ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني جي سڏ تي تحريڪ انصاف ڪارڪنن ڪراچي، لاهور، پشاور سميت مختلف شهرن ۾ ريليون ڪڍيون پر پوليس ڪريڪ ڊائون ڪندي ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو.
راولپنڊي ۾ جاتلي جي علائقي ۾ پوليس ڪريڪ ڊائون ڪري 10 ڪارڪنن کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.
پشاور ۾ به ريلي ڪڍي وئي پر پوليس ريلي کي رنگ روڊ تي روڪي ورتو، ان موقعي تي پوليس ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪن هٿين پئجي ويا، پوليس ڪيترن ئي پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو.
ڪراچي ۾ ڪلفٽن ۾ ريلي ڪڍي، جتي پوليس 50 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو، لاهور ۾ علامه اقبال روڊ تي ريلي ڪڍي، پوليس جي وڏي نفري اتي مقرر هئي پر ڪارڪنن جي وڏي انگ سبب رستي تان هٽي وئي.
You might also like