واعدو ڪيون ٿا ته ڪچين آبادين کي پڪو ڪنداسين : آصفه ڀٽو زرداري

ڪراچي (رپورٽر )شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي نياڻي بيبي آصفه ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي ئي پاڪستان جي پورهيتن  جي ترجمان آهي. ڪراچي جي ڪياماڙي ضلعي ۾ مختلف هنڌن تي چونڊ مهم جي سلسلي ۾ خطاب ڪندي آصفه ڀٽو زرداري چيو ته  مان ۽ بلاول توهان جو آواز بڻجنداسين، اسان واعدو ڪريون ٿا ته ڪچين آبادين کي پڪو ڪنداسين ۽ مالڪاڻا حق ڏينداسين.8 فيبروري تي تير تي ٺپو هڻي بلاول ڀٽو کي وزير اعظم بڻايو، مزدور ڪارڊ ۽ هاري ڪارڊ اوهان جي زندگين ۾ انقلابي تبديليون آڻيندا. آصفه ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي ۾ عوام جي خدمت ڪرڻ جو جذبو آهي، 8فيبروري توهان جو نشان تير آهي ۽ توهان کي تير کي ڪاميابي ڏيارڻي آهي، پاڪستان پيپلز پارٽي هن ملڪ جي واحد پارٽي آهي جيڪا عوام کي طاقت جو سرچشمو سمجهي ٿي. بلاول ڀٽو جيڪڏهن وزيراعظم ٿيو ته غريبن کي 300 يونٽ مفت بجلي فراهم ڪندو ۽ 30 لک گهر ٺاهيندو. آصفه ڀٽو سان گڏ پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن جو صدر سعيد غني، اڳوڻو ايم اين اي عبدالقادر پٽيل، جاويد ناگوري، خليل هوت، همايون خان، لياقت آسڪاڻي آصف خان، عبدالقادر مندوخيل پڻ موجود هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.