سال ۾ 400 سيڪڙو گئس مهانگي ٿيڻ باوجود پيٽ نه ڀريو، وڌيڪ اگهه وڌائڻ جي سفارش

اسلام آباد(م ڊ) آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) گئس جي اگهن ۾ وڌيڪ واڌ جي سفارش ڪري ڇڏي. پيٽروليم واري وزارت جي ذريعن موجب اوگرا گئس جي اگهن ۾ 41 سيڪڙو وڌيڪ واڌ جي سفارش  ڪئي آهي ۽ حڪومت جي منظوري کانپوءِ ايندڙ مهيني کان قيمتن ۾ واڌ جو امڪان آهي.  پيٽروليم واري وزارت جي ذريعن موجب اوگرا گئس جي اگهن ۾ 41 سيڪڙو وڌيڪ واڌ جي سفارش ڪئي آهي ۽ حڪومت جي منظوري کانپوءِ ايندڙ مهيني کان قيمتن ۾ واڌ جو مڪان آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اوگرا هڪ سال دوران گئس جي قيمتن ۾ 400 سيڪڙو اضافو ڪري چڪو آهي. ياد رهي ته گئس جي اگهن ۾ واڌ بابت نئون ٽيرف نومبر کان لاڳو ٿي ويو آهي ۽ نئين پاليسي تحت گهريلو صارفين کي ٻن ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي، هڪ ڪيٽيگري غير محفوظ ۽ ٻيو تحفظ آهي. هن ڊويزن تحت اهي گهريلو صارفين جن 4 مهينن دوران يعني نومبر کان فيبروري تائين سراسري طور 91 سينٽي ميٽر يا ان کان وڌيڪ گئس استعمال ڪئي آهي، انهن کي غير محفوظ ۽ 90 کان گهٽ گئس استعمال ڪندڙ کي تحفظ ڏنو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.