کي سياسي نقصان پهچائيندو. ان ڪري نواز شريف ۽ اسٽيبلشمينٽ کي بلاول ڀٽو جو موقف نه صرف قبول آهي پر پسند به آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.