ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي سربراهه ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ چيو آهي ته رياست گونگي ۽ ٻوڙي آهي، بلوچن لاءِ لانگ مارچ سڄي مظلوم بلوچن جو آواز بڻجي ويو آهي، بلوچ مائرون پنهنجن پٽن جي پيدائش تي روئي رهيون آهن، بلوچ جذباتي نه نظرياتي آهن، هي اسان تي ڪڏهن به رحم نه ڪندا، مان هجان يا نه، هي تحريڪ اوهان جي امانت آهي. اسلام آباد ۾ بلوچن سان انصاف ناهي ٿيو، اسان جا قاتل اسلام آباد ۾ اسان جي سامهون ويهاريا ويا، پشتون تحفظ موومينٽ جو سربراهه منظور پشتين اسان سان يڪجهتي لاءِ اچي رهيو هو پر کيس گرفتار ڪيو ويو، بلوچن کي هاڻي صف بندي ڪرڻي پوندي.اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪوئيٽا جي سرياب روڊ تي شاهواڻي اسٽيڊيم ۾ بلوچ يڪجهتي ڪميٽي پاران ڪوٺايل اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ماما قدير بلوچ، حاجي عبدالحق، ڊاڪٽر منظور بلوچ، سميع دين محمد بلوچ، نور باچا ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته رياست کي ان جي ٻولي ۾ سمجهائڻ ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته اهي گونگا ۽ ٻوڙا آهن. اهو اسان جي ڪيترن ئي شهيدن جي رت ۽ قربانين جو نتيجو آهي جو اڄ اسان رياست جي ظلم خلاف بيٺا آهيون. تربت کان لانگ مارچ جيڪو بالاچ لاءِ هو، اهو سڀني مظلوم بلوچن جو آواز بڻجي ويو 1948ع يا 1971ع ناهي، هي 2024ع آهي ۽ هي بنگال ناهي، هي بلوچستان آهي، هي تحريڪ بلوچستان جي بقا جي تحريڪ آهي ۽ اها تحريڪ اهڙيءَ طرح هلندي رهندي.وائس فار مسنگ پرسنز اڳواڻ سمي دين بلوچ چيو ته هن رياست جي اوقات اها آهي ته مظلوم عورتن جي احتجاج کي دٻائڻ لاءِ ڪرائي جي قاتلن جو سهارو ورتو ويو. اسان جي آواز کي دٻائڻ لاءِ هر طريقو استعمال ڪيو پيو وڃي. ڇا بلوچ نسل ڪشي جي خاتمي، ظلم بند ڪرڻ ۽ انهن کي حق ڏيڻ جا مطالبا ايترا مشڪل آهن جو حل نٿا ٿي سگهن؟طاقتور ڌرين کي سمجهڻ گهرجي ته عوام هاڻي جبري گمشدگين کي برداشت نه ڪندو. هاڻي توهان نه اسان پنهنجي زندگي جو فيصلو ڪنداسين، مزاحمت زندگي آهي، مزاحمت ئي بقا آهي، مزاحمت شعور آهي. ليڪچرار ۽ ليکڪ پروفيسر منظور بلوچ چيو ته اسان اوهان کي ٻڌائڻ آيا آهيون ته اڄ پاڪستاني رياست پريشان آهي. انهن کي ڪيئن خاموش ڪجي، جڏهن نواب بگٽي کي شهيد ڪيو ويو ته پوءِ جيڪا موج اُڀري ۽ جيڪو جذبو ظاهر ڏياريو خضدار، پنجگور ۽ مختلف علائقن کي بلوچن لاءِ ڪربلا بڻائي ويو هو. ڊيٿ اسڪواڊ وارا چوندا هئا ته اسان خضدار کي هتان منتقل ڪنداسين. پاڪستان کي پاليندڙ بلوچستان جا نوجوان بيروزگار آهن، اڄ جو جلسو ريفرينڊم آهي. ٽارچر ڪيمپن ۾ بلوچن تي ظلم جا جبل ٽوڙڻ وارا حيران آهن ته آخر بلوچ ڇو نه ٽٽن؟ شهيد نواب اڪبر بگٽي سنڌي عورت کي انصاف ڏيارڻ لاءِ جبلن جو رخ ڪيو ۽ شهيد ٿي ويو.پي ٽي ايم بلوچستان جي صدر ۽ اڳواڻ نور باچاڻي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ماهه رنگ بلوچ پنهنجي بلوچ قوم لاءِ جيڪي تڪليفون برداشت ڪيون، پختون کيس سلام پيش ڪن ٿا. هن چيو ته رياست جو مڪروه چهرو دنيا سامهون وائکو ڪيو، هي پاڻ کي انساني حقن جو علمبردار سمجن ٿا، هتي جيڪا ٽارگيٽ ڪلنگ ٿي ۽ بم ڌماڪا ٿيا انهن سڀني جي پويان رياست ملوث آهي. اسان جان اچڪزئي، سرفراز بگٽي ۽ انهن جهڙن غدارن تي لعنت ڪيون ٿا. پنجاب جا حڪمران ياد رکو سڀ مظلوم هاڻي متحد ٿي رهيا آهن توهان بچي نه سگهندا. هي رياست جنهن طرح ظلم ڪري رهي آهي، اسان پنجابي خلاف بلوچن سان گڏ آهيون. ميڊيا ۾ ويٺل دلالن کي چئون ٿا ته اچو اسان سان مناظرو ڪريو.