عبدالله شاهه غازي ڳوٺ بلاڪ -جي ڊاهڻ جو اطلاع، سوين رهواسين جو سخت سيءَ ۾ ڌرڻو

ڪراچي اوڀر (رپورٽ: شفقت نوناري) ڪراچي عبدالله شاھ غازي ڳوٺ جي بلاڪ کي امڪاني طور تي ڊاھڻ جي اطلاع ملڻ بعد رھواسي وڏي انگ ۾ ٻاھر نڪري آيا جن روڊ مٿان شاميانا لڳائي معصوم ٻارڙن سميت سخت  سرديءَ ۾ احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري بلڊر مافيا پوليس ۽ اينٽي انڪروچمينٽ فورس خلاف سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ غازي ڳوٺ جي بلاڪ ڪاميٽي جي چيئرمين محرم راڄپر، اسحاق کوسو، رمضان کوکر، اصغر اڄڻ، محب سھتو ۽ ٻين دانھيندي چيو تـ  ھي ڪٿان جو قانون ۽ انصاف آھي جو پنھنجي ڌرتي جي مالڪن لاءِ انھن جي رھڻ لاءِ ڌرتي تنگ ڪئي وئي آھي ھنن چيو تـ اسان کي اطلاع مليو آھي اڌ رات جو ھيوي مشينري ذريعي ڳوٺ کي ڊاھڻ جون ڊي ايس اوڀر جي اڳواڻي ۾ پوليس ۽ اينٽي انڪروچمينٽ طرفان تياريون ڪيون ويون آھن ھن وقت اسان پنھنجا اجھا بچائڻ لاءِ معصوم ٻارڙن سان گڏجي روڊن تي ڪري ويھي رھيا آھيون انتظاميا کي پھريان اسان جي لاشن تان گذرڻو پوندو مگر محنت مزدوري مان ٺھرايل گھر ڊاھڻ نـ ڏينداسين ھنن چيو ته انتظاميا پئسن جي لالچ ۾ صفا انڌي بڻجي چڪي آھي جيڪي ٻـ ھزار کان وڌيڪ قائم ٿيل گھر ڊاھڻ جي ڪوشش ڪري رھي آھي ھنن سنڌ جي نگران وڏي وزير ۽ ٻين اختيارن کان گھر ڪئي تـ قديمي قائم غازي ڳوٺ جي بلاڪ کي ڊاھڻ جي ڪوشش جو نوٽيس ورتو وڃي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.